رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
مينهوڳي
____________
بادل ڏسي بود ٿيو اندر منهنجو هي
ڪڻين منجه قرار آ ساه سنهنجو هي
پيار پنهنجو هي اڌمان کائي کيت ۾
بادل بره منجهان وسي پيو وڻڪار
سڄي سنڌ بوندن برسي ٿي بهار
الا اندر سار آهي مارن مرڪ لئه
ڪنڍيون ڪڻڪي دار موٽي آيون ماڳ تي
ڀريل چاڏيون کير جو ن ڀرجي آيون ڀاڳ تي
چاهت چنگ چوريو هر ساه جيئن ڇڙ واڳ تي
باندي نه ڪو بند ۾ سر سري راڳ تي
جيئڻ آ هت جاڳ تي سمهڻ نه ڀائيان ڀرجهلو
وس وس مينهن تو لئه مرڪي مند ٿي
ڪيڏي اڃ اڪير هئي ڌرتي هي بند ٿي
پياس لاهي پنڌ ٿي پنهل پيرا هو هلي
وسڻ سان ويس ڪيا ڌرتي دلاري
سائو سلو ٿي پيو لٿي مونجهاري
سڀ کي ساڻ پياري ڪڇ قلوبن ۾ ڪڏي
رسول بخش دائودپوٽه
____________
بادل ڏسي بود ٿيو اندر منهنجو هي
ڪڻين منجه قرار آ ساه سنهنجو هي
پيار پنهنجو هي اڌمان کائي کيت ۾
بادل بره منجهان وسي پيو وڻڪار
سڄي سنڌ بوندن برسي ٿي بهار
الا اندر سار آهي مارن مرڪ لئه
ڪنڍيون ڪڻڪي دار موٽي آيون ماڳ تي
ڀريل چاڏيون کير جو ن ڀرجي آيون ڀاڳ تي
چاهت چنگ چوريو هر ساه جيئن ڇڙ واڳ تي
باندي نه ڪو بند ۾ سر سري راڳ تي
جيئڻ آ هت جاڳ تي سمهڻ نه ڀائيان ڀرجهلو
وس وس مينهن تو لئه مرڪي مند ٿي
ڪيڏي اڃ اڪير هئي ڌرتي هي بند ٿي
پياس لاهي پنڌ ٿي پنهل پيرا هو هلي
وسڻ سان ويس ڪيا ڌرتي دلاري
سائو سلو ٿي پيو لٿي مونجهاري
سڀ کي ساڻ پياري ڪڇ قلوبن ۾ ڪڏي
رسول بخش دائودپوٽه