گھڻو وقت اڳي مون هڪ بيت پڙهيو هئو، جنهن جو هڪ بند اڃا تائين ياد اٿم، باقي بيت ۽ سندس شاعر جو نالو وسري ويو اٿم. دوستن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي سڄو بيت اچي ٿو ته لِکي موڪلين، ۽ شاعر جو نالو به ٻڌائين. بيت جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو: سدا سنڌ رهندي، سدا شاھ رهندو؛ سامي ۽ سچل جو سدا نانءُ رهندو؛ اسان کي مٽائڻ جي ڪوشش اجائي؛ هٽائي ڇڏيو، اڄ هٽائي ڇڏيو.