ڊاڪٽر خان محمد پنهور: هڪ گهڻ رخي شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي يارهن سال ٿي ويا آهن. ههڙين ساڳين گرمين جي مئي مهيني ۾ اهڙي ئي مئي وارا سانداهه ڏهه سال هو جناح اسپتال، ڪرام ويل اسپتال لنڊن ۽ ايل ايم سي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو 1999ع جي ههڙي ئي مئي مهيني ۾ جڏهن اسڪوٽر تي ادا جي ماني کڻي ايل ايم سي وڃبو هئو ته گرمي جي لڪ منهن ساڙي رکندي هئي. اسپتال ۾ سندس هٿ تي هٿ رکي طبيعت پڇڻ تي صرف اکيون کولي وري بند ڪري خاموش ٿي ويندو هئو. سندس وڇڙڻ کان پوءِ مئي جو مهينو مون لاءِ سدائين مايوس ڪندڙ رهيو آهي، ان ئي مهيني ۾ منهنجي جيجل جي وفات ٿي هئي. ههڙي ئي مئي مهيني ۾ ادا خان محمد هيءُ جهان ڇڏيو. ڄامشوري ۾ مئي مهيني جون هوائون سدائين اهڙيون ئي گرم رهيون آهن.
    سال 1999ع جي 27 مئي اسان کان هڪ خوبصورت، محنتي ۽ همدرد انسان کسي ورتو. يارهن سالن جو وڏو عرصو گذري ويو آهي پر هن محسن جي سار تي اکيون اڄ به ائين آليون رهنديون آهن، ڄڻ هاڻي جي ڳالهه هجي.
    مون کي چڱي طرح ياد آهي ته مون کيس ڪڏهن ذاتي انا، ذاتي مفاد ۽ ذاتي فائدي لاءِ فڪرمند نه ڏٺو. سندس هر عمل ۽ فعل اجتماعي جياپي لاءِ هئو. سندس هر ڳالهه جي شروعات ۽ ڳالهه جو آخري جملو اجتماعي جياپي تي کٽندو هو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور پنهنجي چالهين سالن جي متحرڪ زندگي ۾ جيڪي ڪارنامه سرانجام ڏنا سچ،ته اهي ڪم ڪنهن غير معمولي شخصيت جا ئي ٿي سگهن ٿا. اهي سڀئي ڪاميابيون انهن حالتن ۾، جن ۾ نه وسيلا هجن، نه ماحول هجي، نه همٿ افزائي هجي ۽ نه ئي ڪي اهڙا ساٿي هجن، ڪنهن کي مدد ڏيڻ وارا. صحافت ۾ هڪ نمائندي يا خاطو کان زندگي جي شروعات ڪندڙ ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جي شعبي جي باني جو اعزاز ماڻڻ تائين ڀرپور جدوجهد ڪئي.
    سنڌ جي ڳوٺن سان ته سندس اهڙو اڻٽٽ رشتو هئو ۽ محبت هئي جو هن گهڻو ڪري سنڌ جي هر ڳوٺ جو دورو ڪيو. پڙهڻ لکڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ همٿائڻ جي تبليغ ته سندس آخر تائين جاري رهي. صحافت جو شعبو، سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت، ڊاڪٽر اينميري شمل انسٽيٽيوٽ، شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي ۽ پارس جهڙن ادارن جو قيام هن جي رات ڏينهن جي محنت جو ثمر هئا. سگا ۽ ان کي سرگرم رکڻ، سنڌي ساهت سال، صحت، تعليم، ڳوٺ سڌار سال اهڙيون سرگرميون هيون، جن اسان جي نسل ۽ سماج ۾ هڪ اٿل پُٿل آندي. ڊاڪٽر خان محمد پنهور ڳوٺاڻي ترقي لاءَ صحافت کي بهتر نموني استعمال ڪيو. ان وقت جي وزيرن، ڪامورن کي ڳوٺن جا دورا ڪرايا، جن جو بنيادي مقصد انهن ڳوٺن ۾ سهولتون پهچائڻ لاءِ کين مدعو ڪرڻ جو هڪ طريقه ڪار هئو. هن يونيورسٽي ۾ نه صرف شعبي صحافت جي باني جو اعزازماڻيو، پر هن جيڪا تعليم حاصل ڪرڻ، اڳتي وڌڻ، محنت ڪرڻ ۽ اجتماعي جياپي جي تنوار جاري رکي، ان ۾ جرنلزم ۾ عملي طور پي ايڇ ڊي ڪري ثابت قدمي ڏيکاري. هن وڏي وقار سان با مقصد زندگي گذاري. ڊاڪٽر علامه دائود پوٽي جي آتم ڪهاڻي، جيڪا هن شروعاتي ڏينهن ۾ پڙهي، ان مان ايترو اتساهه حاصل ڪيو، جيڪو هو اسان کي هميشه ٻڌائيندو هئو. آخري ڏينهن ۾ سندس اها ڪوشش هئي ته علامه دائود پوٽي وانگر پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي، پر يادگيريون لکڻ دوران سندس بيماري کيس وڌيڪ فرصت نه ڏني.
    ڊاڪٽر خان محمد پنهور سياسي ڪارڪن طور پڻ سرگرم رهيو، ون يونٽ واري تحريڪ ۾ سڪندر ميمڻ ، اعجاز قريشي ۽ ڪافي ٻين دوستن سان گڏجي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ بهرو ورتائين. اسان جي ڳوٺ جي پير مرد سيد جينئدل شاهه جي غريب پروري ۽ همدردي کان به گهڻو متاثر هئو ۽ سندس شخصيت ان تي ايترو اثر ڇڏيو جو آراضي وارن سيدن سان سندس تعلق سدائين جڙيل رهيو. سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي سان به سندس خصوصي لڳاءُ هئو، پر شيخ عبدالمجيد سنڌي سندس روحاني مرشد چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هو ڪنهن پيري مريدي جو قائل ته ڪونه هئو، پر شيخ سنڌي جي سچائي، ڪم ۽ صاف سٿري ڪردار هن کي شيخ صاحب جي ايترو ته ويجهو ڪيو، جو سائين جي ايم سيد کيس شيخ سنڌي جي خليفي جو لقب ڏنو ۽ کيس سندس ويجهو رهڻ جي هدايت ڪئي. زماني جي اُس ۽ ڇانوَ جي باوجود ڊاڪٽر خان محمد پنهور شيخ سنڌي سان آخر تائين گڏ رهيو. سندس زندگي تي سائين حسام الدين راشدي يا راشدي برادران سان محبت جو به اثر هئو. پير حسام الدين راشدي ڊاڪٽر پنهور کي سندس سچائي جي ڪري سدائين ڀائيندو هئو. هڪ دفعي هن کيس ڪئميرا ۽ ٽيپ رڪارڊر تحفي طور ڏنو ۽ نه رڳو ان تحفي کي سدائين سنڀاليائين، پر هر ڪنهن سان ان جو ذڪر به ڪندو هئو. ڄامشوري وانگر مورو ۽ دادو ڊاڪٽر خان محمد پنهور جا پسنديده شهر هئا. سندس ادبي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين جي شروعات اتان ئي ٿي، پر سندس زندگيءَ ۾ عملي موڙ ڪراچيءَ جي گهڻ رخي شهر ۾ آيو. هڪ دفعي شام واري وقت مون کي ڪي ڪاغذ ڳولڻ لاءِ چيائين، پر اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي، هو پاڻ ڪمري ۾ ويو ۽ هٿ سان لکيل چار پنج پنا کڻي آيو. اهي انگريزي ۾ لکيل هئا، جيڪي شمشير الحيدري سندس شيخ عبدالمجيد سنڌي جي زندگيءَ بابت ايڊٽ ڪيل ڪتاب ”شيخ عبدالمجيد سنڌي لائيف ۽ اچيومنٽ “ تي سندس تعارف ۾ لکيا هئا. ادا خان محمد اهو اسان کي ترجمي سان پڙهي ٻڌايو هئو. شمشير صاحب جو لکيل جملو سدائين مون کي وڻندو آهي. هن لکيو ته، ”خان محمد پنهور هڪ عام ماڻهو آهي، پر سندس ڪم جي رفتار، بنا وسيلن جي ماڻهن تائين پهچڻ، روزاني درجن کان وڌيڪ ماڻهن سان ملاقاتون ڪرڻ، مختلف معاملن تي بحث ڪرڻ غير معمولي ماڻهوءَ جو ڪم آهي“، هن وڌيڪ لکيو آهي ته، ”صحافت جي شعبي جو قيام، ڪيترن رسالن، ڪتابن جي اشاعت وارا ڪم قدرت خان محمد جي کاتي ۾ ڪيا هئا، جنهن جو هن کي ڪريڊٽ وڃي ٿو“.
    ڊاڪٽر خان محمد پنهور پنهنجي مڙني محسنن، بزرگن جو ذڪر هميشه فخر، ادب ۽ احترام سان ڪندو هئو، هو جڏهن ٻين نوجوانن کي پي ايڇ ڊي لاءِ اتساهيندو هئو ته چوندو هئو ته پير حسام الدين راشدي ته کيس پي ايڇ ڊي لاءِ خالي فارم صحيح ڪري ڏنو هئو. تازو مون جڏهن ادا خان محمد جا ڪاغذ پئي ڏٺا ته انهن ۾ اهو خالي فارم به شامل هئو، جنهن تي پير حسام الدين راشدي جي صحيح ٿيل آهي.
    ڊاڪٽر خان محمد پنهور چاليهن سالن جي عمر ۾ اڪيلي سر يا ننڍي ٽيم سان گڏ جيترو ڪم ڪيو آهي، ان اڳيان ڪيترن وڏن ادارن جو ڪم ڌنڌلو نظر ايندو. هو هڪ عملي ماڻهو هو. سندس قول ۽ فعل ۾ فرق نه هوندو هو. محبت ڏيڻ، عزت ڏيڻ، خلوص ۽ سچائي سان ڪنهن جي ڪم اچڻ ئي سندس زندگي جو مقصد هو.

    مجيد پنهور
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو