• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مَارُئي سِبي سَيبَا ڏَي، ڀَورِي نِيهُ نَہ ڪَچَوئَي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jG5jq4iAZhfg4.jpg

سِبي سَيبَا ڏَي، ڀَورِي نِيهُ نَہ ڪَچَوئَي
کَٿِيَ وَٽيُون کُٿِيُون، سَتِي سِيڻَي سَي
مَڇُڻِ چُونِمِ ڪَي، لَڄَايَئِي ٿَرَ ڄَائِيُون


سُرُ مَارُئِي

سَيبَا = ٽوپا، ٽاڪا
ڀَورِي = معصومڙي، اَبَهَمڙِي
نِيهُ = نينهن، عشق، محبت
ڪَچَوئَي = گهٽتائي ڪري، ڪمي ڪري
کَٿِي = لوئي، رِلِي، ڪمبل
وَٽيُون = ڪِنَارِيُون
کُٿِيُون = ڳري ويون، پراڻيون ٿي ويون، ڦاٽي ويون، ليڙون ليڙون ٿي ويون
سَتِي = سَتَ واري، ستياڻي، پاڪدامن
سِيڻَي = سِبَي، ٽوپا ڏئي
مَڇُڻِ = متان، مبادا
چونِمِ = چَوَنِمِ، چون

بيت جو پس منظر


~ هي ابهمڙي چولي کي ٽوپا ڏئي جسم ڍڪي ٿي پر مارن جي محبت ۾ ڪا ڪمي ٿيڻ نٿي ڏئي.
~ هي ستياڻي ليڙون ٿيل لوئيءَ جي ڪِنَاريُنِ کي ويٺي سبي.
~ متان ڪي ايئين چون تہ تو ٿريلين کي لڄايو آهي.

سمجهاڻي

عمر جي قيد ۾ گذاريندي مارئيءَ جو چولو ۽ لوئي پراڻا ٿي ويا هن، ڦاٽي ويا هن، ليڙون ليڙون ٿي ويا هن.هي معصومڙي ۽ پاڪدامن مارئي انهن کي ٽوپا ڏئي، چتيون هڻي پنهنجو جسمڍڪي ٿي. پر مارن سان محبت ۾ ڪا ڪمي ڪونہ آئي اٿس.
مارئي عمر بادشاھ طرفان ڏنل ريشمي ۽ بخملي ويس وڳن کا نفرت ٿي ڪري ۽ پنهنجي مارن جَي سادڙن ليڙون ٿيل لٽن تي فخر محسوس ٿي ڪري. مارئي اهو سڀ ڪجھ ان لاءِ ٿي ڪري تہ متان ٿر ۾ سڀاڻي مون کي يا منهنجي مارن کي ڪو مهڻو ڏئي، تہ عمر جا ويس ڍڪي تو ٿر لڄايو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top