نوٽ: پوسٽ جي آخر ۾ وڊيو ڏسڻ نه وساريندا.. هڪ باغيچي ۾ 60 سالن جو پيءُ ۽ ان جو نوجوان پُٽ هڪ بينچ تي ويٺل هئا. ڀرسان هڪ وڻ تي هڪ پکي اچي ويٺو، پيءُ پنهنجي پُٽ کان پڇيو: ”پُٽ! اهو ڇا آهي؟“ پُٽ: ”بابا! اهو هڪ پکي آهي“ پيءُ ٻيهر پڇيو: ”پُٽ اهو ڇا آهي؟“ پُٽ ٿوڙي چٽي آواز ۾ چيو: ”بابا! اهو هڪ پکي آهي“ پيءُ ٽيون ڀيرو پڇيو پُٽ بيزاري جي انداز ۾ وري ٻڌايو ته ”بابا هي هڪ پکي آهي“ چوٿون ڀيرو پيءُ جي طرفان سوال پڇڻ تي پُٽ جي آواز ۾ بيزاريءَ سان گڏ ڪاوڙ به شامل هئي پنجون ڀيرو جڏهن پيءُ اهو سوال ڪيو ته پُٽ ڪاوڙ منجهان چيو: ”بابا ! توهان کي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته اهو هڪ پکي آهي، ڇو ٿا مون کي ڪاوڙ ڏياريو“ اهو ٻڌي پيءُ ٿورو مسڪرايو ۽ پنهنجي کيسي مان هڪ ڊائري ڪڍي ان جو هڪ صفحو کولي پُٽ کي ڏنو ۽ چيائينس ته هن کي پڙهه. پُٽ آهستي پڙهڻ شروع ڪيو، پر پيءُ چيس ته ٿورو آواز سان پڙهه ته جيئن مان به ٻڌان. پُٽ پڙهڻ شروع ڪيو: 21 مارچ 1998 ”اڄ مان پنهنجي 3 سالن جي پُٽ سان گڏ باغيچي ۾ هڪ بينچ تي ويٺل هئس ته سامهون وڻ تي هڪ پکي ويٺو، منهنجي پُٽ مون کان پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڇيو بابا اهو ڇا آهي، مون کيس ٻڌايو ته هي هڪ پکي آهي، منهنجي پُٽ وري مون کان پڇيو ته بابا هي ڇا آهي، مون وري کيس ٻڌايو ته هي هڪ پکي آهي. منهنجي پُٽ مون کان پورا 21 ڀيرا پڇيو ته هي ڇا آهي، مون کيس ٻڌايو ته پُٽ هي هڪ پکي آهي ۽ هر جواب تي مان کيس پيار منجهان زور سان ڀاڪر پائي رهيو هئس ۽ سندس مٿي چمي ڏئي رهيو هئس.. اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان..“ ايترو پڙهڻ سان پُٽ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو ۽ سندس اکين مان ندامت جا ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا. هن آلين اکين سان پنهنجي پيءُ جي هٿن کي چمڻ لڳو.. اسان جا ماءُ پيءُ اسان جو ڪيترو نه خيال ڪن ٿا ۽ اسان انهن کي پوڙهو ٿيڻ جي بعد سندن خيال رکڻ بدران پنهنجو پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهندا آهيون ۽ کين پنهنجي رويئي سان هيسائڻ لڳندا آهيون، جڏهن ته اهي ماءُ پيءُ چاهين ها ته ننڍپڻ ۾ ئي اسان کي ڇڏي سگهيا پئي. پنهنجي پوري زندگيءَ جو عيش عشرت قربان ڪري انهن اسان کي هن جوانيءَ تائين ۽ وڏي منزل تائين پهچايو ته اسان انهن جا احسان وساري ويٺاسين... افسوس.. https://www.facebook.com/video.php?v=925755687446957