• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حل ٿيل .Net Frameworkبابت معلومات

محمد يونس ٻرڙو

سينيئر رڪن
تمام دوستن کي الاسلام عليڪم
ڇا ڪو دوست ٻڌائي سگھي ٿو ته ونڊوز ايڪس پي سرور پيڪ ٽو ۾ ڪھڙو فريم ورڪ لڳل آھي
 
ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ دراصل مائڪروسافٽ طرفان هڪ پروگرامنگ انفراسٽڪچر طور مهيا ڪيو ويو آهي.. ته جيئن هن ذريعي ڊيسڪ ٽاپ ۽ ويب بيسڊ پروگرام جوڙي ونڊوز تي هلايا وڃن.. ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت طرفان پڻ هڪ ننڍي سنڌي ايپليڪشن “سنڌسلامت ڪرڪيٽ انفو” تيار ڪئي وئي آهي..
مائڪروسافٽ ونڊوز ايڪس يا ان جي سروس پيڪ ون يا ٽو ۾ ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ جو ڪو به ورجن بلٽ ان موجود ناهي.. وڪيپيڊيا جي تفصيل مطابق مختلف آپريٽنگ سسٽم ۾ بلٽ ان ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ جي موجودگي هن طرح آهي...
PHP:
.NET Framework 1.1: Windows Server 2003
.NET Framework 2.0: Windows Server 2003 R2
.NET Framework 3.0: Windows Vista, Windows Server 2008
.NET Framework 3.5: Windows 7, Windows Server 2008 R2
.NET Framework 4.0: n/a
.NET Framework 4.5: Windows 8, Windows Server 2012

.NET Compact Framework 1.0 (SP2): Windows Mobile 5.0
.NET Compact Framework 2.0: Windows Mobile 6.0

ٻين لفظن ۾ رڳو ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ جو ونڊوز 7 ۾ 3.5 ورجن ۽ ونڊوز وسٽا ۾ 2.0 ۽ 3.0 ورجن بلٽ ان طور موجود آهي... پر جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جي ڪهڙي به ونڊوز ورجن ۾ سمورا ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ موجود رهن ته جيئن توهان مختلف ڊيسڪ ٽاپ يا ويب بيسڊ ايپليڪيشنس هلائي سگهو ته هن لنڪ تان مختلف ورجنس ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا... پر جيڪڏهن ڪو هڪ اهڙو ورجن گهربل آهي جيڪو اهڙين سمورين ايپليڪيشنس کي هلائي جنهن ۾ ڪهڙو به ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ ورجن گهربل هجي ته توهان کي گهرجي ته پنهنجي سسٽم ۾ SmallestDotNet.com استعمال ڪريو.. :)
 
Back
Top