• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مختصر ڪهاڻي..

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
مختصر ڪهاڻي..

”هيلو ، سيٺ ولي ؟؟“
”هيلو.. ها، ها پر تون ڪير ؟ “
”سيٺ آئون ڀڳوان پيو ڳالهايان قومپرست پارٽي وارو..“
”ها ڀڳوان ، ڪر خبر مون وارو ڪم ڪيئي ؟“
”ها سيٺ، گلڻ خان جي گهر کي کاٽ هڻايو اٿم ، اڌ ڪلو سون نڪتو..“
”اها اهو ته ٺيڪ آ پر ، ٻيو به توکي ڪو ڪم چيو هئم ياد اٿئي؟؟“
”ها سيٺ ياد آهي، پارٽيءَ جي ڪجهه سِرڦرين کي سنڌو جي جھوليءَ ۾ موڪلڻ وارو ڪم نـ ؟“
”ها ، ها اهو ڪيئي ؟؟ جلدي ڳالهه ڪر ۽ ٻُڌ فون تي اهڙيون ڳالهيون ڪوڊ ورڊز ۾ ڳالهائيندو ڪر..“
”سيٺ ولي، توهان جي آشيرواڌ سان آئون ٽي ڇوڪرن کي گهري ننڊ سمهاري آيو آهيان.. هاڻي توهان بي اونا ٿي وڃو..“
”هئين شاباس... اتي رکينس نـ.. اصل ڳالهه ٻڌائڻ ۾ دير ڪيئي.. ڀڳوان تو ته منهنجي دل ئي خوش ڪري ڇڏيئي.. بابلا سُڀاڻ اوطاق تي اچي مٺائي کڻي وڃجانءِ..“

۽ ٻنهي پاسي انگيج جو آواز آيو....
 
Back
Top