ڪجهه ذڪر سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مرحوم ڊاڪٽر عبدالشڪور دائود پوٽو هڪ بهادر ۽ دلير انسان هو. شڪور دائود پوٽو ”شيخ السنڌ“ مولانا عبدالحق رباني جو وڏو فرزند هو. مولانا عبدالحق رباني جي علم ۽ فڪر جي لحاظ کان ننڍي کنڊ ۾ وڏي هاڪ هئي. مولانا عبدالحق ربانيءَ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو، بعد ۾ هن جمعيت العلماءِ هند ۾ شموليت اختيار ڪئي. انگريزن کي ننڍي کنڊ مان تڙڻ لاءِ هو ڪانگريس جو حامي هو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي ڏتڙيل هارين جي حالت سڌارڻ لاءِ پڻ جاکوڙ ڪيائين. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته مولانا عبدالحق رباني محفل سينيما هالا جي هال ۾ پ پ پ جي ڪيل جلسي ۾ تقرير ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان مخاطب ٿيندي چيو ته، ”پ پ پ ۾ جاگيردار، وڏيرا ۽ نواب شامل نه ڪر، ڇاڪاڻ ته هنن هميشه غريبن جي مفادن تي سوديبازي ڪئي آهي. هڪ ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن توتي ڏکيا ڏينهن ايندا، هي سڀ توکي ڇڏي ڀڄي ويندا ۽ توکي ڦاسي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا“. مولانا عبدالحق رباني هڪ شعله بيان مقرر هو، هن پ پ پ جي ڪري جيل جون صعوبتون پڻ برداشت ڪيون.
    شڪور دائود پوٽو انٽر سائنس پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. هو به پنهنجي والد جيان سچو انسان هو. طبيعت جو تيز ۽ کرو هو، هر ڪنهن کي منهن تي سچ چوندو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد هن کي ”مولانا شبلي“ سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته هن کي سونهاري مبارڪ منهن تي هئي. هو هاسٽل ۾ رهندو هو، شاگردن جا فيصلا پڻ ڪندو هو. جڏهن شاگرد اڳواڻن 4 مارچ 1967ع کان هڪ ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي کان ونيونٽ (شهباز) بلڊنگ تائين جلوس ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ته شاگرد اڳواڻن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. ڪجهه دوستن جو موقف هو ته صرف ان وقت حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر مسرور حسن خلاف نعرا هڻجن، جيڪو ان وقت جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي تنگ ڪري رهيو هو. ڪجهه دوستن جو وري اهو موقف هو ته مسرور حسن سان گڏوگڏ ”جنرل ايوب خان جي آمريت مرده باد“ ۽ ”ون يونٽ ٽوڙيو“ جا نعرا پڻ هڻڻ گهرجن. شڪور دائود پوٽي پڻ تائيد ڪئي ته پوئين ڌر جو موقف درست آهي. جيئن ته يوسف لغاري ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين جو صدر هو، هن جو موقف هو ته شاگرد يونين جا عهديدار طئي ڪندا ته ڪهڙا نعر الڳائڻ گهرجن. ڊاڪٽر شڪور دائود پوٽو کٽ تي ويهي پلٿي ماري سڀني کي سمجهائيندو رهيو ته مسرور حسن خلاف نعرا هڻڻ سان گڏ سياسي نعرا پڻ هنيا وڃن، ون يونٽ جو ٽٽڻ سنڌ جي مفاد ۾ آهي، پر دوستن سندس ڳالهه نه مڃي. ون يونٽ جي ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ اندر شاگردن جون مختلف تنظيمون سنڌ سطح تي اڀريون. ان کان اڳ صرف ڪراچي ۾ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن N.S.F ۽ اسلامي جمعيت طلبا ڪم ڪري رهيون هيون، پر N.S.F ۾ ٻه ڌڙا قائم هئا، هڪ ڌڙو ”چين نواز“ هو ۽ ٻيو ڌڙو ”ماسڪو نواز“ هو. ان وقت ڪراچي ۾ معراج محمد خان، علي مختيار رضوي، سيد رشيد رضوي، نفيس صديقي، امير حيدر ڪاظمي وڏا اڳواڻ هئا، جن اڳتي هلي پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. معراج محمد خان ۽ امير حيدر ڪاظمي وفاقي وزير پڻ ٿيا.
    ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ ڪلچرل اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آيو. اڳتي هلي شاهه محمد شاهه، جيڪو ڄام ساقي وارن سان گڏ هو، تنهن يوسف ٽالپر ۽ اقبال ترين سان گڏجي ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ ٺاهي. سنڌ سطح تي ڄام ساقي، اقبال ترين، شاهه محمد شاهه، مدد علي سنڌي، مجيب پيرزادو، مسعود نوراني، لالا قادر، حسين شاهه بخاري وڏا شاگرد اڳواڻ ٿي اڀريا. حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل شاگردن جو ڪنوينشن ٿيو. سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جنهن جو پهريون صدر ڄام ساقي ۽ جنرل سيڪريٽري مير ٿيٻو چونڊيا ويا. هن تنظيم جا ٻيا اهم اڳواڻ سيد مهر حسين شاهه، عنايت الله ڪشميري، هدايت حسين، عبدالحئي پليجو، شبير شر، نديم اختر هئا. 2 جنوري 1970ع تي حيدرآباد ۾ اقبال ترين ۽ مسعود نوراني جي اڳواڻي ۾ سنڌي شاگردن جو جلوس نڪتو. هي جلوس مسلم ڪاليج کان شروع ٿي، جڏهن سٽي ڪاليج وٽ پهتو ته سنڌي شاگردن مٿان فائرنگ ٿي، ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا، ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ننڍي پٽ کي ٽنگ ۾ گولي لڳي. حڪومت طرفان گرفتاريون ڪيون ويون، شاگردن سان گڏوگڏ سياستدانن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد شهر ۾ سنڌي-مهاجر فساد شروع ٿي ويا هئا. شاگرد اڳواڻن ۾ يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، لالا قادر، حسين شاهه بخاري، اقبال ترين، الله اوڀايو ڏاهري، هاشم لغاري ۽ ٻيا شامل هئا. اردو ڳالهائيندڙ شاگرد اڳواڻن ۾ عثمان ڪينيڊي، ۽ ٻيا شامل هئا. بعد ۾ ڄام ساقي ۽ ٻين دوستن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو. سينٽرل جيل حيدرآباد اندر ڪجهه اڳواڻن کي ”اڇي چڪر“ ۽ ڪن کي ”ڪاري چڪر“ ۾ رکيو ويو، مسعود نوراني جو آواز ڏاڍو سريلو هو، هو دوستن کي شيخ اياز جو ڪلام ”مڻيار آيو مڻيار آيو“ ٿالهي وڄائي ٻڌائيندو هو ته دوستن کي جيل وسري ويندو هو. جيل سپرنٽينڊنٽ مسعود نوراني کي اڪيلائي ۾ کوليءَ اندر بند ڪري ڇڏيو، ان کوليءَ ۾ ڪنهن سان ملڻ نه ڏنو ويندو آهي ۽ چوويهه ڪلاڪ بند رکيو ويندو آهي. ماني يا جيل جو پتو گيٽ هيٺان ڏنو ويندو آهي. مسعود نوراني بند کوليءَ ۾ بک هڙتال ڪئي ۽ سندس حالت ڪجهه نه کائڻ پيئڻ جي ڪري بگڙجي ويئي. سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري دوستن جيل اندر Doctor wanted جا نعرا هنيا. جيئن ته ان وقت سڄي ملڪ ۾ ملٽري ڪورٽس قائم هيون. ملٽري ڪورٽس جا جج ملٽري آفيسر هئا، اهي شاگردن کي ڪلاس وائيز سزا ڏيندا هئا. ميٽرڪ جي شاگرد لاءِ ٽي مهينا، انٽر جي شاگرد کي ڇهه مهينا، بي اي جي شاگرد کي نو مهينا ۽ ايم اي جي شاگرد کي هڪ سال سزا ڏيڻ کانپوءِ مختلف جيلن ۾ موڪليو ويندو هو.
    سنڌ جي عظيم هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو طرفان ”سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪريو“ تحريڪ هلي، پنج سئو کان مٿي هاري جيل ۾ ويا. اسان جون چار نياڻيون، جن ۾ اختر بلوچ، جنهن اڳ ۾ سنڌي لسٽن جي تحريڪ ۾ رضاڪارانه طور تي گرفتاري ڏيئي پهرين قيدي شاگردياڻيءَ جو اعزاز حاصل ڪيو هو، اها هن تحريڪ ۾ پڻ گرفتار ٿي، هن سان گڏ رياض ميمڻ، نسيم سنڌي ۽ شميم بهراڻي پڻ شامل هيون. (اختر بلوچ جيجي زرينه بلوچ جي نياڻي ۽ سسئي پليجو جي ماءُ آهي). رياض ميمڻ کي فوجي ڪورٽ سزا ڏيئي سينٽرل جيل پشاور موڪليو، اسان جي دوستن هن جي پارت عوامي نيشنل پارٽيءَ جي اڳواڻن کي ڪئي. رياض ميمڻ جي شادي اڳتي هلي مسعود نوراني سان ٿي. هي تحريڪ محض حيدرآباد ڊويزن جي هڪ ڪمشنر جي خاطريءَ تي ختم ڪئي ويئي. جيڪڏهن هي تحريڪ ختم نه ڪئي وڃي ها ته شايد سنڌ جون زمينون ڌارين کي نه ڏنيون وڃن ها، ۽ سنڌ کي ڪو ميري اک سان نه ڏسي ها.


    لياقت عزيز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو