• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تو مٿان وارجي وينداسين! (حيدر ملاح)

اسان جي خاموشي کي
جي ڪو ڪمزوري سمجھي ٿو تہ ڀليل آھي.
پھاڙن کي ڀلا ڪنھن ڳالھاۂيندي ڏٺو آھي!
بازن کي ڀلا ڪنھن بڪندي ٻڌو آھي!
سر فروشن کي ڀلا ڪنھن جھڪندي ڏٺو آھي!
باغين کي ڀلا ڪنھن رۂندو ڏٺو آھي!
اسان ھن دؤر جا
نہ لڏندڙ پھاڙ
سر گھوري ڇڏيندڙ سرفروش
اونچاۂن ڏانھن اڏامندڙ باز
ء بغاوتن لاء رت سان
ڏياٽيون ٻاريندڙ باغي آھيون!
اي مادر وطن سنڌ
ڀلي آزمائي ڏسجان!
مرڪندڙ چھري سان!
ء اونچي ڳاٽ سان!
تو مٿان وارجي وينداسين!
 
اي مادر وطن سنڌ
ڀلي آزمائي ڏسجان!
مرڪندڙ چھري سان!
ء اونچي ڳاٽ سان!
تو مٿان وارجي وينداسين!


واهه واهه .... ڇا ته سٽون آهن
 
Back
Top