سرمدي گيتي منصور جو همنشان هن جي نالي کان ڏڪندڙ منات ۽ عذا هن سان لشڪر خزاني سان راڪش لڙيا هن چيو مون لاءِ ڪافي آ منهنجو خدا هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي هن چيو ماڻهو ماڻهو آ يزدان نه آ سر خدا جي اڳيان جو جھڪي سو جھڪي ٻيو پرستش جي لائق انسان نه آ هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳڙيون ٻڌهل اهل_تسبيع به ها اهل_تقوا به ها بت پرستي سان اٽڪڻ جي جرت نه هئي اهل_منسب به ها رڻ جا جوڌها به ها هڪڙو مردِ قلندر صفا ناتوا جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليرون هئي جنهن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند ها جان تانن جي تيرن سان سيرون به هئي هن جي للڪار سان لرزيا بت قدا چنڊوخانن جي چانٺ به ڌڏڪڻ لڳي ڪن ته سجاد پوشن جا پٽڪا ڏريا دل فقيرن جي پيرن جي ڦٿڪڻ لڳي اي مسند نشينو گھڻو هي ٿيو هاڻي درگھائون تڪيا به خالي ڪريو ٿو ملائڪ جو مسجود انسان اچي ان جي بهيجي ۾ گانجيا نه آفيم ڀريو لاڙ تنهنجي لٽيل سينڌ لٽبي رهي ڪالھ جليو ٺٽو اڄ ڪلاچي به وئي اڄ تماچي جي تڙ تان مهاڻا تڙيا اڄ آميءَ پاپيءَ جي ميت اٿي اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خونِ ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ تنهنجي اوڇي روش جي نه پرواه اٿم خونِ عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آ مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙه ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ هڪ بلاول هيو جيڪو ڪٽجي مئو هڪڙو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ حليم باغي