علمي ادبي ادارن ڏانهن سنڌ سرڪار ڌيان ڏئي ........

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ آزاد خاصخيلي طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2015۔

  1. آزاد خاصخيلي

    آزاد خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2014
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گولاڙچي
    مدد علي سنڌي

    سنڌ ۾ هن وقت ڪيترائي علمي ادارا سنڌ حڪومت جي خاص توجهه چاهين ٿا جن ۾ سنڌ جو مشهور علمي ادارو سنڌي لينگويج اٿارٽي به شامل آهي. اصل ۾ ڪو وقت هو جو سنڌ ۾ فقط سنڌي ادبي بورڊ هو، ان ۾ تمام گهٽ اسٽاف، عاليشان تحقيقي ۽ ادبي ڪم ٿيندو هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ان جو چيئرمين هوندو هو. محمد ابراهيم جويو ان جو سيڪريٽري هو. بورڊ کي پنهنجي پريس هُئي محدود اسٽاف هو پر ان دور جي ڇپرايل سنڌي، انگريزي، فارسي ڪتابن جو تعداد ۽ انهن جي زبردست پرنٽنگ ڏسندي تعجب ٿو وٺي وڃي.

    بعد ۾ ادبي بورڊ ۾ ملازمن جو تعداد وڌايو ويو ۽ نتيجي ۾ هي ادارو مسئلن جو شڪار ٿي ويو. ان کانسواءِ سنڌ ۾ هڪ ٻيو علمي ۽ ادبي ادارو، سنڌي لينگويج اٿارٽي به آهي. هن اداري کي سال 1991ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. دراصل هي ادارو اردو مقدم زبان جي طرز تي ٺاهيو ويو هو ۽ ان اداري لاءِ 1980 کان مطالبا ٿيندا پئي آيا. دراصل سال 1972ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جيڪو بل پاس ڪيو هو ان جي روشني ۾ ٻولي جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ادارو قائم ڪرڻو هو آخرڪار 1991 ۾ هي ادارو سنڌي لينگويج اٿارٽي ٺاهيو ويو ۽ انجو پهريون چيئرمين مشهور عالم ۽ محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي مقرر ڪيو ويو. اٿارٽي جي چيئرمين واري عهدي تي ڊاڪٽر غلام علي الان، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين ڪم ڪيو آهي، پر هن وقت ادارو بنا ڪنهن چيئرمين جي هلي رهيو آهي، جو تازو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ سرڪار ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ سيڪريٽري تاج جويي کي سندن عهدن تان هٽائي ڇڏيو هو.

    اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته انهن علمي ۽ ادبي ادارن قائم ڪرڻ جو مقصد ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻو هو، پر مون مٿي عرض ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ وانگر سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ به وڌيڪ ملازم رکڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جو اهو ادارو به پنهنجي ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل رقم به پنهنجي ملازمن جي پگهارن تي خرچ ٿا ڪري ڇڏين، سنڌي لينگويج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ واري دور ۾ 15 کان وڌيڪ ملازم ڪونه هئا پر هن وقت 82 مستقل ملازم آهن سنڌ حڪومت طرفان ڪجهه وقت اڳ هن ادارن جي سالياني گرانٽ 50 لک هئي پر هن وقت اٿارٽي جي سالياني گرانٽ 5 ڪروڙ آهي. (ادارو) سندس ڊڪشنري ۽ انسائيڪلوپيڊيا آف سنڌيانا به شايع ڪري رهيو آهي، سنڌي جي 52 اکرن پٽاندر-يقينن هي ادارو به اهم آهي ۽ ادارا انهن جي سربراهن کانسواءِ هرگز نٿا هلي سگهن.

    آئون به گهڻي وقت کان هن اداري ۾ ويندو رهيو آهيان تازو ٻه چار ڏينهن اڳ، مونکي روزاني عوامي آواز جي ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ اخبار جي چيف رپورٽر ڊاڪٽر قاسم راڄپر فون تي حڪم ڪيو ته پهرين اپريل 2015 تي پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ جي عظيم محقق پير حسام الدين راشدي جي ورسي ملهائي رهيا آهيون، ان لاءِ اوهان کي تقرير ڪرڻي آهي، پر اها تقرير لکت ۾ هئڻ گهرجي. اها ڳالهه منهنجي خيال ۾ 29 مارچ جي آهي. آئون حيدرآباد هيس. مون کي پير حسام الدين راشدي جي خسطن جو هڪ ڪتاب ڏسڻو هو. اصل ۾ انجي فوٽو ڪاپي، ڪجهه وقت اڳ مون کي خود سنڌي لينگويج اٿارٽي جي لائبريري مان ڪنهن دوست مهرباني ڪري، ڪرائي ڏني هئي پر ڇاڪاڻ ته اها ڪاپي ڪراچيءَ ۾ هئي ۽ مون کي پهرين اپريل تي حيدرآباد مان سڌو ڪراچي وڃڻو هو. انڪري آئون سنڌي لينگويج اٿارٽي جي آفيس هليو ويس اتي ڪم ڪندڙ هڪ دوست کي عرض ڪيم، هن لائبريرين ۾ صاحب کي عرض ڪيو پر هن ٻڌايو ته اهو ڪتاب اسان وٽ آهي ئي ڪونه آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس مجبور ٿي فون تي لائبريرين کي چيم ته توهان ڏسو ته صحيح، جو اهو ڪتاب مون اوهان جي لائبريري مان فوٽو اسٽيٽ ڪرايو هو پر هن ضد ڪيو ۽ آئون هن وٽ لائبريري ۾ هليو ويس، اندر لائبريري ۾ داخل ٿيس ته، موصوف سامهون ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ موبائيل فون تي ڪنهن سان ڪچهري پئي ڪيائين. آئون هن جي آڏو بيهي رهيس جو سندس ميز وٽ ٻي ڪابه ڪرسي نه رکيل هئي. هن مون کي انتهائي مجبوري جي حالت ۾ موبائيل فون تي ڳالهائڻ بند ڪيو، مون هن کي سلام ڪري هٿ ملائڻ لاءِ هٿ وڌايو، ان موصوف ڪرسي تي ويٺي ائين هٿ ملايو، ڄڻ هو 22 گريڊ جو ڪو آفيسر آهي. هن کي مون پنهنجو نالو ٻڌايو ته چيائين ها توهان مون سان فون تي ڳالهايو هو پر اهو ڪتاب منهنجي ڪمپيوٽر ۾ نظر نٿو اچي.

    مون هن نوجوان جي اڍنگي ورتاءَ تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي بهرحال کيس ٻڌايم ته اهو ڪتاب اوهانجي سامهون ٻئي نمبر ڪٻٽ ۾ رکيل هو جتان مون کي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڏنو ويو هو. پر هو نوجوان، ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ هرگز تيار نه هو، ان ڪري آئون ماٺ ڪري سندس آفس مان ٻاهر موٽي آيس، مونکي فقط افسوس اهو ٿي رهيو هو ته آخرڪار هنن علمي ۽ ادبي ادارن ۾ نوڪريون ڪندڙن جو سمجهي اديبن ۽ دانشورن سان ايترو اڍنگو ورتاءُ ڇو آهي ؟ يقينن هن نوجوان کي جڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جي تڏهوڪي چيئرمين محترم عبدالقادر جوڻيجي نوڪري ڏني هوندي ته ان مهل هن جي سوچ ڪهڙي هئي ۽ هاڻ سندس سوچ ڪهڙي هئڻ گهرجي ان تي ويچار جي ته اهو بحث تمام ڊگهو آهي.

    مون کي ياد آيو ته آئون اسلام آباد قائداعظم يونيورسٽي جي لائبريري ۾ پير حسام الدين راشدي ڪارنر ڏسڻ ويو هوس اتي مسٽر نقوي نالي هڪ شخص لائبريرين هو، هن ويچاري فوري طور تي پير حسام الدين راشدي جا اهي سمورا ڪتاب مونکي ڏيکاريا هئا، جيڪي پير صاحب ڪنهن وقت اسلام آباد يونيورسٽيءَ کي وڪڻي ڇڏيا هئا. تنهن کانسواءِ سنڌالاجي جو مثال وٺو اتي به هروڀرو وزيٽرزسان اهڙي قسم جو اڍنگو ورتاءُ نٿو ڪيو وڃي پر سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ ۾ هن قسم جو ورتاءُ ڇو ٿو ڪيو وڃي. اها ڳالهه اداري جي هڪ ملازم سان ڪيم ته هن چيو سائين اڄ ڪلهه اداري ۾ نه ته آهي چيئرمين نه وري سيڪريٽري پوءِ اداري جو ڪم ڪٿان هلندو. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ڇاڪاڻ ته ادبي ۽ علمي ادارا، فقط نوڪرين ڏيڻ جا ادارا نه هئڻ گهرجن نه وري اهي ادارا ڪي بيورو ڪريٽس جا ادارا آهن. انهن ادارن کي قائم ڪرائڻ ۾ انهن کي هلائڻ لاءِ هڪ وڏي جدوجهد شامل آهي انڪري هن اداري جي ملازمن کي به پنهنجو هن قسم جو اڍنگو، غير ذميوار، ورتاءَ بند ڪرڻ گهرجن.

    ساڳئي وقت هن اداري جو حال اخباري رپورٽن موجب تمام خراب ٿيندو پيو وڃي. مثال طور اداري ۾ ڪيترا پروجيڪٽ هلي رهيا آهن جن جي ملازمن کي ڪانٽريڪٽ بنياد تي سالن کان پگهار ملي رهي هُئي، پر هن وقت ڪهڙي سبب جي ڪري به هنن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيا آهن ته ان بابت موجود سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ جيڪو هڪ انتهائي لائق سمجهدار ۽ ڄاتو شخص آهي، فوري توجهه ڏيڻ گهرجي، ته جيئن هي ادارو اڳتي هل سگهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي کي نئين سر ۽ نئين جذبي سان هلائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بنا ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ جي ادارن طرف ڌيان ڏين ۽ ڪل وقتي سربراهه مقرر ڪن جيڪي اهل به هجن ۽ انهن وٽ جذبو به هجي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هن وقت صرف اسانجي صوبي سنڌ ۾ ئي انڌي نگري چرٻٽ راجا وارو ڪم لڳو پيو آ ! سنڌ سرڪار اهڙن ناياب علمي ۽ ادبي ادارن طرف توجه ڪٿي ڏيندي!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    حڪومت کي مال ميڙڻ کان واندڪائي ملي ته سنڌي ۽ سنڌين لاءِ سوچين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو