هندستان جي سئنيما تي اردو شاعري جو ”غلبو“ تقريبن مني صدي کان آهي. آغا حشر ڪاشميري کان وٺي آرزو لکنوي، نخشب جارچوي، مجازِ لکنوي، معين احسن جذبي، جوش مليح آبادي، بهزاد لکنوي، اديب سهارنپوري، مولانا ماهر القادري، تنوير نقوي، شليندر، مجروح سلطان پوري، شڪيل بدايوني، اختر الايمان، ساحر لڌيانوي، جان نثار اختر ۽ ويجهڙائي ۾ سندس فرزند جاويد اختر وڏا نالا آهن، پر اوهان کي اهو ٻڌي ضرور حيرت ٿيندي ته هندي، اردو شاعري کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو عالمي فلمي آسڪر ايوارڊ وٺي ڏيڻ وارو گلزار ئي آهي، جنهن کي فلم سلم ڊاگ ملينيئر Slumdog millionaire فلم ۾ عظيم موسيقار اي آر رحمان جي سنگيت جو ساٿ حاصل هو. گلزار فقط هڪ ناليوارو شاعر ئي نه آهي، پر هن لڳاتار سترهن فلمون پروڊيوس ۽ ڊائريڪٽ (هدايتڪاري) ڪري، اهو ثابت ڪيو آهي ته عام سوچ مطابق شاعر محض گفتار جا جادوگر نه هوندا آهن، پر هن وٽ ٻيو به گهڻو فني ۽ هنري Technical اثاثو هوندو آهي. هن جو لکيل گيت فلم ”دل سي“ ۾ ”چل ڇيان ڇيان“ 1998ع ۾ برٽش ٽاپ 10 چارٽس ۾ سرفهرست رهيو . 18 آگسٽ 1936ع تي سُجان ڪور، مکڻ سنگهه کي چوٿون ٻار ڄڻي ڏنو، جنهن جو نالو وري سردار نهال سنگهه (ڏاڏس) سمپورن سنگهه ڪالرا رکيو، جيڪو اڳيان هلي ادبي دنيا ۾ گلزار جي نانءُ سان گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيو. هن جو جنم هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ٿيو.(جتي هڪ عدد ريلوي اسٽيشن به هئي ۽ اڃان به سنڌ جي اسٽيشنن جي برعڪس قائم آهي). ان ڳوٺ جو نالو آهي دينا ۽ اهو پاڪستان جي ضلعي جهلم ۾ آهي. هي ڳوٺ سوري شير شاهه واري GT روڊ (جرنيلي سڙڪ) تي آهي، ۽ DINA جهلم شهر کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ورهاڱي وقت ان ننڍڙي ڳوٺ جي ڪل آبادي 2500 ماڻهن تي مشتمل هئي. هاڻ اهو ڳوٺ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن ۾ پنجاهه هزار ماڻهو رهن ٿا، منگلا ڊيم به ويجهو اٿس. انوکو شاعر ۽ دانشور گلزار هڪ غير معمولي ادبي شخصيت ۽ فلم ٽيڪنڪ جو ماهر ڄاتو وڃي ٿو. ڪجهه وقت اڳ هن ”دور درشن“ لاءِ منشي پريم چند جي ڪهاڻين تي مبني سيريل ٺاهي مڪمل ڪئي آهي، هن ڪم کان پوءِ وري هن مها ڪوي رابندر ناٿ ٽيگور جي افسانن تي ڊراما ٺاهڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي. تازو هن کي هندستان جي معتبر ادبي اداري ساهتيه اڪيڊمي دهلي، جيڪو هندستان جي 22 سرڪاري زبانن ۾ ادب ڇپرائي ٿو، ان جي تاريخ کي ڊاڪومينٽري فلم جي روپ ۾ پلٽائڻ جي لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي. هن کي سعادت حسن منٽو جي افسانن کي به ڊرامي جو روپ ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي. هن جو اردو ۽ هندي ڪهاڻي ۽ شاعري ۾ وڏو اهم مقام آهي. هن جي ڪهاڻي ”ڌوان“ کي سال 2003ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي طرفان ايوارڊ ڏنو ويو هو. هن جي اردو، هندي شاعري گهڻو ڪري آزاد نظم، گيت ۽ غزل جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن روايتي ڪاروباري چالو شاعري کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هن جي شاعري جي Theme (مرڪزي خيال) جو محور هن جي آتم ڪٿا ۾ آهي. گلزار کي پنهنجي جنم ڀومي جهلم (دينا) سان تمام گهڻو پيار ۽ انسيت آهي. پاڻ ٻڌائي ٿو ته هن ساڳي سرزمين جا ٻيا به ناميارا ۽ هاڪارا فرزند آهن، جن ۾ موجوده هندستاني وزير اعظم من موهن سنگهه، اڳيون وزير اعظم آءِ ڪي گجرال، سدا جوان انگريزي ناول نگار 92 سالا اديب ۽ دانشور خشونت سنگهه، مشهور اردو مزاحيه شاعر سيد ضمير جعفري، اداڪار سنيل دت (نرگس جو ور) ۽ عظيم صوفي ميان محمد بخش، جنهن جو پنجابي ڪلاسڪ ڪلام آهي ”قصا سيف الملوڪ“ مطلب ته جهلم ”جادوگرن“ جي جنم ڀومي رهي آهي. گلزار جي فلمي دنيا ۾ آمد به هڪ عجب اتفاق يا حادثو چئي سگهجي ٿي. جڏهن بمل راءِ (جڳ مشهور بنگالي ڊائريڪٽر-دو بيگها زمين فيم) جي تجرباتي فلم بنڌني (قيدياڻي) 1962ع ڌاري ٺهي پئي، تڏهن بنگالي موسيقار ايس ڊي برمن ۽ هندي شاعر شليندر جي وچ ۾ الائي ڪهڙا ويڇا وڌي ويا ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر اوچتو ڪم بند ڪري ماٺ ڪري ويهي رهيو. ڊيبوسين، بمل راءِ سان گلزار کي ملايو، بس پوءِ گلزار پنهنجو پهريون گيت لکي بمل راءِ کي هميشه لاءِ پنهنجو مطيع ڪري ڇڏيو. گيت جا ٻول هئا: ”مورا گورا انگ لئي لي“. بمل راءِ اهو ”جادوگر“ آهي، جنهن 1935ع ۾ P.C. Barua جي تاريخ ساز فلم ”ديوداس“ جي فوٽو گرافي ڪئي هئي، ۽ 1949ع ۾ ڪمال امروهوي جي يادگار فلم ”محل“ جي ايڊيٽنگ ڪئي. بمل راءِ جي زندگي ۽ هن جي فن جو ڪمال هئي 1953ع واري جڳ مشهور مارڪسوادي فلسفي تي ٺهيل فلم ”دو بيگها زمين“. اها گلزار جي خوشبختي چئجي جو هن کي اٿندي ئي بمل راءِ جهڙو مهان ڪميٽيڊ نظرياتي استاد ملي ويو. خواجه احمد عباس، (مولانا حالي جو ڏوهٽو) جيڪو بذات خود هڪ هاڪارو مارڪسوادي ناولسٽ، صحافي ۽ فلم ڊائريڪٽر هو، تنهن چيو آهي ته گلزار ئي بمل راءِ جو حقيقي جانشين آهي. گلزار هڪ ٻئي مهان ڊائريڪٽر رِشي ڪيش مڪرجي جي اسسٽنٽ طور به ڪافي پرايو. جڏهن هن مشهور ڪرانتيڪار اڌم سنگهه جي جيون تي فلم ”جليانوالا“ باغ پئي ٺاهي ته اهو رشي ڪيش مڪرجي هو، جنهن ”اڀيمان“ جهڙي ناقابل فراموش تصوير ٺاهي. هن جون ٻيون يادگار فلمون آهن، ”چپڪي چپڪي“ ۽ ”مِلي“. بمل راءِ جو هڪ ٻيو زبردست قابل نائب ڊائريڪٽر هو باسو چٽرجي، ۽ اڃا به هڪ ٻيو نائب هو باسو ڀٽا چاريا، انهن ٻنهي باسن Basus کان گلزار تمام گهڻو پرايو، اهي ٻئي باسو آرٽ فلم جي جڳت جا آفتاب ۽ مهتاب ليکيا ويندا آهن. گلزار جي 17 يادگار فلمن جا نالا، فلمي نقادن لاءِ هڪ مستند سَنَد جو درجو رکن ٿا. مينا ڪماري کي هڪ Model ماءُ جي اڻمٽ ڪردار ۾ پيش ڪيائين پنهنجي پهرين فلم ”ميري اپني“ ۾. ان کانپوءِ ”پريچي“، ”ڪوشش“ (ان فلم ۾ هيرو هيروئن سنجيو ڪمار ۽ جيا بهادري گونگا ۽ ٻوڙا هئا)، ”اچانڪ“، ”خوشبو“، ”آنڌي“، ”موسم“، ”ڪنارا“، ”ڪتاب“، ”انگور“، ”نمڪين“، ”ميرا“ (ميرا ٻائي جي حياتي تي ٺهيل، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار ۾ هيما مالني آهي) ”اجازت“ (بهترين آزاد نظمن سان) ”ليڪن“ (لتا منگيشڪر ۽ سندس ڀاءُ پنڊت هردي ناٿ منگيشڪر جو سنگيت)، ”لباس“ ”ماچس“ (سياسي ۽ انقلابي) ”هُو تو تو“. اهي آهن گلزار جو 17 فلمون، انهن تي لکجي ته هڪ ڪتاب جُڙي ويندو، گلزار جي 1988ع ۾ ٽي وي سيريل، جنهن ۾ نصير الدين شاهه مرزا غالب جو ڪردار ادا ڪيو آهي، دهليءَ جي تاريخ ۽ غالب جي زندگي تي هڪ عظيم الشان ڊاڪومينٽري آهي. ٻي ٽي وي سيريل هئي 1993ع ۾ ”ڪردار“، جنهن ۾ احمد نديم قاسمي ۽ گلزار جي ڪهاڻين تي ڊراما پيش ڪيا ويا. ”تحرير منشي پريم چند ڪي“ ۾ ”گئودان“ ۽ ”نرملا“ تلخيص ناول ٽي وي لاءِ آهن. ناول گئودان جي ٽي وي لاءِ سيريل جو صورت دراصل هندستاني سينيما جي شاندار Realism (اصليت پرست) واري اسڪول (مڪتبه فڪر) جي انتها آهي، جنهن جي ابتدا 1940ع ۾ اٽلي ۾ ڊائريڪٽر Vittorio di sica ڪئي هئي، ۽ جنهن جي حقيقت پسند ٿيٽر جي زير اثر، زبردست حقيقي آرٽ فلمون ٺهيون 1947ع کان اڳ ۽ ڪجهه پوءِ به. سڀ کان اول فلم ان Realism واري اسڪول جي لاڙي هيٺ ٺهي هئي محبوب خان جي ”عورت“ (1940)، پوءِ بمل راءِ جي ”دو بيگها زمين“ (1953)، ضياءُ سرحدي جي ”هم لوگ“ (1951) ۽ ”فٽ پاٿ“ (1953) ۽ راجڪپور جي ”آواره“ ۽ ”بوٽ پالش“ ۽ ”جاگتي رهو“. گل محمد عمراڻي