• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

2014 جون ڪجهه يادگار ايجادون

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستن جي دلچسپي خاطر هتي سوشل نيٽ ورڪ تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو شيئر ڪجي ٿي.. جنهن ۾ 2014 جون ڪجهه مشهور ايجادن بابت ٻڌايو ويو آهي... وڊيو ۾ مون کي پهريون نمبر ايجاد ڪافي حيران ڪيو... وڊيو ڏسو ۽ ٻڌايو ته ڇا توهان کي به ڪنهن ايجاد حيران ڪيو .. جي ها ته ان ايجاد بابت گوگلنگ ڪندي ڪجهه وڌيڪ معلومات ساٿين سان ونڊ ڪريو... :)

 
مٿين وڊيو ۾ مون کي حيران ڪندڙ ايجاد آهي رين آن رڪويسٽ (ROR)... جيڪا ايجاد آهي اسرائيلي سائنسدانن جي ... هي حيران ڪندڙ ايجاد دارصل اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جيڪا ionization نالي عمل کي استعام ڪندي ايريا جي 15 مائيلز جي اندر برسات وسائي سگهي ٿي.... آهي نه حيران ڪندڙ ڳالهه...
اڳتي هلي هن ٽيڪنالاجي مان ڇا ته شاندار فائدا ورتا ويندا اهو ته تصور ئي حيران ڪندڙ آهي... هتي دلچسپي رکندڙ دوستن اڳيان هن ايجاد کي سمجهڻ لاءِ هڪ وڊيو رکجي ٿي.. اميد ته دوستن لاءِ معلوماتي ثابت ٿيندي...

 
ڪجهه سال اڳ مون هارپ ٽيڪنالاجي بابت ٻڌو هو ۽ گوگلنگ به ڪئي هُئم، تمام سُٺي ٽيڪنالاجي آهي .
 
Back
Top