مان ڪيترائي ڀيرا آمريڪا کي پاڪستان ايندي ۽ ويندي ڏٺو آهي. هاڻي ته مان ان جي قدمن جو آواز به سڃاڻڻ لڳو آهيان. شروع ۾ اهو آواز تيز هوندو، مورڳو پاڻ ئي قومن جو تيز ٺڙڪو ڪندو هو. پهرين آمد ”ٿينڪ يو، آمريڪا“ سان ٿي. خيرات ۾ ڏني ويندڙ ڪڻڪ اسانکي مفت ڏئي احسان ڪيو ويندو هو. ٻه هٿ ملندي نظر اچڻ سان گڏوگڏ ريلوي انجڻڻ کان ويندي، هوائي اڏن، ڪئنالن ۽ انهن جي جي پُلين تي هڪڙي ئي قسم جو ڇپيل بينر چنبڙيل نظر ايندو هو. هڪ هٿ جي تريءَ تي آمريڪي جھنڊو ۽ ٻئي تي پاڪستاني جھنڊو کنيل نظر ايندو هو ۽ هيٺان لکيل هوندو هو ته ”ٿينڪ يو، آمريڪا“ اُها ٻي ڳالهه آهي ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ جيڪا ڪڻڪ کائڻ جا عادي هئاسين، تنهن جو ذائقو ئي پنهنجو هو. اسان لاءِ آمريڪي ڪڻڪ بي ذائقه هئي ۽ جتي جتي به اُها ڏني وئي، شايد ئي ڪنهن کاڌي هجي. اڪثر ماڻهن ته اها ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي ڇڏي هئي ۽ ان ڪڻڪ جي آخري ٺڪاڻو اسان جي ڍورن جا ڪونَرَ هوندا هئا. آمريڪا عامُ ماڻهوءَ کي پنهنجي بي مزه ڪڻڪ ڏئي، اسانجي حڪمرانن کي ڊالرن جي اهڙي ته لَتَ هنئي، جو اُهي پاڻ به اسانجي لاءِ آمريڪي ڪڻڪ ئي بڻجي ويا. پهريون ڀيرو 1965ع واري جنگ کانپوءِ آمريڪا اسان وٽ هليو ويو. 1970ع ۾ وري يحيٰ خان تي مهربان ٿيو، پر ان مهربانيءَ جي دور ۾ اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي نقشي ۾ رنگ آمريڪا ئي ڀريا هئا. باقي بچيل پاڪستان ۾ حڪمرانيءَ لاءِ آمريڪا ذوالفقار علي ڀٽو جي منظوري ڏني هئي، پر ڀٽي صاحب جلد ئي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا. اردن جي ليبارٽريءَ ۾ تيار ڪيل هڪ فوجي آفيسر، جيڪو پاڪستان اچي جنرل بڻجي ويو، تنهن تي آمريڪا کي تمام گهڻو ڀروسو هو. ان جي دور ۾ آمريڪا وري مهربان ٿيو ۽ هن ڀيري اسانکي دهشت گردن، هٿيارن ۽ ڊالرن جي امداد ملي. اها امداد آمريڪي ڪڻڪ کان به وڌيڪ بي ذائقه، پر بنهه بدبودار هئي. اُن نئين آمريڪي امداد اسانجي آزادي ۽ اسانجو رَتُ ٻئي پيڻ شروع ڪيا، جنهن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. ضياءُ الحق جي قسمت ۾ بيوفائي ئي لکيل هئي.هن پهرين بيوفائي پنهنجي محسن ”ڀٽو“ سان ڪئي، جنهن ٽن سينيئر جنرلن کي فوجي سربراههُ بڻجڻ جي حق کان محروم رکي، ضياءُ الحق کي هيٺان کڻي اچي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو پر هن جي اصل وفاداري آمريڪا سان هئي، جيئن ئي آمريڪا کي ضرورت پئي ته جنرل ضياءُ پردي پٺيان مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڀٽو خلاف منظم ڪري چونڊن ۾ ڦڏو ڪرڻ جي لاءِ ميدان ۾ لاٿو. رياستي جبر جي ستم ظريفي ڏسو ته ضياءُ الحق جي ڪنٽرولڊ ۽ خريديل ميڊيا عوام جي تائيد ۽ حمايت کان وانجھيل ڪجهه سياستدانن کي احتجاج تي لڳائي اهڙو نقشو جوڙي ان کي عظيم عوامي تحريڪ جو نانءُ ڏئي ڇڏيو. ضياءُ الحق جي مهربانين مان فيضياب ميڊيا وارا اڄ به چانهن جي ڪوپ مان اٿندڙ تحريڪ جي ان طوفان کي حقيقي احتجاجي تحريڪ قرار ڏين ٿا. ميڊيا تي کين باقاعده هڪ منصوبي تحت ٿاڦيو ويو هو. آزادي پسند صحافين ڳڻي ڳڻي بيروزگار ڪيو ويو. اُهي ميڊيا وارا اڄ تائين ضياءُ الحق جا ڳُڻَ ڳائن ٿا. ۽ اڄ به جيڪڏهن ڪير انهن جي اصل ڪردار جو ذڪر ڇيڙي ته اهي پنهنجي ٻليءَ جهڙن چنبن سان ان جو منهن رانڀوٽن سان پٽن ٿا.ڀٽو وانگر ضياءُ الحق تي احسان ڪندڙ به آمريڪي ئي هو. جڏهن ضياءُ الحق ڏٺو ته روس کي افغانستان ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو ته هن آمريڪا سان به بيوفائي ڪئي ۽ اتي پنهنجون من مانين جون تياريون ڪرڻ لڳو. آمريڪا ان بيوفائيءَ کي پرکي ورتو ۽ هن ڀيري جان ڏيڻ وارو ڀٽي بدران خود ضياءُ الحق هو. ان کانپوءِ اختيار جونيئر جنرلن جي هٿ لڳي ويا. جنرل ضياءُ الحق جي انجامَ سبب اهي سڀ ڊنل هئا. جمهوريت جو ڊرامو رچائڻ لاءِ جيڪي حڪمران موجود هئا سي آزمايل ۽ ناتجربيڪار هئا، جنرل انهن ٻنهي کي واري واري سان خوب استعمال ڪيو ۽ پوءِ پاڻ اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيا.آمريڪين نئين جنرل جو عهدو ٽن شرطن تي قبول ڪيو. جن مان هڪ اهو هو ته هو ميڊيا تي ڪا به پابندي نه لڳائيندو ۽ ان کي مڪمل آزادي فراهم ڪئي ويندي. آمريڪا کي اظهار جي آزاديءَ ۾ ڪا خاص دلچسپي نه هئي، ميڊيا جي آزادي ان، ان ڪري گهري هئي ته جيئن جنرل جا قدم ڄمي نه سگهن. جنرل مشرف کي اهو مڪمل اختيار ڪڏهن به ملي نه سگهيو، جيڪو جنرل ضياءُ 1977ع کان وٺي 1985ع تائين استعمال ڪيو. مشرف جي وڃڻ کانپوءِ زرداري پاڪستان جو صدر بڻجي ويو، وزيراعظم به سندس ئي پارٽي جو هو. آمريڪا لاءِ ٻئي ناقابل اعتبار هئا ۽ هنن جو جيڪو شوق هو سو هنن پنهنجي ساٿين سان گڏجي دل کولي پورو ڪيو. ان شوق خاطر ئي اڄ به پنهنجي روايتي مخالف جماعت ”ن“ ليگ حڪومت جي خدمت گذاريءَ ۾ لڳا پيا آهن. آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي وفادار فوجي حڪمرانن منجھان مايوسُ ٿيو. جڏهن ان کي خبر پئي ته جنرل آمريڪا کان ڊالر وٺي ان جي مخالف حملي آور کي ڏين ٿا ۽ اهي آمريڪا جا ئي هٿيار استعمال ڪري آمريڪي فوجين کي ليٽائن ٿا، آمريڪا جون رياستي پاليسيون چاهي ڪهڙيون به هجن پر ڀٽي صاحب جي لفظن ۾ ”آمريڪا هڪ هاٿي آهي، جيڪو ڪڏهن به معاف ناهي ڪندو، ڪجهه به ٿي وڃي انتقام وٺي ئي رهندو آهي“. منهنجي ذهن ۾ به آمريڪي سامراج جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون موجود آهن. اهڙي ڪا هڪ ڪهاڻي به ناهي جنهن ۾ آمريڪا بيوفائي يا بغاوت ڪندڙ ڪنهن نالي جي اتحادي ۽ ڪم جي وظيفي خور کي معاف ڪيو هجي. تازو واقعو ئي ياد ڪري وٺو. اساما بن لادن خاطر هن هڪ ملڪ تي فوج ڪُشي ڪئي ۽ ٻئي ملڪ کي جيڪو ان جو اتحادي هو، تنهن جو سمورو دفاعي نظام لتاڙيندي اساما بن لادن کي ماري کڻي ويا. ائين اڄ تائين ته نه ٿيو آهي، هاڻي جيڪڏهن ٿي وڃي ته مان نه ٿو سمجھان ٿو آمريڪا، پاڪستان کي معاف ڪيو هجي. آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان واپسيءَ جون تياريون ڪري رهيو آهي، هڪ هڪ گِرهه ڪري اسانجي امداد شروع ٿي چڪي آهي.پاڪستان دهشت گردن خلاف اڄ تائين جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، آمريڪا تنهن مان هرگز مطمئن ناهي. ايتري تائين جو حقاني نيٽ ورڪ جي حوالي سان آمريڪا کي جيڪي شڪايتون هيون، سي به ختم ناهن ٿيون ۽ سچ چوان ته افغانستان جي نئين صدر اشرف غنيءَ جي رپورٽ به سٺي ناهي. ان پسمنظر ۾ هيءَ خبر پڙهي مان سوچڻ لڳو آهيان ته هاڻي اسانجو ڇا ٿيندو؟ آمريڪا جو حالُ ته هي آهي ته ”هو ئي تم دوست جس ڪي، دشمن اس ڪا آسمان ڪيون؟“ خبر هيءَ آهي ته”آمريڪا ۽ پاڪستان گڏيل فوجي مشقون شروع ڪرڻ وارا آهن، جنهن جي شروعات هلندڙ سال آڪٽوبر جي شروع ڌاري ٿي ويندي.آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ 100 کان وڌيڪ گڏيل ڪاررواين ۽ مشقن جو منصوبو فقط آڪٽوبر ۾ شروع ٿيندڙ مالي سال دوران مڪمل ڪيو ويندو. گڏيل مشقون مختلف فوجي مهارتن تي مشتمل هونديون، جن ۾ هوائي، زميني ۽ سامونڊي ڪارروايون شامل ڪيون وينديون. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ ڪيترائي آپريشن شامل هوندا. ان کان علاوه سيمينار وغيره ۽ لهه وچڙ جا ڪيترائي پروگرام به ڪيا ويندا، جن ۾ دهشت گرديءَ جي روڪٿام، بغاوت کي ڪچلڻ، سول ملٽري تعاون، ڳجھي معلومات جي مٽا سٽا، ۽ پريس رليز به شامل آهن.