سليمان وساڻ مينيجنگ ايڊيٽر انتظامي رڪن لائيبريرين 31 مارچ 2015 #1 ورلڊ ڪپ 2015 ڪيتريون ئي يادون ڇڏي ويو. هن ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي سينچريون ٺهيون، تمام سٺا بالنگ اسپيل ڏسڻ ۾ آيا ۽ بهترين بيٽنگ اننگز ڏسڻ لاء مليون. ساڳي وقت ورلڊ ڪپ ڪيترن ئي نامور ڪرڪيٽرز جو آخري ٽورنامينٽ ثابت ٿيو. هن ورلڊ ڪپ سان گڏ ئي ون ڊي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ رانديگرن ۾ آسٽريليا جو ڪپتان ۽ ورلڊ ڪپ 2015ع جو فاتح مائيڪل ڪلارڪ، آسٽريليا جو وڪيٽ ڪيپر بريڊ هيڊن، نيوزيلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان ڊينيئل وٽوري، سريلنڪا جا اڳوڻا ڪپتان ڪمار سنگاڪارا ۽ مهيلا جي ورڌني، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق ۽ اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي، زمبابوي ٽيم جو ڪپتان برينڊن ٽيلر شامل آهن.
ورلڊ ڪپ 2015 ڪيتريون ئي يادون ڇڏي ويو. هن ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي سينچريون ٺهيون، تمام سٺا بالنگ اسپيل ڏسڻ ۾ آيا ۽ بهترين بيٽنگ اننگز ڏسڻ لاء مليون. ساڳي وقت ورلڊ ڪپ ڪيترن ئي نامور ڪرڪيٽرز جو آخري ٽورنامينٽ ثابت ٿيو. هن ورلڊ ڪپ سان گڏ ئي ون ڊي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ رانديگرن ۾ آسٽريليا جو ڪپتان ۽ ورلڊ ڪپ 2015ع جو فاتح مائيڪل ڪلارڪ، آسٽريليا جو وڪيٽ ڪيپر بريڊ هيڊن، نيوزيلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان ڊينيئل وٽوري، سريلنڪا جا اڳوڻا ڪپتان ڪمار سنگاڪارا ۽ مهيلا جي ورڌني، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق ۽ اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي، زمبابوي ٽيم جو ڪپتان برينڊن ٽيلر شامل آهن.