محمد فھيم چنه
سينيئر رڪن
جيئن ته هن فورم ۾ کوڙ سارا موضوع گڏ ڪيا ويندا آهن جيڪي سڀ تمام اھم ۽ وقت جي ضرورت پڻ آهن. هي سڀ موضوع فورم جي هر ميمبر کي ڄاڻ جو اڻمٽ خزانو مهيا ڪن ٿا ۽ سندن علم جي اڃ کي ڪافي قدر ضرور اجهائن ٿا. پر اسان جي اڪثر سنڌي ڀائرن کي ان سان گڏ مالي سهاري جي پڻ اشد ضرورت آهي خاص ڪري اهڙن ڀائرن کي جي پڙهيل لکيل ۽ آ.ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل آهن پر بيروزگار آهن. انهن لاءِ هن گروپ ۾ هڪ الڳ موضوع روزگار رکيو وڃي جنهن ۾ روزگار جي موقعن کي هائلائيٽ ڪيو وڃي ۽ خاص طور تي آن لائن ڪمائڻ جي موقعن کي زير بحث آندو وڃي ته جيئن انهن تعليم يافته بيروزگار ڀائرن جو ڪجھ ڀرجھلو ٿي سگهي. ان ڏس ۾ ڪنهن به ميمبر وٽ اهڙي ڪا ڄاڻ هجي ته ضرور شيئر ڪري.