• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چور يا خوابن جي تعبير ٻڌائڻ وارو..

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
رات جي وقت هڪ گهر ۾ هڪ چور داخل ٿيو، ڪمري جو دروازو جيئن کوليائين ته کَٽ تي هڪ پوڙهي عورت سُتل هئي. دروازي جي کُلڻ سان سندس ننڊ ڦٽي وئي. چور گهٻرائجي سندس طرف ڏٺو ته پوڙهي عورت اُٿي ويهي رهي.
پوڙهي مائي کيس چيو: ”پُٽ! تون شڪل کان ڪنهن سٺي گهراڻي جو لڳين ٿو، مان سمجهان ٿي ته تون حالتن کان مجبور ٿي هن رستي تي لڳي پيو آهين. چلو ڪا ڳالهه ناهي، الماريءَ جي ٽئين خاني ۾ هڪ تجوڙي آهي، جنهن منجهه سمورو مال پيو آهي. هاڻ تون ان مال کي کڻي خاموشيءَ سان هتان وڃي سگهين ٿو.
پر پهرين هڪ منٽ هيڏانهن اچ، مان هينئر هڪ خواب ڏٺو. اهو ٻڌي ڀلا مون کي ان جي تعبير ته ٻڌاءِ“
چور ان پوڙهي عورت جي شفقت ۽ رحم دليءَ منجهان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ خاموشيءَ سان ان وٽ وڃي ويهي رهيو.
پوڙهي عورت پنهنجو خواب ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”پُٽ! مون ڏٺو ته مان هڪ صحرا ۾ گُم ٿي وئي آهيان ۽ منهنجي مٿان هڪ سرڻ لامارا ڏئي رهي آهي، پوءِ اوچتو اها سرڻ منهنجي ويجهو آئي ۽ 3 ڀيرا زور سان چيائين .. ماجد، ماجد، ماجد
بس پوءِ منهنجي ننڊ ختم ٿي وئي ۽ منهنجو خواب ختم ٿي ويو. پوءِ هاڻي ٻڌائي ته ان جي تعبير ڇا ٿيندي؟“
چور ته سوچ ۾ پئجي ويو پر ڀرسان واري ڪمري ۾ پوڙهيءَ جو وڏو پُٽ ماجد پنهنجو نالو ٻڌي اُٿي پيو ۽ ڊڪندو آيو ۽ اچي چور کي اهڙي ته ڦيهه ڪڍيائين جو چور جا لاهه نڪري پيا..
پوڙهيءَ چيو: ”ماجد پُٽ! هاڻ ڇڏينس چور کي، کيس پنهنجي ڏوهه جي سزا ملي چڪي آهي“
چور چيو: ” نه ڀائو ! مون کي اڃان مار، زور زور سان ڪُٽ ڪڍ ته جيئن مون کي اڳتي ياد بيهي ته مان هڪ چور آهيان، ڪو خوابن جي تعبير ٻڌائڻ وارو ناهيان“
 
سٺو ......

مونکي چندر جو اهو ڪلام ياد اچي ويو .... جنهن جي به ساڳي ئي ڪهاڻي آهي ..... ايٽ اڃان مان ننڍڙي آهيان وڏي به آخر ٿيندس .....
 
Back
Top