قوم پرست تحريڪ ۾ نظرياتي لاڙا ۽ تحريڪ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تاريخي طور سنڌ ۽ ان جو عوام پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ ٻين جي جمهوري حقن جي حفاظت لاءِ هميشه جاکوڙ ڪئي آهي. ملڪ ۾ ون يونٽ ۽ فوجي آمر ايوب خلاف تحريڪ هجي يا بنگالي قوم جي ڳالهه هجي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام هر مرحلي تي پنهنجو سياسي ۽ جمهوري ڪردار دنيا سامهون چٽو ڪري رکيو آهي. هي اها ئي سنڌ آهي جتان جمهوري ۽ عوامي قدرن جا سرواڻ حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، هوشو شيدي ۽ ڪامريڊ نظير عباسي جهڙا کاهوڙي اڳواڻ پيدا ٿيا. سنڌ جي عوام فوجي جنرل ضياءَ خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به سنڌ جي عوام پنهنجي سياسي ۽ جمهوري حقن جي گڏيل تحريڪ جاري رکيل ۽ فوجي آمر مجبور ڪيو ته هو ملڪ جي عوام کي سياسي ۽ جمهوري آزادي ڏي. فوجي آمر ضياءَ جي دور ملڪ جي سڀني ادارن کي غير جمهوري ٺاهڻ سان گڏ اهڙا غير نظرياتي ۽ غير فطري قومپرست پيدا ڪيا جنهن اڳتي هلي سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ حقيقي قومپرست تحريڪ کي نقصان رسايو. اڄوڪي سنڌ حقيقي قومپرستي جي جاکوڙ ۾ مصروف آهي. سنڌ جي حقن جي حاصلات ۾ مختلف قومپرست سڏرائڻ واريون ڌريون عملي سياست ۾ مصروف آهن. جيتوڻيڪ هنن جي سياسي طاقت مضبوط آهي پر تنهن هوندي به اهي قومپرست ڌريون عوام لاءِ اڄ تائين هڪ سوال آهن. موجوده پ پ جي جمهوري حڪومت ۾ سنڌ جي قومپرست تحريڪ ۾ هڪ گڏيل سياسي جدوجهد ڪرڻ جي ڪوشش سنڌي سماج کي اڳتي وڌائڻ جوڳي آهي. جنهن کي نه جاري رکڻ گهرجي پر قومپرست اتحاد کي سازشن سان محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سنڌ جي حقن لاءِ گڏيل جدوجهد کان پهرين قومپرستي جي حقيقي حيثيت ۽ اهميت کي سمجهڻ لاءِ هڪ قومپرستي جي نظرياتي بيهڪ تي نه رڳو ڳالهائجي بلڪه انهي بحث ذريعي عوامي تربيت جا در کولجن. ڇو ته قومپرستي جي نظرياتي بيهڪ ئي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي مستقل حق ڏيارڻ جوڳي ٿيندي. اها بحث هڪ ڊگهي عرصي کان ٿي رهي آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ قومپرست تحريڪون پنهنجي اصل ۾حقيقي نظرياتي بنياد وجهي به سگهيون آهن يا رڳو قومپرستي جي نالي تي 19 هين صدي جي پولينڊ ۽ آسٽريا وانگر شاونسٽ تحريڪون آهن. قومپرست تحريڪن جي اهميت ۽ قومن جي وچ ۾ قومي مسئلي جو جائزو پهريون ڀيرو سماجي نقطي سان ”سوشلزم“ جي ڏاهن وروت، ڪميونزم جي باني ڪار ڪارل مارڪس جو قومپرستي باري ۾ خيال هو ته ”اها قوم جيڪو پنهنجي تسلط ٻين قومن تي رکڻ چاهيندي آهي هو پاڻ پنهنجي آزادي کي قيد ڪري رهي هوندي آهي اهڙي طرح فريڊوڪ اينگلس جو چوڻ هو ته ”ڪابه قوم ٻين تي قبضو ڪري آزادي حاصل نٿي ڪري سگهي“.
    ساڳئي طرح سوشلسٽ روس ۾ قوميتن جي وڌندڙ رجحانن ۾ شاونسٽ روين تي لينن جائزو وٺندي اها ڳالهه چئي هئي ته ”سوشلسٽ غريب ۽ غلط قومن جي مدد ڪندا آهن ۽ انهن جي حقن لاءِ انهن کي جدوجهد ڪرڻ ڏانهن وڌائيندا آهن. پر قومپرست تحريڪن لاءِ اهو به ضروري آهي ته اهي ته هر غريب ۽ ڏتڙيل طبقي لاءِ ويڙهه ڪن ۽ هڪ اهڙي رياست جو تصور ڏين جنهن ۾ ڏتڙيل طبقي جي مفادن سان گڏ اصل جمهوري قدرون به هجن“
    روس ۾ لينن جي انهي سوچ قومن کي حق خودمختياري سان گڏ زبانن جي احترام جو حق ڏياريو. اڄوڪي سنڌ ۾قومپرست تحريڪ کي سمجهڻ لاءِ سوشلسٽ فڪر کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. سنڌ جي عوام جي حقن جي جاکوڙ ۾ شاهه عنايت شهيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سوشلسٽ فڪر جي قربانين کي نه رڳو ياد رکڻ جي ضرورت آهي پر انهن کي سمجهڻ ۽ مسلسل غور ڪرڻ سان گڏ انهي کي سنڌ جي ماحول مطابق ڪرڻ لاءِ ڏاهپ لکڻيون لکڻ جي ضرورت آهي. انهي مرحلي تي اهو چوڻ يا سمجهڻ ته شاهه عنايت، شاهه لطيف، حيدر بخش جتوئي يا ڪامريڊ نظير عباسي رڳو قومپرست سياست جا پوئلڳ هئا. اها ڳالهه تاريخي ۽ علمي حوالي سان غلط آهي، انهي ڏس ۾ شاهه لطيف جي ”سر ڪاپائتي“ کي سمجهڻ اڄ عام اهمڪم آهي، انهي سر ۾ شاهه صاحب شاهه عنايت شهيد جي سوشلسٽ فڪر کي سنڌ جي حقن لاءِ ضروري خيال ڪري انهي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سر ڪائپائتي ۾ شاهه لطيف ڀٽائي طبقاتي جهڙي نظام کي چٽو ڪندي انهي کي عوامي جدوجهد ذريعي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻوڪي سنڌ ۾ علمي ڏاهپ ڏينهون ڏينهن غير معياري ٿيندي ٿي وڃي. سنڌ جي علمي ڏانهن پنهنجي عملي حيثيت ۾ هميشه سنڌ ۾ کاهوڙي ڪردار تي زور ڀريو آهي.
    اسان جي قومپرست تحريڪ ۾ آهستي آهستي جذبائيت ختم ٿيڻ ڏانهن ٿيندي پئي وڃي ۽ انهي جي جاءِ تي سوچ ۽ فڪر جا در کلي رهيا آهن. جيڪا سنڌ جي حقن جي عوامي جدوجهد لاءِ هڪ سٺي واٽ آهي. انهي ڏس ۾ شاهه لطيف جي ”سرڪائپاتي“ کي ملن وانگر جذباتي انداز سان پڙهڻ بجاءِ انهن سرن کي سائنسي انداز سان پڙهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ شاهه عنايت شهيد جي کاهوڙي جدوجهد جي نتيجي ۾ ”سر کاهوڙي“ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي خود تنقيدي تي عمل ڪندي پاڻ تي تنقيد ڪئي آهي ته هو کاهوڙي ناهي ٿي سگهيو.
    سنڌ جي حقن ۽ عوام جي طبقاتي ڪردار کي وائکو ڪرڻ ۽ غير جذباتي سوچ جي ڪارڪنن اندر تربيت اڄوڪي قومپرست تحريڪ جو اهم ڪم آهي. قومپرستي جي نظرياتي بيهڪ کي سمجهڻ لاءِ جيستائين سوشلسٽ نظريي جي اهم اڳواڻ لينن کي نه پڙهبو تيستائين قومپرستي جي نظرياتي تربيت ۾ ”کاهوڙي“ ڪردار پيدا نه ٿيندو. ٻين قومن جي وجود کي تسليم ڪندي ۽ ٻين قومن جي حقن جي حفاظت ئي قومپرست تحريڪ ۾ ”کاهوڙي“ ڪردار جو سبب ٿيندي. ان ڏس ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي طبقاتي ڪردار جي جاچ ڪرڻ کان علاوه اهي سامراجي لاڙا به ڏسڻا پوندا جيڪي سنڌ جو اٽوٽ انگ ٿيندي به عوام دوست نه آهن ۽ سامراجي مفادن جي لاءِ هو قبائلي ۽ وڏيرڪي سوچ کي اڳتي ڪري رهيا آهن. قومپرست سياست کي هاڻوڪي حالتن ۾ جڏهن سامراج هر شئي جو مالڪ ٿيندو ٿو وڃي، اهڙا نظرياتي سوال ڪارڪنن ۾ اٿارڻا پوندا. جنهن جي ذريعي ڪارڪنن جي تربيت جا شعوري در کلن، آءُ علي حسن چانڊيو جي ان ڳالهه کان سهمت آهيان ته ”قومپرست تحريڪ ۾ هاڻي هڪ انقلابي ڪردار طور تربيت جي ضرورت آهي گڏيل فيصلن، گڏيل جدوجهد ۽ گڏيل ليڊرشپ جي طور سامهون اچڻ جي ضرورت پهرين کان وڌيڪ آهي.

    وارث رضا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو