رت ۾ ٻڏل ڌرتيءَ جو نوحو ليکڪ: رڪ سنڌي بلوچ مزاحمت جي هڪ اڻ موٽ ڪردار جنرل شيروف اڄ کان 23، 24 سال اڳ خيرپور جي سپريئر سائنس ڪاليج ۾ سنڌ دوست انقلابي تنظيم جي شاگرد ونگ ايس ايس او طرفان ڪرايل هڪ سيمينار ۾ جذباتي شاگردن طرفان ڪيل هوائي فائرنگ دوران کين فائرنگ کان منع ڪندي چيو هو ته؛ ”گوليون سنڀالي رکو، سڀاڻي انهن جي گهڻي ضرورت پوندي.“ اڄ جنرل شيروف ته اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر سندس ڪيل هدايت شايد اڄوڪي وقت لاءِ هئي. اڄ بلوچستان ۽ سنڌ جو عوام هٿياربند دشمنن جي گهيري ۾ آهي. کين ان گهيري مان سندن پرامن جمهوري جدوجهد صحيح سلامت ٻاهر ڪڍڻ ۾ ناڪام رهي آهي. بندوق جي ٻولي ڳالهائيندڙ دليل ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. اڄ بلوچ ۽ سنڌي عوام کي تاريخ جي ان موڙ تي آڻي بيهاريو ويو آهي، جتي گوليءَ جو جواب گوليءَ سان ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رهيو آهي. جنرل شيروف (شير محمد مري) ان وقت سوويت يونين خلاف جهاد ۾ مصروف فوجي حڪمرانن ۽ انهن جي ساٿاري ٽولن کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته، پنجاب جي مائرن کي مستقبل اڃان گهڻو ڪجهه رئاريندو. ڇاڪاڻ جو هنن تاريخ جي ٿڦڙ مان سبق نه سکيو آهي. اها ٿڦڙ جيڪا کين بنگلاديش جي صورت ۾ لڳي چڪي آهي. جنرل شيروف جي ياد ڏياريل ٿڦڙ شايد ٻيهر پنجاب جي اصل اقتدار ڌڻين جا ڳل ڳولي رهي آهي. ڪالهه بلوچستان جي ڌرتيءَ کي ٻيهر پنهنجن ڪونڌرن جا لاش تحفي ۾ ڏنا ويا آهن. تربت مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪيل بلوچستان نيشنل موومينٽ جي سربراه غلام محمد بلوچ، بلوچ ريپبليڪين پارٽيءَ جي اڳواڻ شير محمد بلوچ ۽ لالا منير بلوچ جا چچريل لاش هٿ اچڻ بعد بلوچ ڌرتيءَ ٻيهر نفرت جي باهه اوڳاڇڻ شروع ڪئي آهي. اها باهه انهن قوتن خلاف ڀڙڪا ڏئي ڀنڀٽ بڻجڻ طرف وڃي رهي آهي، جيڪي قوتون پاڪستان جي وجود کان وٺي بلوچ وجود جون انڪاري رهيون آهن. رستن تي ٻرندڙ باهه کي شايد حڪمران پنهنجي رياستي طاقت سان ڪجهه ڏينهن اندر وسائڻ ۾ ڪامياب وڃن. پر بلوچ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي دل ۾ جيڪا نفرت جي باهه اوتي وئي آهي، ان کي وسائڻ لاءِ شايد حڪمرانن وٽ اهو پاڻي ئي موجود نه هجي. دلين ۾ محبت ۽ مٺاس پيدا ڪرڻ لاءِ صدين جو سفر طئه ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن ته نفرت پکيڙڻ لاءِ فقط هڪ ڄڀي ئي ڪافي هوندي آهي. پر هتي ته پاڪستان جي عمر جي حساب کان به وڌيڪ بلوچ عوام جي من کي جهير ڏنا ويا آهن. پ پ سان لاڳپيل حڪمران چون ٿا ته اسان بلوچ عوام سان ماضيءَ ۾ ٿيل ناانصافين تي معافي جا طلبگار آهيون، سندن ناراضگي ختم ڪرڻ لاءِ کين محبتن بدران ڏوڪڙن جو پيڪيج ڏينداسين. کين اهي سڀ حق ۽ اختيار ڏنا ويندا، جن جو هتان جي قومن نه پر حڪمرانن موجب صوبن سان 1973ع جي آئين وقت اقرار ڪيو ويو هو. پر شايد حڪمرانن جا اعلان ۽ اقرار حج تي ويندڙ ان وياجي سيٺ وانگر آهن، جنهن موجب هو عمري تي وڃي پنهنجا اڳيان سڀ ڏوهه بخشرائي ايندو. جنهن بعد کيس وري نوان گناه ڪرڻ لاءِ پروانو ملي ويندو. جيڪڏهن حڪمرانن بلوچ عوام کان معافي فقط ان ئي مقصد تحت ورتي هئي ته پوءِ کين ڪا معيار ڏيڻ ٺهي ئي نه ٿي. ٻي صورت ۾ عوام کي اهو ضرور ٻڌائڻو پوندو ته اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي هڪ جيئري جاڳندي قوم جو وجود برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اهي ڪهڙا هٿ آهن، جيڪي بلوچستان جي عوام کي ملڪ کان ڪوهين دور ڌڪڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. اهي ڪهڙيون طاقتون آهن جن کان هن ملڪ جي قومن ۾ پنهنجائپ، پيار، هڪ ٻئي جو احترام ۽ برابري وارا لاڳاپا قائم ٿيڻ جون ڪوششون برداشت نه ٿيون ٿين. بلوچن کان معافي به انهن قوتن نه ورتي آهي، جنهن جا هٿ بلوچ عوام جي خون ۾ رڱيل آهن، پر انهن ورتي آهي، جيڪي اڄ به ان معاملي ۾ بي وس بڻيل آهن. بلوچ عوام جي ڌرتي تي آپريشن جا پاڇا پوئياڙي جي سج وانگر جيئن پوءِ تيئن ڇو ٿا ڊگها ٿيندا وڃن. اڪبر بگٽيءَ، بالاچ مريءَ ۽ هاڻ 3 بلوچ اڳواڻن جا لاش ڌرتيءَ واسين ڏانهن ڪهڙا نياپا کڻي وڃن ٿا. جنرل مشرف جي آمريتي دور جي خاتمي بعد عوام منجهه اها اميد پيدا ٿي هئي ته مظلوم ماڻهن کي وڌيڪ لاش نه ملندا، سندن حقن ۽ خودمختياريءَ جو احترام ڪيو ويندو. ماضيءَ ۾ ٿيل ناانصافين جا پيرا کڄندا، چور پڪڙي عوامي عدالتن ۾ آندا ويندا. ڦرلٽ جو حساب وياج سميت واپس ڪرڻو پوندو. پر هتي ته قصو ئي الٽو ٿو نظر اچي. ملڪ جي مالڪيءَ جي دعوى ڪندڙ سياسي پارٽين کي اقتدار جي حصي پتيءَ واري ڄنڊا پٽ مان فرصت ئي نه ٿي ملي. ته پوءِ هو هڪ قوم جي ڌرتيءَ تي لڳل باه جو سيڪ ڪيئن محسوس ڪري سگهنديون. رت ۾ ٻڏل ڌرتيءَ جو نوحو ڪير ٻڌي سگهندو. اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ملڪ جي استحڪام ۽ سالميت جو ڏينهن رات راڳ آلاپيندڙن کي سوات ۾ دهشتگردن سان ڪيل امن معاهدي ٽٽڻ جو ته اونو آهي، پر هڪ قوم جي وجود مٿان منڌيئڙو ڦيرائڻ وارن هٿن جي ڪير به نشاندهي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. 1970ع ۾ به اسان جي حڪمرانن جو هڪ قوم ڏانهن اهو ئي رويو هو، جيڪو اڄ بلوچن ڏانهن رکيو پيو وڃي. ان وقت به اهي اعلان ڪيا ويا هئا ته ملڪ ۾ سڀ خير آهي، ڀر وارا ملڪ شيطان گيريءَ کان نه ٿا مڙن. اڄ به بلوچ مسئلي پويان بلوچ عوام سان ٿيل ناانصافين جو داستان ڳولڻ يا انهن کي تسليم ڪرڻ بدران مسئلي کي منجهائي، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. بلوچ عوام جي دلين ۾ موجود درد جا سبب ڳولڻ لاءِ سرحدون اورانگهڻ بدران جبلن ۽ ٽڪرن جي پاڇي ۾ حياتيءَ جا آخري پساه کڻندڙ بلوچياڻيءَ کان معاملي جو نبيرو پڇيو وڃي ته سڀ سٽ سلجهي پوندا. جبلن ۾ جان جي امان ملڻ واسطي ڀٽڪندڙ پيرين اگهاڙن بلوچن کان پڇيو وڃي ته ملڪ ڪيئن سلامت رهي سگهي ٿو. ڇا حڪمرانن ۾ اها جرئت آهي ته هو ڳڀي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ بلوچ ٻارن کي اهو ٻڌائي سگهن ته معدني دولت سان مالامال ڌرتيءَ جا فرزند بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ڇو ٿيا آهن. گئس جي ذخيرن جا مالڪ چلهه گرم ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لاءِ ڇو ڪشالا ڪڍڻ تي مجبور آهن. آئين ۽ قانون جون شقون تبديل ڪرڻ لاءِ پريشان سياستدان آخر بلوچ ماءُ جي ڳلن تي ڳڙندڙ ڳوڙهن تي ڇو نه ٿا سوچڻ لاءِ مجبور ٿين. اعلى عهديدارن جي اختيارن ۾ هيٺ مٿانهين لاءِ سر پڪڙي سوچ ۾ ويٺل اقتداري دانشور هڪ ديس جي سيني مان وهندڙ رت ۽ سندس وجود کي لڳل باه جو سيڪ ڇو نه ٿا محسوس ڪري سگهن. ڇا هو سادي سودي بلوچ کي اهو سمجهائي سگهندا ته 17 ترميم جي خاتمي يا 58 ٽو بي جي تبديليءَ سان سندن سيني ۾ ٻرندڙ باه تي ڇنڊا پئجي سگهندا. آئين ۾ ترميمن سان بلوچن جي سيني ۾ لڳل بڙڇي بعد وهندڙ رت بند ٿي سگهندو. ٻيلي سوڳ ۾ ورتل ڌرتي ڌڻين سان وڌيڪ ڀوڳ نه ڪيو. آئين ۾ ترميمن، صدر ۽ وزيراعظم جي اختيارن کان وڌيڪ مظلوم قومن جو وجود برقرار رکڻ، سندن اندر ۾ اوتيل ٽانڊن تي پاڻي وجهڻ اهم آهي. حڪمران توڙي مخالف ڌر ۾ ويٺل ايندڙ وقت جا اقتدار ڌڻي جيڪڏهن واقعي ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام جا حقيقي خيرخواه آهن ته پوءِ هو ملڪ جي مظلوم قومن جي ڪيس کي اوليت ڏئي، سندن وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار کي هٽائين، ٻي صورت ۾ جنهن ميلي مچائڻ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ پٽ ئي ميسر نه هوندو ته دوسو ڪٿي دهل وڄائيندو! اڄ جڏهن آئين ۾ ترميمن تي سڀ ڌريون متفق آهن ته پوءِ بسم الله ئي قومن کي پنهنجا اختيار ۽ حق ڏيڻ ۽ کانئن کسيل وسيلا واپس ڪرڻ کان ڪئي وڃي. ملڪ ۾ موجود قومن وچ ۾ هڪ نئون معاهدو ڪيو وڃي. جنهن ۾ مظلوم قومن کي اها ضمانت ملڻ گهرجي ته مٿن اڪثريت ۽ طاقت جي زور تي قبضي وارو باب هميشه لاءِ بند ٿي ويندو، سندن وطن، سرحدن، ٻولي، ثقافت ۽ الڳ سڃاڻپ جو احترام ڪيو ويندو. اسان جي حڪمرانن کي اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته اڄ پاڪستان جنهن مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ۽ سندس چوطرف جيڪي واڳون وات کوليو بيٺا آهن، انهن جي حملن کان کيس رڳو فوجي قوت نه پر هتان جو عوام ئي بچائي سگهي ٿو. فوجي طاقت ۽ پرڏيهي امداد جي آسري تي پنهنجي ئي عوام کان اڄ تائين ڪابه حڪومت جنگ کٽي نه سگهي آهي. هن وقت ملڪ جي باقي ٽن قومن سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن کي به بلوچ قوم جي درد کي محسوس ڪندي، سندن ڳوڙها اگهڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌائڻ گهرجي. بلوچ عوام تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ۾ ملوث ڌرين کي لغام ڏيڻ لاءِ هڪ ٿي آواز بلند ڪرڻ گهرجي. ته جيئن سڀاڻي اسان سڀ بلوچن آڏو ائين مياري ٿي نه سگهون، جيئن 1971ع وار سانحي کان پوءِ بنگالي ڀائرن سان اک ۾ اک ملائڻ جهڙا نه رهيا هئاسين. (ڇپيل، روزاني سنڌ حيدرآباد، 11 اپريل، 2009ع)