غزل وسيم آڪاش سيتائي. مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا، وکريل وجود ڪير سھيڙيندو تو سوا. ديبل جي دانھ درد ھان، مڪليءَ جي ماٺ يا، موھن دڙي جي روح جي آھيان دٻيل صدا. جھاڳيان پيو جھان جو جھنجھٽ اڃا پرين، فطرت جو ڀانءِ ڀيد، ازل منھنجي ابتدا. توبن خزان جي زرد پتن وانگيان ڇڻيل، گمنام ڪنھن ته راھ جو رھگير ھان مٺا. عربن جي دور شور لتاڙيو جو ديس کي، ڏاھر جي پاڪ سنڌ جي اُڊڙي بخيا ويا. تاريخ جي پنن تي ھيا داغ خون جا، جئين رات ڪا اماس جي، ائين سنڌ جي ڪٿا.
پيارا وسيم آڪاش تمام سهڻو غزل ديبل جي دانھ درد ھان، مڪليءَ جي ماٺ يا، موھن دڙي جي روح جي آھيان دٻيل صدا