ٻئي مهاڀاري جنگ ۾ برطانيا ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي فاتح ملڪن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق آزادي ڏني، برصغير به انهن مان هڪ آهي. برصغير پڻ جن ۾ غلط طريقي سان ورهائجڻ جي ڪري آزاد گهٽ، غلام وڌيڪ لڳو آهي، پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاست ۾ برطانيا جي سامراجيت ڪشمير جي فيصلي ۾ ظاهر ٿئي پئي. علائقو پاڪستان کي ملڻو هو پر ڏيڻو ڪو نه هو. علائقي تي ڄمڻ وقت ئي جهيڙو ٿيئي پيو ۽ جهيڙي ۾ ورهائجي ويو. هندستان کي قبضي ۾ آيل ڪشمير ۾ اڻ ڳڻپ خون وهيو آهي ۽ اڃان وهي پيو. خون ڪيترن مرحلن مان گذري ڪٿي پهتو آهي، ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ صحيح مواد ڪونهي. غير حقيقي نظريي (غير حقيقي مان مراد ته قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي طبعيت ۽ سوچ ۾ غير مذهبي هو پر مذهب جي بنياد تي ٺهندڙ ڀارتي آل انڊيا مسلم ليگ جو ته صرف صدر هو پر مذهب جي بنياد تي مليل ملڪ جو سربراهه ٿي رهيو هو ۽ مهاتما گانڌي فڪري طور مذهبي هو پر سيڪيولر رياست جي سربراهي قبول ڪري رهيو، مطلب ته ٻئي وڏا اڳواڻ به قومي نظريي کي رد ڪندي قبول ڪري رهيا هئا) جي بنياد تي آزاد پاڪستان ۽ هندستان ۾ آزادي وقت ايترو خون وهيو شايد ايترو اڳ ۾ آزادي لاءِ وهي ها ته برطانيا سرحدون ورهائڻ ۽ پوءِ به حڪمران رهڻ جي بجاءِ ائين ڀڄي برصغير خالي ڪري ها جيئن جاپانين چين ۾ گوڏن تي زور وڌو هو. پاڪستان ۾ سکن جو قوس ٿيو ۽ سنڌ جي صوفي سرزمين تان هندو روئيندا جهازن ۾ هندستان ڏانهن روانا ٿيا. هندستان جي اقليتي مسلمان علائقن ۾ مسلمان خون جو نظرانو ڏيندا پاڪستان جي سرحدن ۾ پهتا غير فطري رياست سان گڏ غير فطري هجرت ٻنهي پاسي ڏکن، ڏوراپن، گهائن ۽ وڇوڙن سان گڏ علم، بلند سوچ ۽ عظيم فڪر به رسايو هو. جيئن سنڌي اديبن جو موقف رهيو آهي ته سنڌي مڊل ڪلاس ۽ عظيم هندو ڏاها سنڌ کي ويران ڪري ويا آهن تئين ئي اردو ٻولي ڳالهائيندڙ ڏاهن جو چوڻ آهي ته اهي به اعليٰ تعليمي ادارن مان پڙهيل آهن ۽ پاڻ سان علم جو ڏيئو کڻي آيا آهن. پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ زبانن جو فرق ذهني ڏي وٺ ائين نظر نه ٿي اچي جيئن سنڌ ۾ آهي. تاريخ جي ان بي شعوري ۽ غير حقيقي شمڪش ۾ حقيقي شعور حقيقتن کي اورانگي گهڻو پوئتي رهجي وڃڻ سان گڏ چٽو به ٿي پيو آهي. تاريخي علم ٻڌائي ٿو ته ٻئي دماغ هڪ طرف لائين تي آهن جي هتان کان هشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، آءِ ڪي گجرال، ايل ڪي آڏواڻي، اي جي اتم، موهن ڪلپنا وغيره جهڙا اعليٰ سوچيندڙ ويا آهن ته اتان کان امام علي نازش، سجاد ظهير، اعزاز نظير، حمزا علوي، حسن ناصر، علامه شبير احمد عثماني، علامه عبدالرشيد نوحاڻي، حضرت عبدالعزيز جهڙا دور انديش ۽ نيڪ ذهين به سندر سپنن ۽ روشن منزلن سان پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيا آهن. هتان کان هندو قومپرستيءَ ۽ سوشلزم ۽ پويان مذهب پرستيءَ سوشلزم سرحدون پار ڪيون آهن. سوشلزم جي پرچارن کي سرحدون ڀانءِ نه پيون آهن. هندستان ۾ هشو ڪيولراماڻي ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيو ۽ هتي سجاد ظهير کي پاڪستان ڇڏڻو پئجي ويو ۽ امام علي نازش کي مايوسي ۾ ڀٽڪندي نظريي سان زنده رهڻو پيو. هن سڄي ذهني ٽوڙ ڦوڙ ۾ ڪي اهڙا به آهن جن پاڪستان جي بي رحم حڪمرانن ۽ هتان جي معاشري تي بي حسي ۽ پسماندگي سان مسڪرائيندي چمڪندڙ اکين ۽ صحت مند دماغن سان اهڙو ته جهيڙو نڀايو آهي جو اهي هتان جي هر باضمير ۽ تبديلي جا خواب ڏسندڙ اسان جا رهبر ٿي پيا آهن. حسن ناصر به انهن مان هڪ آهي ۽ اڄ اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان جنهن انسان کي صحيح پيش به ناهي ڪيو جنهن کي تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ به ناهي ڏني، جنهن سان غداري ڪئي آهي ۽ جنهن جي باري ۾ نئين نسل تائين صحيح ۽ مڪمل ڄاڻ به ناهي پهچائي اهو ڪيئن نه اسان لاءِ جن سان هن جو ڪو به سماجي، معاشي ۽ خوني رشتو ڪو نه هو، پنهنجو گهر محبوب رشتا، عيش عشرتون ۽ معاشرو ڇڏي آيو هو. ها! 13 نومبر حسن ناصر جي جسماني خاتمي جو ڏينهن آهي ۽ اهو خاتمو ياد ڏياري ٿو ته جنرل ايوب خان روس جي انقلاب کان خوفزده ٿي سوشلزم جي صحيح پرچار ڪندڙن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي. هي ئي اهي هئا جن چيو ٿي ته پاڪستان ۾ جاگيرداري ختم ڪئي وڃي، پر ايوب خان ڪن کي ته ڊڄاري پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ زمين ورهائڻ جو سياسي ڍونگ ڪرڻو هو ۽ هن اهوئي ڪيو. شهيد حسن ناصر هڪ هنڌ لکيو آهي ته سامراج کي صرف پنهنجا مفاد عزيز آهن ۽ انهن جي پورائي جيڪو به ڪندو، سامراج ان سان هوندو. ان وقت شهيد حسن ناصر اڄ جي لفظن کي ڪيڏو نه درست ڪيو آهي جو آمريڪا کي جمهوري حڪومت جي گهرج آهي ته هو ان ڪمزور حڪومت کي هر بحران مان ڪڍڻ لاءِ اڳڀرو آهي. شهيد حسن ناصر اعليٰ اسڪولن جي تعليم ۽ بورجوازي پرورش جي باوجود به سوشلسٽن جي ور چڙهي وڃڻ جي ڪري پنهنجي پرسڪون زندگي کي خدا حافظ چئي سوشلزم تحت سماج جي اندر تبديلي جا خواب آڻيندي اچي پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيو، جتي جي معاشري جي سماجي اوسر ۽ مزاج جي کيس ڪا به خبر ڪا نه هئي. ان اوپرائپ جي ڪري اڪثر ڪميونسٽ معاشري ۾ ضم نه ٿي سگهيا ۽ حڪمرانن هنن جي ان ڪمزوري جو خوب فائدو ورتو. ڪميونسٽن ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ اکٻوٽ جي راند شروع ٿي وئي ۽ راند ۾ ٻين جيئان حسن ناصر به گرفتار ٿيندو هيو. انقلابي پراڻو هوندي به پنهنجي ڪردار، گرفتار ۽ معاشري سان پيار ڪرڻ جي ڪري پنهنجو لڳندو آهي. حسن ناصر هتان جي سرزمين ۽ استحصالي طبقي سان واعدي وفائي جو هڪ وڏو مثال ڇڏي ويو آهي. اهو حسن ناصر ئي هو جنهن کي هڪ سال ملڪ بدري ملي ان عرصي ۾ هي پنهنجي ماءُ ۽ خاندان سان هندستان ۾ ويجهو ٿيو. سندس ماءُ چيس ته سجاد ظهير وانگر رهي پئه. حسن ناصر پنهنجي ماءُ کي چيو ته هو پنهنجي ڪامريڊن کي اڪيلو ڇڏي نه ٿو سگهي. ائين ئي باڪردار انقلابي وانگي وري پنهنجي حياتيءَ کي جوکي ۾ وجهي پاڪستان پهتو. پاڪستان ۾ اچڻ کان پوءِ جلد ئي کيس سندس ڪامريڊ جي مخبري تي آخري دفعو گرفتار ڪيو ويو. پنهنجي ماءُ جي نافرمانيءِ تي پشيمان ٿيندي جيل مان خط ۾ چيائين ته سوشلزم جو رستو هن پاڻ چونڊيو هو ۽ اهو هن جو شعور هو، ان ڪري هي پنهنجي شعوري فيصلي تان هٿ کڻڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. حسن ناصر جي ذهني پختگي، نظرياتي سچائي ۽ استحصالي طبقي لاءِ اٿاه پيار حڪمرانن کي برداشت نه ٿيو. حڪمرانن هن جي روشن خيالي، پاڪستان سان سچائي ۽ معقول رويي کي ڪا به اهميت نه ڏني ڇو جو حڪمرانن کي صرف پنهنجي طاقت ۽ بالادستي کپندي هئي. پاڪستان جي جنم ڀومي شهر لاهور جي شاهي قلعي ۾ حسن ناصر کي فوجين غير انساني ايذاءَ ڏئي تڙپائي کيس هميشه لاءِ ٿڌو ڪري ڇڏيو. مارڻ کان پوءِ سندس لاش کي لاوارثن جيئان گمنام جاءِ تي اڄوڪي ڏينهن تي دفنائي ڇڏيو (13 نومبر 1960) هيءَ اهو مهاجر هو جنهن نه مهاجر سڏايو ۽ نه ئي وري هڪ پل لاءِ اجنبي ٿي رهيو هو. حسن ناصر پاڪستاني حڪومت کان نه گهر گهريو هو، نه زمين گهري هئي ۽ نه ئي وري ڪا سٺي نوڪري ورتي هئي بلڪ هي اهو اوچو انسان آهي جنهن پنهنجي امير ماءُ کي چيو هو ته هو هن جي جيل جي يارن کي ڪجهه قرض موٽائي ڏي جيڪو هي واپس ڪرڻ جي اهل نه رهيو آهي. حسن ناصر ته پاڪستان جي حڪمرانن کان صرف عقلي رويو گهريو هو، هن ته صرف پاڪستان جي مضبوطي چاهي هئي، هن ته صرف پاڪستان جي اڪثريت جي خوشحالي سوچي هئي. موٽ ۾ خون جو نظرانو ڏيڻو پئجي ويس جيڪو ڏئي اسان کي قرضي ڪري ويو. اردو ٻولي ڳالهائيندڙ علم جو چراغ ڪيترو کڻي آيا آهن اهو وقت ثابت ڪندو پر حسن ناصر جنهن روشنيءَ جي شمع سان داخل ٿيو هو اهو ٻرندي ڇڏي ويو. حسن ناصر جهڙا ماڻهو بنا سرحد لڪيرن ۽ شناختي ٺپن جي اونداهي ۾ روشني، ويرانين ۾ آباد ۽ سناٽي ۾ زبان بڻجي مسئلن کي جاڳائي وجهندا آهن. اهڙن ڪردارن لاءِ شاهه عبدالطيف ڀٽائي وٽ ٻه خوبصورت ۽ معنيٰ خيز لائنون آهن. ”ڪ ڪي کاهوڙي، ڇپر ۾ سڏ ٿيو، اڳي ٿي سنئي، انهيءَ سڌي ڳالهڙي“