• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پينون فقيرن بئنڪ کولي ورتي

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
ڀارتي رياست بهار ۾ پينون فقيرن جي هڪ گروپ فقيرن لاءِ هڪ بينڪ کولي ورتو آهي، جنهن کي فقير ئي هلائيندا آهن، جيئن بحران وقت فقيرن جي مالي سهائتا ڪري سگھجي. خابروا داري موجب شهر ۾ ”مان منگلا گوري مندر“ جي دروازي تي ايندڙ سوين عقيدتمند جي خيرات تي ڀاڙيندڙ درجنين فقيرن بئنڪ شروع ڪئي آهي ۽ ان جو نالو ”منگلا بئنڪ“ رکيو آهي. ان نرالي بينڪ جي 40 ميمبرن مان هڪ راج ڪمار مانجھي ميڊيا کي ٻڌايو ته اهو سچ آهي ته اسان پنهنجي لاءِ هڪ بئنڪ جوڙي آهي، بينڪ مينيجر ڪوشپال ۽ سيڪريٽري سان گڏ ئي هڪ ايجنٽ ۽ بئنڪ هلائيندڙ ٻيا ميمبر سڀ ئي پينون فقير آهن، پر اتفاق سان ان بينڪ جو مينيجر مانجھي پڙهيل آهي. بينڪ اڪائونٽس ۽ ٻيا ڪم ڪندڙ تعليم يافته مانجھيءَ چيو ته اسان مان هر ڪو بينڪ ۾ هر اڱاري تي 20 رپيا جمع ڪرائيندو آهي، جيڪي 800 رپيا هفتيوار جمع ٿيندو آهي، بئنڪ جي سيڪريٽري مالتي ديويءَ چيو ته هيءَ بينڪ گذريل سال وڏين اميدن سان ۽ فقيرن جي خواهشن جي پورائي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي، اسان سان هيل تائين معاشري ۾ سٺو ورتاءُ نه پيو ٿئي، ڇو ته اسان غريبن کان به غريب آهيون، فقيرن کان پنهنجو اڪائونٽ کولرائڻ لاءِ هاڻي وڌ کان وڌ فقيرن سان رابطن ۾ آهيون. مانجھي جي گھر واري نگينه ديوي بينڪ جي خزانچي آهي، جنهن ٻڌايو ته سندس ڪم گڏ ٿيل پيسن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي ۽ هنگامي صورتحال تي فقيرن جي فوري مدد ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو هلندڙ مهيني جي شروع ۾ منهنجي ڌيءُ ۽ ڀيڻ کاڌو رڌيندي سڙي زخمي ٿي پيون هيون، بينڪ سندس علاج ڪرائڻ لاءِ مون کي 8000 رپين جو قرض ڏنو آهي، اهڙي مدد قومي بينڪ ۾ وٺڻ لاءِ ڪاغذي ڪم يا ضمانت کان سواءِ ناهي ٿي سگھندو.
 
Back
Top