چَئِي ڪُن فَيَڪُونُ، جَڏِه خَلِقِيَا رُوحَ خُدَاءِ
گَڏُ جِتِ گُذِرَانُ هُئَو، جَڙَ لَڳِي تِهِ جَاءِ
مُون تَوهِين سِين آهِ، اُهَا سَاڃَاءَ سُپَرِين
سُرُ مَارُئِي
چَئِي = امرُ ڪيائين
ڪُن فَيَڪُونُ = ٿيءُ، تہ ٿي پئي _ قران جي آيت
جڏِه = جڏهن
خَلِقِيَا = پيدا ڪيا
جَڙَ = ميخون، محبت جون، سٻنڌ
تِهِ جَاءِ = تنهن جاءِ يعني عالمِ ارواح ۾
تَوهِين سِين = توساڻ ئي
سَاڃَاءَ = معرفت، واقفيت، ڏيٺ ويٺ، سڃاڻپ
سُپَرِين = محبوب يعني کيت سين، جو مارئيءَ جو مڱيندو هو
بيت جو پس منظر
~ ٿيءُ، جو اَمُرُ ڪري مولا پاڪ جڏهن بني آدم جا رُوحَ پيدا ڪيا هئا.
~ اُتي عالمِ ارواح ۾ توسان محبت جون ميخون مليون جتي گڏ گذاريوهئوسين.
~ او پرين ! منهنجي اهيا سڃاڻپ رڳو توساڻ ئي آهي.
سمجهاڻي
هن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان اڳي جڏهن مولا پاڪ “ٿيءُ” جو اَمُرُ ڪري بني آدم جي سمورن انسانن جا رُوح خلقيا هئا اُتي عالمِ ارواح ۾ سڀئي روح پنهنجي پنهنجي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، گڏ رهايا ويا هئا. تنهن ويل توسان رهاڻيون ڪندي جيءَ اندر محبت جون ميخون جڙجي ۽ اڙجي ويون هون ۽ هڪ ٻئي جا ٿي ويا هئاسين.
او محبوب ! هن سڄي سنسار ۾ منهنجو اهو پيار ۽ اقرار صرف تو هڪڙي سان ئي آهي، ڪنهن ٻئي کي آئون سڃاڻان ئي ڪونہ ٿي.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____