رئيس جي پُٽ جو ڪاڄ هو سڀني راڄ وارن کي ڪم ڪار ۾ مدد جي هڪل ڪيل هئي، علڻ جي پاڙي تي ويجهن راڄن ۾ دعوتون پهچائڻ جو ڪم رکيل هو، ڪريم ڏني وارن تي وري پري پري جون دعوتون پهچائڻ جو ڪم رکيل هو، ڦتو واري پاڙي تي ڪاٺين جو بندوبست ڪرڻ جو ڪم رکيل هو جڏهن ته الهڏني وارا شادي لاءِ گهربل سامان شهر مان کڻي اچڻ تي مقرر ڪيل هئا، رئيس پاران شاديءَ لاءِ خاص پوکيل سڳداسي باسمتي سارين جي بٽئي ۽ انهن مان ان ڪڍڻ جو ڪم آچار وارن تي رکيل هو. رئيس پاڻ شهر مان شاديءَ کان فقط ٻه ڏينهن اڳ اچڻو هو، لطيف جي پاڙي تي شادي واري ڏينهن ماني ذيان ٿيڻ کان بچائڻ جو ڪم رکيل هو کيس سختي سان تاڪيد ڪيل هئي ته هر ماڻهو ڇني ۾ ئي ماني کائي ڪنهن کي به ماني ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي. لطيف جي ڪهڙي مجال جو هو انڪار ڪري سگهي هُن پنهنجي پاڙي جي همراهن کي گڏ ڪري رئيس جو ذيان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا چاچي رمضان شروعات ڪندي چيو ته رئيس حڪم ڪيو آهي ته پوءِ اسان کي سِر ڏيئي رئيس جو ڪاڄ ڦِٽڻ کان بچائڻو آهي پر ٻيلي پنهنجو پاڙو اَڀرو آهي ٻيا سڀ راڄ وارا پاڻ کان زورآور آهن خود رئيس جا هيڏا سارا ڪمدار پيا هلن جيڪي پنهنجن پنهنجن کي ماني ضرور کڻي ڏيندا پاڻ اهو ڪيئن روڪي سگهنداسين حڪم ته اکين تي پر ٻيلي ڳالهه ڳري اٿوَ. سڀني چاچي رمضان جي ڳالهه سان سهمت ڪيو پر رئيس جو حڪم هو سو مڃڻو ته لازمي هو سو، سڀئي ٺهي سنڀري شادي واري ڏينهن ”مورچا“ جهلي بيٺا پر جڏهن رئيس ڪي خاص خاص ماڻهن مال ميڙڻ شروع ڪيو ته ڪنهن جي مجال هئي جو انهن کي روڪين شام تائين رمضان جو پاڙو ڪاڄ ۾ تماشو بڻيل رهيو شام جو رمضان جي وڏي پُٽ رئيس جي ڪمدار ساوڻ کي ٽيو ڀيرو ماني کڻي وڃڻ کان روڪيو ته جهيڙو ٿي پيو ڪمدار سان سڀئي گڏجي پيا جن لطيف وارن کي مار ته خوب ڏني پر جڏهن گوڙ ٻڌي رئيس ٻاهر آيو ته سڄو ڏوهه رمضان وارن تي وڌائون ويچارو لطيف رڙيون ڪندو رهيو پر رئيس صفا ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي چڪو هو، هُن ڪمدار ساوڻ کي لطيف وارن جو حساب ڪتاب ڪري کين ٻي ڏينهن ئي ڳوٺان نيڪالي ڏيڻ جو حڪم ٻڌائي اندر هليو ويو رئيس جو نادر حڪم ٻڌي ڪمدار ساوڻ مڇون وٽڻ لڳو. رمضان پنهنجي پٽ پنهون ڏانهن ڏٺو جنهن جي مٿي ۾ ڪمدار جي سوٽي لڳي هئي ۽ ان مان نڪرندڙ رت سندس ڪپڙا ڳاڙها ڪري ڇڏيا هئا.
ڳجهارت ڀڳي اٿم پر يونس ملڪاڻي سان دوستي واسطو مائٽي ۽ ويجهڙائپ ڪري سڀ چوندا تنهنجي ٻُڌل آهي. تنهنڪري ڳجهارت جو جواب نه ٿو لکان. پر سگهڙن جي هڪ روايت ته ڳجهارت جي ڳجهه کي سڌو ڪرڻ خاطر ڳالهه اڳتي وڌائڻ جو ڪم ڪندي چئبو ته رئيس وڏي تي آيل اهڙين مهلن تي لطيف وارن اڳي به مُڙس ٿي منهن ڏنا آهن. لطيف وارن جي قد ڪاٺ ۽ چم کان ڪم پياري هجڻ واري ڳالهه به لوڪ کان ڳجهي ناهي. پر ڀاڙيو هر دفعي رئيس پاڻ پنهنجن اڳيان ٿيو بيهو رهي جو سر ڏيئي کيس بچائيندڙ لطيف وارن کي وساريو ويهي. رئيس جو مسئلو آهي ته راڄ تي جيڪا چڱ مُڙسي ۽ وڏ ماڻهپو اٿس سو ان ڪري نه ته ڪو وڏو معتبر آهي پر لطيف پنهون ۽ رمضان جهڙن اٻوجهن جي عقيدت سندس وڏڙن سان هُئي جيڪي اڄ به ان ۾ انڌا آهن ۽ ڪُجهه هنن جي بُک جا چڪ به آهن جو رئيس آئي ويل بچيل ماني مان ٻه گرهه هنن کي به ڏيو ڇڏي. نه ته جيڪر رئيس ته ٽڪو هڪ لهي. هن جا ڪاڄ هن جا شوق لطيف رمضان ۽ پنهون وارا پنهنجو گهر نڀالين جتي بگهڙن جا ولر ٿا گهُمن.
محترم يونس ملڪاڻي ۽ پياري ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري جن جي دوستي ، واسطو ، مائٽي ، ويجهڙائپ شال سدا سلامت رهي ، مان ته دل جون ڳجهڙيون ڳالهيون ڀلا توکي نه چوان ٻيو ڪنهنکي چوان!