عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن
ڏينهن آ ٻه ٽي هي سنسار
جلدي ڪر تياري يار
موت مٿان سڏ پيو ڏيئي
ڀڃي آرس ڇڏ خمار
رهبر راھ جو ڳولي جلدي
فذڪروني سارڻ سار
الست بربڪم قول جو ڪيڙئي
قالو بليٰ ويهي ويچار
الدنيا سجن المومن قيد سڄي آ
نڪري ٿي نروار
محبوب مصطفيٰ جو وٺ تون دامن
ٻيڙا ٿيندئي سڀئي پار
ويلھ اسر جو اٿ تون موڳا
اسم ساڻ اندر اجار
“والذين جاهدو فينا“ فرقان چيو آ
دائم ڪر دل۾ ديدار
ملڪ اباڻي عبدالعزيز اڏري هل تون
متان ڏيئي محب ميار!
جلدي ڪر تياري يار
موت مٿان سڏ پيو ڏيئي
ڀڃي آرس ڇڏ خمار
رهبر راھ جو ڳولي جلدي
فذڪروني سارڻ سار
الست بربڪم قول جو ڪيڙئي
قالو بليٰ ويهي ويچار
الدنيا سجن المومن قيد سڄي آ
نڪري ٿي نروار
محبوب مصطفيٰ جو وٺ تون دامن
ٻيڙا ٿيندئي سڀئي پار
ويلھ اسر جو اٿ تون موڳا
اسم ساڻ اندر اجار
“والذين جاهدو فينا“ فرقان چيو آ
دائم ڪر دل۾ ديدار
ملڪ اباڻي عبدالعزيز اڏري هل تون
متان ڏيئي محب ميار!