غزل وسيم آڪاش سيتائي دوستَ ئي راھَ ۾ رکي پٿرَ، تھمتن جا ھڻي ويا نشترَ. ڪنھن مسيحا اچي ھنيا آھن، اذيتن جا وجود ۾ خنجرَ. روح شمشان، جسم هو ميت، زندگي دردَ جي هُئي ڪا ڄَرَ. عزم ضربي نه ظلم ھان ڪڏھين، سَنڌَ اتحاد جا سُڪل ھا پَرَ. خيال آڪاش جا پروڻ ھيا، سُرخ آھن سڀيئي پَسمنظرَ.