جَڏهِ ڪُن فَيَڪُون، مَنُ تَڏَاهَڪُون مَارُئَين
تُون ڪِنءِ وِجِهين تَنَ کَي، سُومِرَا شَڪُون
هَمِيرَنِ هَڪُون، جَاڙَ جُسَي کَي پَاتِيُون
سُرُ مَارُئِي
جَڏهِ = جڏهن
ڪُن فَيَڪُون = ٿيءُ، پوءِ اُها ٿي پئي.جڏهن خدا تعالي' ڪنهن ڳالھ جو ارادو ڪري ٿو تڏهن فقط چئي ٿو ”ٿيءُ“ تہ اُها ٿي پئي ٿي.
مَنُ = دل
تَڏَاهَڪُون = تنهن وقت کان وٺي
مَارُئَين = مارن سان جڙيل آهي
ڪِنءِ = ڪيئن
سُومِرَا = هتي سومرا مان مراد عمر سومرو بادشاھ آهي.جنهن 1355ع کان 1390ع تائين حڪومت ڪئي. عمر سومرو کي رعيت جي ننگن ۾ هٿ وجهڻ جي علت هئي.
حوالو : تاريخ طاهري ليکڪ مير طاهر محمد ۽ تحفتہ الڪرام ليکڪ مير علي شير قانع،
ورتل شاھ جو رسالو مرتب ڊاڪٽر گربخشاڻي صفحو 559 .
شَڪُون = ڪِلِيُون، بند
هَمِيرَنِ = اميرن، بادشاهن
هَڪُون = زنجيرون
جَاڙَ = اجايو، هروڀرو، بي فائده
جُسَي = جسم ۾
بيت جو پس منظر
~ جڏهن کان خدا تعالي' اَمُرُ ڪيو ٿيءُ تہ ڪائنات جي تخليق ٿي پئي، تڏهن کان منهنجي دل پنهنجي مارن سان جڙيل آهي.
~ او سومرا ! تون ڪيئن ٿو منهنجي جسم کي ڪِلِيُون هڻي بند ڪرين.
~ هنن اميرن تہ اجايو منهنجي جسم کي زنجيرون پارايون آهن.
سمجهاڻي
مارئي چئي ٿي :
جڏهن کان مولا پاڪ هن ڪائنات جي تخليق ڪئي آهي. زمين آسمان، سج چنڊ، درياھ سمنڊ ۽ ٻيون سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. تنهن وقت کان ئي منهنجي دل پنهنجي ماروئڙن سان جڙيل هئي.
او عمر سومرا ! جيڪا دل ۽ جسم اڳيئي مارن جي قبضي ۾ آهي ان کي ويتر ڪوٺن ۾ بند ڇا جي لاءِ ٿو ڪرين.
عمر بادشاھ ! هن جسم کي تو اجايو زنجيرن ۾ قيد ڪيو آهي. هي اصل کان ئي مارن جي هئي، آهي ۽ رهندي.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____