وتائي فقير مولانا جو وعظ پئي بڌو ته ڪيترو به گنهگار بندو هجي الله جي در سچي توبه ڪندو ته رب سائين معاف فرمائيندو. وتائي سائين ڦاٽ کاڌو ”مولوي صاحب بي نمازي به بخشيا ويندا“..مولوي جواب ڏنو ”بي شڪ“. تنهن تي وتائي فقير فرمايو ”بي شڪ رب جي مرضي پر سومهڻيء جا سور اسان کان به نه وسرندا“ ياد رهي ته ان وقت سوير سمهڻ جو رواج هئو .