نظم خادم گھراڻو هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،

'سنڌي شاعري' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2015۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    نظم خادم گھراڻو

    هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،

    ڪلفت ڪر ڦٽي الفت ۾ آ جيئڻو .

    ٺڪر ٿانو جيان آهي سارو سنسار

    ملندو خاڪ سان ٿيندو ڇار

    بنجي وڃون هن چمن جا گلاب

    ڏک ماري جيون ڪريون نواب

    هي نفرت سندي جا آ ديوار

    رت جي رشتن کي ڪيو ڌار

    الفت سندو ويهي اڏجي محلات

    جت گيتن ساڻ گونجي مٺي لات

    دولت جا ڏيک ڏسي ٿياسين اسير

    ڦٽو ڪري سادگي کي ٿياسين فقير

    خادم ڪهڙا ويهي لکندو درد

    محبت وئي مٽجي الڳ ٿيو فرد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو