ورلڊ ڪپ 2015ع جي فائنل ۾ ٻنهي ميزبان ٽيمن ۾ ٿيندڙ فائنل ۾ آسٽريليا جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي کانپوء 7 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ناقابل شڪست نيوزيلينڊ کي روئاري ڇڏيو. آسٽريليا پنجون دفعو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو تاج مٿي تي سجايو آهي.
اڄ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ٿيندڙ فائنل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ميڪلم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ آستريليا جا بالر ڇانيا رهيا. پهرين ئي اوور ۾ مچل اسٽارڪ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ميڪلم کي بغير کاتو کولڻ جي بولڊ آئوٽ ڪري ڇڏيو. جلد ئي ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان گهڻو اسڪور ڪندڙ مارٽن گپٽل به 15 رنسن تي ميڪسويل جي بالنگ تي بولڊ ٿي ويو ۽ اڳلي ئي اوور ۾ مچل جانسن به وڪيٽ ورتي جڏهن وليمسن 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. صرف 39 رنسن تي ٽي وڪيٽون ڪرڻ کانپوء ٽيلر ۽ ايليٽ راند کي سنڀاليو ۽ 111 رنسن جي پارٽنر شپ ڪئي. راند جڏهن 35 هين اوور ۾ بيٽنگ پاور پلي ۾ داخل ٿي ته فلڪنر پهرين ئي اوور ۾ ٽيلر ۽ ڪوري اينڊرسن جون وڪيٽون ورتيون. اڳلي ئي اوور ۾ مچل اسٽارڪ رونچي جي وڪيٽ به ورتي ۽ بس پوء ته نيوزيلينڊ جي بيٽنگ واري جي ديوار ثابت ٿي. پوري ٽيم 45 اوورن ۾ 183 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ايليٽ 83 رنسن تي آئوٽ ٿيو. مچل جانسن ۽ جيمس فلڪنر ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون، مچل اسٽارڪ 2 وڪيٽون ورتيون. آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ پنهنجي آخري ون ڊي ميچ ۾ ڪمال جي ڪپتاني ڪئي ۽ بالرن کي مٽائيندي نيوزيلينڊ جي تباهي ڪئي.
جواب ۾ آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ به پهرين ئي اوور ۾ ڪري جڏهن فنچ صفر تي آئوٽ ٿيو، پر پوء اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر سنڀالي کيڏيا. اسڪور 63 رنسن تي پهتو ته وارنر به 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. انکانپوء آسٽريلين ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ۽ اسٽيو سمٿ شاندار راند کيڏي 112 رنسن جي پارٽنر شپ ڪئي. مائيڪل ڪلارڪ پنهنجي آخري ون ڊي ميچ ۾ 72 بالن تي 74 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جنهن ۾ 10 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هيو. اسٽيو سمٿ 56 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
جيمس فلڪنر کي مين آف دي ميچ ۽ مچل استارڪ کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر جا اورڊ مليا.
مڪمل اسڪور بورڊ هن لنڪ تي.