اَٺن مهينن کان اِهو ئي سوچيندو رهيو آهيان تہ اڄ ڏينهن تائين هُن مونسان رابطو ڇو نہ ڪيو آ...! ڪيڏانهن وئي ؟ ڪٿي آهي؟ اهو ئي سوچيندي فيڪلٽي جي سيڙهين تان لهي رهيو هوَس تہ اُتي منهنجو هڪ دوست جاويد مليو، ڏاڍو اُطاولو ۽ پريشان ڏسڻ ۾ پي آيو، مون تي نظر پوندي ئي ڄڻ هُن جي اڌ پريشاني لهي وئي، چيائين “يار مون توکي ئي پي ڳوليو”... “پر ڇو خير تہ آهي؟” پچيم “ ها ٻيو تہ خير آ” چيائين “ايمرجنسي ۾ رت جي ضرورت آ.” “حاضر” پچيم “ ڪنهن کي ٿو گھرجي؟” “منهنجي دوست جي گھرواري راجپوتانا ۾ ايڊمٽ آهي” چيائين “ هن جي ڊليوري ٿيڻي آ ۽ سندس گھروارو رت جي لاءِ ڏاڍو پريشان آهي.” منهنجو بلڊ گروپ O+ve آهي، اڪثر دوستن کي بلڊ جي ضرورت پوندي هئي تہ هو اول مونسان ئي رابطو ڪندا هئا، ان جي وجهہ اها هئي تہ O+ve هر +ve گروپ تي لڳي سگھي ٿو. آئون جسماني قـد ڪاٺ کان سفا ڪمزورهجڻ جي باوجود هن وقت تائين 9 بوتلون رت جون ڏئي چڪو آهيان، رابعيہ مونکي اڳ ٻہ دفعا منع ڪري چڪي آهي تہ تون هاڻي ڪنهن کي بہ بلڊ نہ ڏجان. پر جڏهن بہ ڪنهن ماڻهو کي لاچار ۽ بيوس ڏسندو آهيان تہ منهنجو روح تڙپي پوندو آهي ۽ ان جي هر هال ۾ مدد لاءِ تيار ٿي پوندو آهيان. هڪ دفعي صبح سوير سول هاسپيٽل ويس اُهو سومر جو ڏينهن هو، ان ڏينهن بہ ڪنهن مريض کي رت ڏيڻو هو، 9 بجي اسٽاف آيو هر هڪ پنهنجي منهن پنهنجا ڪم ڪري رهيو هو، گھڻي وٺ پڪڙ کان پوءِ 10 بجي رت ڏئي آئون يونيورسٽي روانو ٿيس جتي رابعيہ منهنجي انتظار ۾ صبح 8 بجي کان ويٺي هئي، آئون 11 بجي ورسٽي پهتس، هوءَ سينٽرل لائبريري جي سنڌي سيڪشن ۾ ويٺي هئي آئون هن جي ڀر ۾ ڪرسي تي ويهي رهيس هوءَ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هئي، مون ۾ نِهارڻ کان بغير ئي پڇيائين؛ “ڪٿي هُئين؟” “ايڏو وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين جو ڪال بہ نٿو اٽينڊ ڪري سگھين.!” “نہ نہ اهڙي ڳالھ ناهي” چيم “ هڪ دوست ڏاڍي مشڪل ۾ هو اُن جي مدد پي ڪيم.” ڏاڍي سنجيدگيءَ سان پڇيائين “ ڪهڙي مدد؟” “بس ڇڏينس” ڳالھ کي ٽاريندي چيم “طبعيت ڪيئن اٿئي؟” “ٺيڪ آهيان” چيائين “سفا بور ٿي پئي آهيان.” “آئون اچي ويس نہ تنهنجي بوريت ختم ڪرڻ جي لاءِ.” خفي ٿيندي چيائين “ها” اچانڪ هن جي نظر منهنجي ٻانهن تي پئي جتي سرنج لڳڻ ڪري بلڊ نڪتو هو ۽ ٿورو ڪپڙن کي بہ لڳي ويو هو. “هي ڇا آهي؟” ٻانهن ڏي اشارو ڪندي چيائين. “ ڪٿي؟” ڳالھ کي ٽارڻ لاءِ چيم “ ها هي شايد بس ۾ چڙهندي ڪنهن ڪنڊ يا ڪِلي لڳڻ سبب ٿيو هوندو تون فڪر نہ ڪر معمولي آ.” “ ٻانهن جو ڪف مٿي ڪر” ڳنڀير ٿيندي چيائين. “ ڇڏينس معمولي آ” چيم “ ڪو وڏو زخم ناهي” پنهنجي هٿ سان ٻانهن جا بٽڻ کولي مٿي ڪري ڏٺائين تہ سني پلاسٽ لڳو پيو هو، منهنجي منهن ۾ تعجب ڀريل نگاهن سان ڏسندي چيائين “ هڪ تہ بلڊ ڏنئي ٻيو وري ڪوڙ ڳالهائڻ بہ سکي ويو آهين!” “ سچ چوان ها تہ تون ناراض ٿي وڃين ها” “ پر ڪوڙ ڪڏهنهن لڪندو ناهي” “ ۽ سچ تي ڪير اعتبار ناهي ڪندو.” “ ٺيڪ آ صحيح ڪيو اٿئي ” چيائين منهنجي قسم جي تہ ڪا اهميت ئي ناهي نہ؟” “ هڪ قسم جي اهميت وڌيڪ آ يا ڪنهن جي جان جي؟ ” چيم “ الله نہ ڪري سڀاڻي توتي اهڙو ڪو وقت اچي تہ پوءِ مونکي ڇا ڪرڻ گھرجي قسم نڀايان يا تنهنجي جان بچايان.؟” “ پر تو پنهنجي حالت ڏٺي آ” فڪرمند ٿيندي چيائين “ پورو پِيلو ٿي ويو آهين.” مون ڪجھ نہ چيو ۽ ڪافي دير تائين ٻئي خاموش رهياسين، منهنجي لاءِ ڏاڍو فڪرمند ٿيندي آ اکين ۾ آلاڻ اچي ويس اِئين لڳو ڄڻ اجھو روئي پوندي. “ساجن” “جي“ “ ڏس ساجن پنهنجي صحت جو خيال رکندو ڪر” منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيائين “ هاڻي ڪنهن کي بلڊ نہ ڏجان پليز..” “ ٺيڪ آ ڪون ڏيندس” چيم “ پر جي ڪو سفا لاچار هوندو تہ ان کي ضرور ڏيندس” ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيائين “ مطلب منهنجي ڳالھ نٿو مڃين نہ.؟” “ چيم تہ ڪونہ ڏيندس” “ ٺيڪ آ” ٻئي ڄڻا خاموش ٿي وياسين ڄڻ نانگ سراپي ويو هجي، رابعيہ ۽ آئون هڪ ٻي کي چئن سالن کان سُڃاڻو ٿا هڪ ٻي سان محبت بہ تمام گھڻي ڪندا آهيون، پر پوءِ بہ الاءِ ڇو هو ڏاڍي اداس رهندي آ، جڏهن بہ مونسان ملندي آ تہ گھڻو ڪري خاموش رهندي آ سوچ جي ڪنهن وڏي سمنڊ ۾ ٻڏل هوندي آ، ان خاموشي کي ٽوڙڻ لاءِ چيم “ ڀلا تون گھروارن سان ڳالهايو؟” “ ڇا جي باري ۾؟” “ پنهنجي شادي جي باري ۾.” “ ساجن بابا راضي ڪونہ ٿيندو” چيائين “ تون ٻهراڙي جو آهين مونکي تہ اِن ڳالھ ۾ ڪو اعتراض ڪونهي، پر مهنجا گھر وارا راضي ڪونہ ٿيندا” “ مطلب آئون اِنڪار سمجھان؟” “ ساجن تون صبر جھل” چيائين “ آئون ڳالهائيندس گھر وارن سان، ڪو نہ ڪو حل نڪري ايندو.” “ ٺيڪ آ” چيم “ مونکي انتظار رهندو اُن گھڙي جو ” “ ساجن ” مون ڏي مرڪ واري نظرن سان نهاريندي چيائين “ پنهنجو رت جو رشتو هجي ها تہ اهو ڪيڏو نہ سولو ٿي ها، پاڻ کي هڪ ٿيڻ کان ڪير بہ روڪي نہ سگھي ها” “ پنهنجي هڪ ٿيڻ لاءِ رت جو رشتو هجڻ ضروري آ؟” “ نہ ساجن” منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيائين “ لازمي ناهي پر شايد تو منهنجي ڳالھ کي سمجھيو ڪونہ.” “ سمجھيم” پنهنجو ٻيو هٿ هن جي هٿ تي رکندي چيم “ تنهجي لاءِ پنهنجي رت جو هڪ هڪ قطرو وهائي سگھان ٿو.” “ ٻڌ ساجن ” چيائين “ اڄ بہ ڏاڍي مشڪل سان آئي آهيان، مون وٽ پنهنجو موبائل بہ ڪونهي پر ڪزن جي موبائل تان توسان رابطي ۾ رهنديس هاڻي وڃان ٿي ڪافي دير ٿي وئي آهي.” “ وري ڪڏهن ملندين؟” “ تمام جلد ” چيائين “ آئون رابطو ڪنديس توسان.” اسين ٻئي اٿياسين سينٽرل لائبريري جي سيڙهين تان لهي هيٺ زيرو پوائينٽ تي آياسين هن کي رڪشہ ۾ روانو ڪري آئون اُتي ئي بيٺو رهيس ٿوري ئي دير ۾ رڪشہ هڪ وڏي اسپيڊ سان منهنجي اکين کان اوجھل ٿيندو ويو ائين لڳو ڄڻ زندگيءَ جون سڀ تمنائون رڪشہ جيان اسپيڊ وٺي مونکان پري ٿينديون پيون وڃن، اڄ بہ ان ڏينهن کي ياد ڪندي سوچي رهيو هوس تہ 8 مهينا گذري چڪا آهن نہ هن جو ڪو ميسيج نہ ڪال نہ ڪو ڏس پتو ڪيترائي وهم ۽ وسوسا ذهن ۾ جنم وٺندا رهيا، اها ئي ڳالھ سوچيندي فيڪلٽي جي سيڙهين تان لهي رهيو هوس تہ جاويد مليو، آئون ۽ جاويد فورن راجپوتانا پهتاسين جاويد پنهنجي دوست کان پڇيو “ ڀاڄائي ڪيئن آهي؟” “ ٺيڪ آ ” دوست پريشاني واري حالت ۾ چيس “ آپريشن ٿيٽر ۾ آهي، ڊاڪٽر چون پيا جلد رت جو بندوبست ڪيو، ڏاڍو پريشان آهيان” “ تون فڪر نہ ڪر” جاويد دلاسو ڏيندي چيس “ ساجن جو بلڊ ڀاڄائي کي لڳي ويندو ساڳيو ئي گروپ آ.” اسان اول ليبارٽري ۾ ٽيسٽون ڪرايون، بلڊ ميچ ٿي ويو فورن سان رت جي بوتل منهنجي رڳُن مان ڪڍي Gynae ward روانو ڪيو ويو جتي جاويد جي دوست جي گھرواري ايڊمٽ هئي. آئون اڃا ليبارٽري ۾ ئي هوس تہ جاويد تڪڙو تڪڙو ليبارٽري ۾ داخل ٿيو ۽ معنيٰ خيز مرڪ چپن تي هوس، چيائين “اسلم کي خوبصورت پٽ ڄائو آهي، هل تہ کين مبارڪون بہ ڏيون ۽ مٺائي بہ وٺون” “ نہ يار هو ڌاريا آهن” “ ڇا جا ڌاريا؟” چيائين “هاڻي تہ تنهنجو رت جو رشتو آ انهن سان!” جاويد زبردستي مونکي اندر وٺي ويو ۽ اندر ويندي ئي چيائين “ ڀاڄائي هي منهنجو دوست ساجن آهي جنهن توهان کي رت ڏنو آهي” ڏٺم تہ بيڊ تي رابعيہ ليٽي پئي هئي ۽ هن جي هنج ۾ هڪ خوبصورت ٻار هو، مونکي هر شيءُ ڀڄندي ڀُرندي محسوس ٿي دماغ ڀووانٽيون کائڻ لڳو بس پُٺين پيرن وارڊ مان ٻاهر نڪتس ۽ الاءِ ڪيئن گھر پهچي پاڻ کي بستر تي اڇلائي ڇڏيم. غلام اڪبر دل سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو