بنگلاديش سان تعلق رکندڙ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي صدر مصطفى ڪمال چيو آهي ته جلد آءِ سي سي جون حرڪتون دنيا جي سامهون آڻيندون. اهڙو اعلان هن ان وقت ڪيو جڏهن فائنل ميچ کانپوءِ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي هن بجاءِ آءِ سي سي جي چيئرمين سري نواسن هٿان ڏياري وئي. آءِ سي سي جي قانون تحت ٽرافي ڏيڻ جو حق صدر جو هوندو آهي. نه صرف اهو پر ميڊيا تي سندس مذاق به اڏائي وئي. ڀارت ۽ بنگلاديش جي ميچ ۾ ناقص۽ جانبدارانه امپائرنگ تي تنقيد سبب آءِ سي سي مصطفى ڪمال سان ناراض هئي.