ڇا سنڌ دوستي جي دعويدارن کان پڇاڻي جي شروعات نه ٿيڻ گهرجي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    گذريل 33 سالن کان ماڻهن کي اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيارڻ جي دعويدار، سنڌ جي حقن لاءِ مخالف ڌر ۾ احتجاج ڪندڙ ۽ اقتدار ۾ اچي مضبوط ترين وفاق جي سياست ۾ يقين رکندڙ پيپلزپارٽي جي چوٿين حڪومت جي دور جي ٽين بجيٽ هلندڙ هفتي پارليامنٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. اها بجيٽ امڪان آهي ته جنرل مشرف دور جي ٽيم جو ساٿي ۽ عالمي مالياتي ادارن لاءِ هڪ ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندڙ ناميارو معاشي ماهر ۽ هاڻي ”پيپلزپارٽي“ جو سينيٽر ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ پيش ڪندو. ملڪ ۾ جاري اقتصادي بحران پنهنجي جاءِ تي، پر پيپلزپارٽي وٽ اقتصادي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ پيپلزپارٽي جي هاڻوڪي حڪومت جو چوٿون ناڻي وارو وزير آهي. سوا ٻن سالن جي مدي ۾ چار وفاقي وزير. اسحاق ڊار، نويد قمر، شوڪت ترين ۽ هاڻي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ. چار ئي چونڊيل يا چونڊرايل نمائندا پر انهن مان به ٻه ديسي ۽ ٻه درآمد ٿيل. مان اڄ اوهان کي انگن اکرن جي گورک ڌنڌي ۾ گهڻو نه منجهائيندس پر رڳو ”عوام دوست“ ۽ صوبائي خودمختياري جي ”پاسدار“ پيپلزپارٽي حڪومت جي سوچ يا ذهنيت کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ڇاڪاڻ ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ”سنڌ دوست“ هجڻ جي دعويداري ڪندڙ پارٽي کان ڪجهه پڇاڻي جو عمل شروع ڪجي.
    گذريل 12 سالن جي مدي دوران پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ درآمدي وزيرن جو لاڳيتو استعمال لڳي ٿو ته اڻٽر ٿي پيو آهي. جنرل مشرف دور ۾ امپورٽڊ وزيرن تي ڇتي تنقيد ڪندڙ عوامي حڪمراني جي دعويدار پيپلزپارٽي کي به آخر درآمدي وزيرن تي ڀاڙڻو پيو ۽ شوڪت ترين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سموري پروفيشنل زندگي ٻاهرين ملڪن جي معيشتن کي بهتر ڪرڻ ۾ جاکوڙيندڙ ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي چونڊ ڪئي ويئي. اوهان کي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ ڏيندو هلان. اها ته سڀني کي خبر آهي ته جيڪب آباد شهر جي پاڙي فرسٽ فيملي لائين، عبدالنبي شيخ روڊ (سندس والد صاحب جي نالي سان) سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر حفيظ شيخ، حميديه هائي اسڪول جيڪب آباد مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. بوسٽن يونيورسٽي مان معاشيات ۾ گريجويشن ڪرڻ بعد هو ڪيمبرج جي هارورڊ يونيورسٽي سان لاڳاپيل رهيو. بعد ۾ ڊاڪٽر حفيظ شيخ عالمي بئنڪ جي اهم عهدن تي فائز رهيو ۽ سعودي عرب ۽ ارجنٽينا ۾ بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر رهڻ کانسواءِ سري لنڪا، فلپائن، ملائشيا، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، ويت نام، رومانيه، چيڪ ريپبلڪ، بنگلاديش، اردن، قطر، مالٽا، بوٽسوانا، تنزانيه ۽ گهانا سميت 18 ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏنائين. ڊاڪٽر حفيظ شيخ ٻيهر پوئتي مڙي نه ڏٺو. ايتري حد تائين جو سندس فرسٽ فيملي لائين وارو اباڻو گهر اڄ هڪ کنڊر جو ڏيک ڏيئي ٿو. سندس اباڻي گهر جي ٻن ڪمرن جون ڇتون اڄ به ڊٺل آهن. سال 2001ع ۾ فوجي آمرن جي نظر ٽيلينٽڊ ڊاڪٽر حفيظ شيخ تي پئي ۽ هن کي سنڌ ۾ ناڻي واري صوبائي وزير جو قلمدان حوالي ڪيو ويو. موجوده اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولي جو خالق اصل ۾ ڊاڪٽر حفيظ شيخ ئي آهي. سال 2003ع ۾ جنرل مشرف جي نئين حڪومت بعد ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي سينيٽر چونڊرائي نجڪاري جي وفاقي وزارت حوالي ڪئي ويئي. نجڪاري ۽ سيڙپڪاري جي ماهر سمجهي ويندڙ ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي انهيءَ مدي دوران پاڪستان ۾ بجلي، صنعتن، بئنڪنگ ۽ ٽيليڪام شعبي ۾ 34 ادارا 300 ارب روپين ۾ نجي شعبي حوالي ڪيا ويا. سندس دور ۾ ملڪ ۾ جملي سيڙپڪاري هڪ ارب ڊالرن کان وڌي 5 ارب ڊالرن تائين پهچي ويئي. پي ٽي سي ايل کي دبئي جي اتصالات ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ واري انتهائي تڪراري ڊيل به سندس ئي زماني ۾ ٿي هئي. سال 2006ع ۾ وزارت جو قلمدان ڇڏڻ بعد هن نوڪري ڪرڻ کان پاسو اختيار ڪيو ۽ سيپٽيمبر 2007ع ۾ ايشيا جي Growing Economies ۾ سيڙپڪاري ڪرائيندڙ هڪ ڪمپني ”نيو سلڪ روٽ“ جو جنرل پارٽنر (سيڙپڪار) ۽ سندن دبئي واري شاخ جو چيئرمين بڻيو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. هندستان جي امير سيڙپڪارن رجت گپتا، وڪٽر مينيز ۽ پراگ سڪسينا جي هي ڪمپني، نيو سلڪ روٽ سرمائيدارن کي مختلف ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرائيندي آهي ۽ اڄ تائين اسرندڙ معيشتن ۾ 1.4 ارب ڊالرن جي ڪامياب سيڙپ ڪاري ڪرائي چڪي آهي. شوڪت عزيز ڇا هو، سندس ڪم به لڳ ڀڳ ساڳيو هو. 1999ع ۾ ناڻي واري وزير ٿيڻ کان اڳ هو اڄ به انتهائي اهم عهدن تي ويٺل پاڪستان جي سياستدانن، بيوروڪريٽس، ريٽائرڊ جرنيلن ۽ صنعتڪارن جي Black Money کي White Money ڪرائڻ ۽ سيڙپڪاري ڪٿي ڪرڻي آهي جا ڏس ڏيندو هو ۽ گس ٻڌائيندو هو. ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي باري ۾ خبر ناهي ته هو اهو ساڳيو ئي ڪم ڪري ٿو، پر هڪڙي ڳالهه جي پڪ آهي ته هو سيڙپڪاري ضرور ڪرائيندو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ ڄائو ڊاڪٽر حفيظ شيخ سنڌ يا مجموعي طور تي پاڪستان ۾ اقتصادي حالت کي بهتر بنائڻ ۾ ڪيتري قدر مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. سنڌ مان چونڊيل هي سينيٽر پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي ڏڪار جي خاتمي ۾ ڪهڙيون پاليسيون جوڙي ٿو ۽ سڀني کان وڏي ڳالهه ته هو سنڌ لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟ جيڪڏهن هو سينيٽ ۾ سنڌ جي ”نمائندن“ رحمان ملڪ، فاروق نائيڪ، رضا رباني، فيصل رضا عابدي ۽ قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي نمائندن فوزيه وهاب، روبينا قائم خاني، شيري رحمان، فرح ناز اصفحاني جيان ئي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ٿو ۽ سنڌ جي موقف کي ”ٻاراڻو“ قرار ڏيئي ٿو ته پوءِ حساب ڪتاب لاءِ به تيار رهي.
    کڻي اتفاق چئجي يا بدقسمتي، پر ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي هن نئين ٽاسڪ جي شروعات ڪجهه بهتر نه ٿي هئي. پهرين ڏينهن تي ئي هن کي آمريڪا ۽ آئي ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ واشنگٽن اسهڻو پيو. پاڪستان جي معيشت جو مرڪز ويلفيئر بدران سيڪيورٽي رهيو آهي ۽ ”عوامي“ حڪومت کي ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي پهرين ڏينهن تي جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان آمريڪا ياترا لاءِ اماڻڻو پيو. مون کي پڪ ناهي ته ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي انهي پهرين آمريڪا ياترا دوران ملڪ جي معيشت کي سڌارڻ ۽ پاڪستان کي ويلفيئر رياست بنائڻ بابت ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، پر صاف نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ مالي سال غريب ماڻهن لاءِ انتهائي سخت حالتن جي خبر ٻڌائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر حفيظ شيخ عالمي مالياتي ادارن جو سکيا ورتل آهي ۽ انهن ادارن جون پاليسيون ڪنهن کان ڳجهيون ناهن هونديون پر پاڪستان کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آءِ ايم ايف جون هاڻوڪيون ڪڙيون شرطون مڃڻ کي ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي کاتي ۾ نٿو وجهي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو هن ”عوامي“ حڪومت نومبر 2008ع ۾ طئي ڪري ڇڏيو هو. جنرل سيلز ٽئڪس کي ويليو ايڊڊ ٽئڪس (ويٽ) سان تبديل ڪرڻ واري شرط به انهي وقت جي مڃيل آهي. ڊاڪٽر حفيظ شيخ رڳو واشنگٽن ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ ٿيل انهي معاهدي کي پاڻي ڏيڻ ۾ رڌل آهي.
    ڊاڪٽر حفيظ شيخ پنهنجي پهرين ڪانفرس کي خطاب ڪندي ويٽ معاملي تي سنڌ جي ان اصولي موقف جي حمايت ڪئي هئي، جنهن ۾ سنڌ جو چوڻ آهي ته خدمتن تي ويٽ اوڳاڙي جو آئيني ۽ قانوني حق سنڌ جو آهي، پر ڊاڪٽر حفيظ شيخ سنڌ کي اهو حق ڏيارڻ ۾ في الحال مظلوم سان گڏ بيٺل ڪونهي. جيڪڏهن سنڌ جو موقف درست آهي ته هو ڇو ناڻي واري وفاقي وزارت جو انچارج هجڻ باوجود ملڪ جي سنڌ مخالف بيروڪريسي هٿان بي وس بڻيل آهي. ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي بي وسي ته پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جون پنهنجون ڪوششون پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪاموراشاهي جي ضد آڏو ڪو نتيجو نه پيون ڏين. سنڌ جي موقف کي اثرائتي نموني پيش ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه، سندس صلاحڪار ڊاڪٽر قيصر بنگالي ۽ ناڻي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل پيچوهو کي ڏيڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي سنڌ مخالف فيصلن ۾ روايتي طور سخت دٻاءُ وجهڻ باوجود قائم علي شاهه جو موقف تي اٽل رهڻ ساراهه جوڳو آهي.
    مرڪز، سندن ڀائيوارن پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي هڪ پاسي هجڻ باوجود سنڌ جو ويٽ واري معاملي تي بيهي وڃڻ جو مثال ان کان اڳ نٿو ملي. صدر زرداري جي سربراهي ۾ ٿيندڙ هڪ گڏجاڻي ۾ ته ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ڊاڪٽر حفيظ شيخ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته اسان کي عالمي مالياتي ادارن جي نمائندن تي اعتبار ئي ڪونهي. اين ايف سي جي شروعاتي گڏجاڻين دوران مملڪتي وزير حنا رباني کر تي به عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو هو. هاڻي ويٽ معاملي تي ٻيهر ساڳي حنا رباني کر کي هڪ ڪميٽي جو سربراهه بنايو ويو آهي ۽ مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻڌايو وڃي ٿو ته صدر صاحب وٽ ٿيل گڏجاڻي ۾ هڪ موقعي تي ته قائم علي شاهه جو رويو ناڻي واري وزارت جي ڪامورن سان انتهائي سخت هو. ايتري حد تائين جو اڄ تائين ويٽ جي اوڳاڙي کي سنڌ جو آئيني ۽ قانوني حق قرار ڏيندڙ قائم علي شاهه ته هڪ نجي ڪچهري ۾ اهو به چيو هو ته خدمتن تي ويٽ سنڌ کي نه ڏنو ويو ته هو وڏ وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ کي ترجيح ڏيندو. سندس هن موقف تي هو جس لهڻي ٿو ۽ اميد آهي ته هو پنهنجي ان موقف تي لاڳيتو بيٺل رهندو ۽ ويٽ معاملي تي سنڌ جي خلاف ڪو فيصلو اچڻ جي صورت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نواز، ڊاڪٽر حفيظ شيخ ۽ حنا رباني کر جي ها ۾ ها ملائڻ بدران سنڌ جي ماڻهن سان گڏ اچي بيهندو. سنڌ جي وڏ وزارت جو عهدو سنڌ جي ماڻهن جي خواهشن، جائز مطالبن ۽ حقن کان وڌيڪ بالڪل به نه آهي.
    ڊاڪٽر حفيظ شيخ هڪ پروفيشنل اسائنمنٽ تي آيل آهي. هو پنهنجو ڪم انتهائي ايمانداري سان نڀائي رهيو آهي. سنڌ کي ڪيترو فائدو ٿئي ٿو ۽ ڪيترو نقصان، اهو شايد هن ڀيري سندس Job Description ۾ شامل نه آهي. ڪو اچرج نه ٿيندو ته هو پنهنجو ڪم ڪري دبئي جو ”نيو سلڪ روٽ“ وٺي واپس نڪري وڃي. بالڪل ائين جيئن شوڪت عزيز آيو هو ۽ پنهنجو ڪم ڪري واپس نڪري ويو هو. پيپلزپارٽي به صوبن، خاص طور تي سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ واري پنهنجي 33 سالن واري ايجنڊا تي دل سان ڪم ڪري رهي آهي. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته پيپلزپارٽي جا وزيرن ۽ وڏيرن کي سنڌ جي ماڻهن جي حقن ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ ٿيندڙ احتجاجن جي بالڪل به پرواهه نه آهي. ڪراچي ۾ استادن ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن تي آمراڻي دور جهڙو تشدد هاڻي عوامي حڪومت لاءِ ڪو مسئلو ئي ناهي رهيو.
    ويٽ معاملي تي ٿيندڙ هر قسم جي گڏجاڻين ۾ جڏهن سنڌ جو چِٽو موقف سامهون اچي چڪو آهي، ۽ اهو به ٻي ڪنهن نه، پر سنڌ جي وڏي وزير ۽ سندس سٿ پاران ته پوءِ ناڻي واري وفاقي وزارت ڇا جي لاءِ بار بار سنڌ کي زوري ماري مڃائڻ تي بضد آهي. اها ڳالهه بالڪل ائين آهي جيئن سنڌ جي ڪالاباغ ڊيم جي رٿا جي سخت مخالفت باوجود اسٽيبلشمنٽ، پنجاب، مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽي جو هڪ حصو ڪالاباغ ڊيم کي اڏڻ تي بضد آهن ۽ وقفي وقفي سان ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪيئن به ڪري سنڌ کي راضي ڪري وٺجي. ڪالاباغ ڊيم معاملو هجي يا خدمتن تي ويٽ جي وصولي، ڇو روزانو گڏجاڻيون ڪري سنڌ تي دٻاءُ وڌايو پيو وڃي. منهنجي ذاتي راءِ موجب پيپلزپارٽي جون پاليسيون سنڌ جي ماڻهن لاءِ هاڻي انتهائي هاڃيڪار ٿينديون وڃن پيون. تنهن ڪري هاڻي پيپلزپارٽي سنڌ جي پارٽي هجڻ جي دعويداري کان هٿ پٽي ٻين پارٽين جي قطار ۾ پاڻ بيهاري ته بهتر ٿيندو. سنڌ جو ماڻهو به هاڻي پيپلزپارٽي کي ٻين پارٽين جيان ٽريٽ ڪري سندس احتساب ڪري.
    جيئي سنڌ محاذ پاران ويٽ معاملي تي مرڪز جي رويي، سنڌ جي پاڻي تي قبضي ۽ بدامني خلاف 12 جون تي هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. انهي هڙتال کي روايتي هڙتال بدران هڪ اثرائتي احتجاج ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هي مسئلو رڳو جيئي سنڌ محاذ جو نه آهي. احتجاج جو سڏ جيئي سنڌ محاذ ڏيئي يا ٻيو ڪو، منهنجي راءِ موجب ان ڏينهن تي جيڪڏهن ٻيون سموريون قومپرست پارٽيون ۽ سول سوسائٽي سميت پيپلزپارٽي جا اهي چونڊيل نمائندا ۽ اڳواڻ مرڪز جي انهي ارهه زورائي خلاف ۽ ان تي چپ جو روزو رکندڙ سمورن چونڊيل نمائندن جي گهرن آڏو احتجاج ڪري پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪن ۽ پڇاڻي جي عمل جي شروعات ڪن. سڏ ڪير به ڏي پڇاڻي جي شروعات سان سنڌ ۾ ڪافي موبيلائزيشن ڪري سگهجي ٿي ۽ مرڪز ۽ پيپلزپارٽي تي ڪافي دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو. هونئن ته اسان جا چونڊيل نمائندا پنهنجن تڪن ۾ عيد مراد تي نظر ايندا آهن، پر جيڪڏهن نه به موجود هجن ته به سندن گهرن ۽ اوطاقن آڏو پرامن احتجاج، يا بک هڙتال ڪري به مرڪز کي اهو پيغام ڏيئي سگهجي ٿو ته اوهان جون پاليسيون ۽ اوهان جي ها ۾ ها ملائيندڙ اسان جي نمائندن جون بند اکيون، بند ڪن ۽ سبيل چپن باوجود اسان پنهنجو جهموري، آئيني، اصولي ۽ اخلاقي حق استعمال ڪري رهيا آهيون. تڪ جا شهري جيڪڏهن انهي بک هڙتال يا احتجاج ۾ مڪمل طور شامل نه ٿين ته علامتي طور شامل ٿي پنهنجو فرض ادا ڪري سگهن ٿا. وهنوار جي ڳالهه آهي، اوهان جڏهن انهن کي ووٽ ڏنا آهن يا جيڪڏهن نه به ڏنا آهن ته هڪ شهري جي حيثيت ۾ به پڇاڻي جو حق رکو ٿا. پڇاڻي جو ڪو به پر امن ۽ جمهوري طريقو استعمال ڪري سگهجي ٿو.


    محسن ٻٻر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو