• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پي ٽي سي ايل لينڊ لائن سروس هاڻي موبائل فون تي

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ


پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽد (PTCL) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو SmartLink جي نالي سان اهڙي ايپليڪيشن متعارف ڪرائي آهي جنهن جي ذريعي PTCL جا صارف پنهنجي موبائل جي مدد سان ڪنهن به جڳهه تان پنهنجي لينڊ لائين نمبر جي ذريعي لينڊ لائن جي اگهه تي ڪال ڪري سگهن ٿا ۽ ڪال وصول ڪري سگهن ٿا.

هي ايپليڪيشن بنا ڪنهن سبسڪرپشن يا ماهوار خرچي جي دستياب آهي. هن اپليڪيشن جي ذريعي اوهان تڪڙا مسج به موڪلي سگهو ٿا. 150 کان وڌيڪ ٽي وي چينل ڏسي سگهو ٿا.
في الحال هي اپليڪيشن صرف اينڊرائيڊ لاءِ دستياب آهي ۽ جلد ئي آئي فون لاءِ به دستياب هوندي.
 
سهولت ڪيتري به ڏين پر وري به اسپيڊ جا چڪر وڏا ٿيندا. :( في الحال ته ايوو ۾ اسپيڊ ئي گهٽ آهي. :)
 
ڇا اڳ کان موجود ڪميونيڪيشن ۽ انٽرنيٽ جي سهولت باوجود اضافي خرچو گهرندڙ پي ٽي سي ايل جي هي ايپليڪيشن فائدي وارو سودو هوندو...؟
ٻيا کڻي نه به جواب ڏين پر مون جهڙا سرڪاري آفيشلز هن ايپليڪيشن مان خوب فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا... :)
 
Back
Top