• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان ....

مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان ....
ان کان پهرين جو جذبا برف بڻجي وڃن،
خيال خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن،
سوچ سرد راتين جو سناٽو بڻجي وڃي، مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان..
ان کان پهرين جو تون ڪنهن وسريل يادن جو طوفان آڻين،
من اندر جي بيقرار ڪيفيتن جي ننڊ ڦٽي،
ڪو جلاد ڪنهن خوبصورت خواب کي ڦاهي چاڙهي، مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان...
ان کان پهرين جو سمنڊ ۾ شور ٿئي ۽ واچوڙا وجود کي ويڙهي وٺن،
ويندڙ سال جو سج به لهي وڃي هر ياد ڊهي وڃي، مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان...
ان کان پهرين جو نيڻن ۾ ڪي نوان سپنا پوکجن ۽ اُهي بهار بجائي خزان جو کاڄ بڻجن،
رات جي سانت ۾ ڪو اڪيلو مسافر ڪنهن بي درد شهر ۾ ڀٽڪي پوي،
نيڻ سُڏڪي پون لڙڪ اُٿلي پون ورق ڊائري جو ´وفا` ڪو اڌورو رهي،
لفظ بي وفائي جي ڪا شڪايت ڪرن، مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان..
مان ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان...
وفا شيراز نظاماڻي
 
خيال خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن،
ايڏي مايوسي !!! اها ڳالهه بنه ڪونه وڻي، لکڻ وارا ته هميشه سهڻي زندگي گذارڻ لاءِ اتساهيندا آهن، توهان مايوسي جو سبق پيا ڏيو !!!
 
مهرباني دوستن جي
جمالي صاحب اوهان جي رائي پنهنجي جڳهه تي اهميت رکي ٿي، رهي ڳالهه مايوسي واري تصور جي ته ليکڪ جي ذهن ۾ مختلف ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون ڪٿي خوشي ته ڪٿي غم هر احساس تي لکڻ ضروري آهي ان جو اهو مطلب نه آهي ته خيال صرف مايوسين جي انڌيرن ڏانهن وٺي ٿا وڃن يا خوشين جي ماحول ۾ . توهان جي رائي اکين تي.
 
Back
Top