سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ: اقتدار ڌڻي حقيقت کان منهن نه موڙين!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڪاوش جي 27 هين مئي واري اشاعت ۾ هڪ خبر شايع ٿي آهي. عمرڪوٽ مان آيل ان خبر کي پڙهڻ سان بي اختيار اکين مان ڳوڙها وهي آيا. يقينن هر سنڌ واسي جڏهن اها خبر پڙهي هوندي ته ان جي اکين جا بند ضرور ڀڄي پيا هوندا. خبر ڪجهه هن ريت آهي ته، عمرڪوٽ جي تتل ڀٽن ۾ نياڻي جو اڃ وگهي موت. ٽن ورهين جي معصوم ۽ سياست کان بي خبر گلن جهڙي نياڻي ڪملي پاڻي جي ڳولا ۾ ويل امڙ جي پويان ويندي راهه ڀلجي ويئي ۽ ٿر جي ويران ڀٽن ۾ اڃ سبب هو زندگي جي جنگ هارائي ويٺي. انهيءَ خبر سان گڏوگڏ سندس والد جو بيان پڻ ڇپيو آهي ته، ”معصوم ڌيءَ جو اڃ وگهي موت زندگي جي وڏي تڪليف آهي“. ظاهر آهي ته هن واقعي جي خبر پوڻ تي نياڻي جي والد گلاب ڀيل کي وڏي تڪليف پهتي هوندي، پر جڏهن اها خبر سڄي سنڌ پڙهي هوندي ته هر حساس دل ماڻهو کي تڪليف ضرور محسوس ٿي هوندي. هن وقت سڄي سنڌ تڪليف ۾ آهي، پاڻي کوٽ جي اها صورتحال رڳو عمرڪوٽ ۾ نه آهي، پر سڄي سنڌ ان صورتحال مان گذري رهي آهي. خاص طور تي سنڌ جي ضلعن بدين، ٺٽو، مٺي، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد ۽ سانگهڙ ۾ به اها صورتحال آهي. سڄي سنڌ ۾ روزانو ڪيتريون ئي ڪُمليون اڃ وگهي اجل جو شڪار ٿي رهيون آهن.ڪملي جي سوڳ ۾ تڏو سنڌ جي هر ماڻهو جي دل ۾ وڇايل آهي، پر افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ پاڻي جي کوٽ وگهي تڙپي پئي پر اسان جا حاڪم خاموش آهن.
    جنهن ڏينهن تي ڪُملي وارو واقعو رپورٽ ٿيو آهي، ان کان ٺيڪ 3 ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ مخالف ڌر سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وارو مسئلو کنيو. پاڻي کوٽ واري معاملي تي ڳالهائڻ تان سنڌ جي آبپاشي واري وزير کي ايتري ته ڪاوڙ لڳي وئي، جو ڄڻ اهو احتجاج سندس خلاف ٿي رهيو هجي، پر وزير موصوف جي نوٽيس ۾ شايد اها ڳالهه نه آئي آهي ته 27 هين مئي تي ارسا واري اجلاس اندر توڙي ٻاهر پنجاب پاڻي جي حاصلات لاءِ ڪهڙو موقف رکيو آهي؟ سنڌ جي آبپاشي واري وزير سيد مراد علي شاهه کي هڪ ننڍڙي گذارش آهي ته توهان رڳو صادق آباد کان راولپنڊي تائين پنجاب جو دورو ڪريو، ۽ اتي هڪ به ڪئنال مان جيڪڏهن واري اڏامندي هجي ته پوءِ توهان تي ميار نه آهي، پر جي پنجاب جا سمورا واهه، شاخون ۽ ڪئنال تار وهندا هجن، ته پوءِ توهان سنڌ جي ڪروڙين عوام اڳيان جوابده آهيو. تازو مونکي صادق آباد کان راولپنڊي تائين پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن کي ڏسڻ جو موقعو مليو، مون کي ڪٿي به پنجاب جا رهواسي پاڻي کوٽ خلاف رستن تي نظر نه آيا، پر سنڌ جي حڪمرانن کي خبر نه آهي ته ڇو سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ نظر ئي نه پئي اچي؟! توهان کان سنڌ جا ماڻهو ايترو پڇڻ گهرن ٿا ته هن سيزن ۾ تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڪنهن جي آشيرواد سان ڀريا پيا وڃن؟ گريٽر ٿل ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ توڙي چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال کولرائڻ لاءِ پنجاب جا نمائندا هر وقت سراپا احتجاج آهن ۽ اهي ارسا سميت هر پليٽ فارم تي پنهنجو ڪيس مضبوط انداز ۾ رکي رهيا آهن، ۽ پنجاب ۾ ڀلي پاڻي کوٽ نه به هجي پر پنجاب جا نمائندا پنهنجو حق ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ جي آبپاشي کاتي جي اختيار ڌڻين جي خاموشي سنڌ جي سمجهه کان ٻاهر آهي.
    سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي اها صورتحال آهي جو مئي مهيني جي آخري ڏهي ۾ 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب سنڌ کي 77 هزار، 400 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي ها، پر ان جي جاءِ تي رڳو سکر اپ اسٽريم وٽ 51000 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو. ٺاهه موجب 21 هين مئي کان 31 مئي تائين ڪوٽڙي بئراج وٽ 21 هزار، 100 ڪيوسڪ پاڻي هجڻ گهرجي ها، پر ڪوٽڙي بئراج وٽ هن وقت اپ اسٽريم ۾ فقط 6 هزار، 450 ڪيوسڪ پاڻي آهي. جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي کوٽ 72.85 سيڪڙو آهي. جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي آبپاشي واري وزير جيڪو بيان ڏنو هو، ان موجب سنڌ ۾ 46 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به پاڻي کوٽ جو ماپو ڪبو آهي ته سڀ کان پهرين ٽيل ۾ پاڻي ڏسبو آهي ته اتي ڪيترو پاڻي آهي.ڳالهه رڳو مئي مهيني واري آخري ڏهي جي نه آهي، پر انگن اکرن موجب سنڌ ۾ جون واري سڄي مهيني ۾ پاڻي کوٽ وڌندي نظر اچي ٿي، سنڌ کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب جون جي پهرين ڏهي ۾ گڊو بئراج وٽ 22 هزار، 700 سئو ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ 49 هزار، هڪ سئو ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 26 هزار، 900 سئو ڪيوسڪ ۽ مجموعي طور تي 98 هزار، 700 سئو ڪيوسڪ پاڻي گهربل آهي. جون جي ٻئي ڏهي ۾ 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب گڊو بئراج وٽ 31 هزار، هڪ سئو ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ 55 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 32 هزار، 5 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت هوندي. هاڻ هڪ ته ارسا پاران 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه ڪرائڻ سبب رڳو مئي مهيني ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ 72 سيڪڙي کان 80 سيڪڙي تائين پاڻي جي کوٽ موجود رهي آهي، پر جيڪڏهن سنڌ جا نمائندا رڳو اڄ کان به همٿ ڪري حصي جو پاڻي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿا وڃن ته اهو پاڻي گڊو ۽ ڪوٽڙي تائين پهچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڏينهن لڳي ويندا. جيستائين اهو پاڻي سنڌ ۾ پهچي ته ان وقت سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 50 کان 56 سيڪڙو تائين وڃي پهچندي، ان دوران سکر بيراج وٽ ڪجهه فرق ضرور ٿيندو، پر سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪوٽڙي بئراج جا ڪئنال ٿيندا. هن وقت به ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 77.50 سيڪڙو تائين هجڻ جي ڪري، سنڌ جي ڏاکڻين ضلعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 35 لک ايڪڙن تي ڦٽي ۽ مرچن ۽ 18 کان 25 لک ايڪڙن تائين سارين جي فصل جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب اتان جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو وڏو امڪان موجود آهي.
    جون جي ٻي ڏهي ۾ سنڌ کي مجموعي طور تي هڪ لک، 19 هزار، 5 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت هوندي، پر تربيلا ڊيم ۽ ٻين هنڌن تان سنڌو دريا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري اها کوٽ 57 کان 58 سيڪڙو تائين وڃي پهچندي. هاڻ ٿيڻ ائين گهرجي جو چشما کان گڊو تائين لاسز ڄاڻائي سنڌ جي گم ٿيندڙ 5 کان 9 هزار ڪيوسڪ پاڻي جا پيرا کڻڻ گهرجن. سنڌ کي جيڪو پاڻي چشما کان ملي ٿو، اهو گڊو کان فراهم ڪيو وڃي، هونئن به پاڻي جي ڳڻپ اتان شروع ٿيندي آهي، جتان پاڻي کڻندڙ جون حدون شروع ٿينديون هجن. جيڪي لاسز ٿين ٿا، اهي سڀ پنجاب جي کاتي ۾ وجهي سنڌ کي پاڻي سنڌ جي سرحد وٽان ڏنو وڃي. چشما کان گڊو بئراج تائين لفٽ مشينن ذريعي سنڌ جي حصي جي پاڻي جي ٿيندڙ چوري کي روڪڻ لاءِ سخت مانيٽرنگ ڪئي وڃي. توڙي جو هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. ماڻهو اڃ وگهي مري رهيا آهن ۽ حالتون وڃي ان حد تائين پهتيون آهن، جو ماڻهو مال جو چارو، جنهن ۾ ٻٻر جا پلڙا، ڪنڊين ۽ ديوين جون سڱريون وڪرو ڪري اٽو پيا وٺن، تنهن ڪري تربيلا ڊيم ۾ گڏ ڪيل پاڻي وڌ کان وڌ ڊائون اسٽريم ۾ هن وقت کان ئي ڇڏيو وڃي، ته جيئن سنڌ ۾ جون جي آخري ڏهي کان پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي سگهي. هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 1991ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ بنا دير جي عملي قدم کنيا وڃن ۽ سنڌ کي هر صورت ۾ پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياريو وڃي. هن وقت 1991ع واري ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي تربيلا ڊيم کي ڀريو پيو وڃي، ۽ تربيلا ڊيم ۾ 1394 فٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو آهي. اهو پاڻي ان وقت تي گڏ ڪيو پيو وڃي، جنهن وقت سنڌ ۾ ساريال جي فصل جي پوکائي لاءِ پاڻي جي سخت ضرورت آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ حڪومت اهڙي عمل تي خاموشي اختيار ڪري ويهي رهندي؟

    خدا ڏنو شاهه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو