ڪهاڻي (پائليٽ) وفا شيراز نظاماڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ شيراز احمد نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2015۔

  1. شيراز احمد نظاماڻي

    شيراز احمد نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    70
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    بينڪر
    ماڳ:
    ٽنڊو سومرو
    وڪٽر پنهنجي زندگي جي خوشگوار لمحن ۾ مصروف هو، هڪ عجيب زندگي گذاري رهيو هو، وڪٽر لاء اهي خوشگوار لمحا انهن لمحن جهڙا نه هئا جيڪي هن پنهنجي زال ۽ پنهنجي پُٽ سان گڏ گھاريا هئا ، هي پنهنجي فيملي کان دور شهر جي هوٽل ۾ رهي رهيو هو هڪ ايئر هوسٽ اينجلينا سان گڏ اينجلينا کي پائليٽ ٿيڻ جو شوق هو پر هي ايئر هوسٽ تائين محدود رهجي وئي، وڪٽر هڪ ماهر پائليٽ جو عهدو سنڀالي رهيو هو ، وڪٽر جي پُٽ پيٽر ۽ سندس زال ٽريسي کي شڪايت هئي ته وڪٽر نشي جي حالت ۾ گھر اچي ٿو جنهن سان پيٽر ۽ پيٽر جي ماءٌ پريشان ٿيندا هئا سو هنن وڪٽر کي گھر نه اچڻ جو چيو ٻين لفظن ۾ وڪٽر کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو.

    وڪٽر پنهنجي دوست ۽ ڪليگ اينجلينا جي سان گڏ ڪافي دير تائين شاپنگ ڪري هوٽل جي روم تي پهتو ، شراب ۽ ڪوڪين جو عادي بڻجي چڪو هو اها ڳالهه اينجلينا کي بلڪل به پسند نه هئي اينجلينا جو جيون ڄڻ وڪٽر جي سار سنڀال ۾ نه گذرڻ وارو هو اينجلينا جي پائليٽ ٿيڻ جا خواب صرف خواب ئي بڻجي رهجي وڃڻ وارا هئا !

    وڪٽر جي انهن عادتن جي خبراينجلينا ، سندس پٽ ۽ زال کان علاوا هڪ سندس ٻئي دوست کي به هئي جيڪوهن لئي خاص ڪوڪين کڻي ايندو هو رابرٽ نالي هڪ جوڪر ۽ البيلو شخص جنهن جي ڪمپني وڪٽر کي گھڻي پسند هئي پر رابرٽ صرف پئسي سان مطلب رکندو هو وڪٽر سان ايترو سچو نه هو جيتري اينجلينا هئي ،

    اينجلينا کي ڏُک هو پنهنجي وڃايل چاهتن جو جيڪي وڪٽر جي شراب ۾ ٻڏل برف جيان هيون سندس سپنا سڀاڻ واري فلائٽ ۾ چڪنا چور ٿيڻ وارا هئا !

    وڪٽر ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ هو ته سندس نشي واري عادت کيس ذهني ڪمزور ڪري ڇڏيو هو رات جو دير تائين جاڳڻ ۽ سگريٽ شراب نوشي ڪرڻ سندس معمول بڻجي چُڪو هو ۽ هڪ بهترين پائليٽ جو اهڙن حالتن مان گذرڻ ڪنهن اڻ ڄاڻ حادثي جو سائرن هو..

    رات جا 8 ٿي چڪا هئا وڪٽرسگريٽ جا سوٽا ۽ شراب جو سرڪيون ڀري رهيو هو ، اينجلينا هوٽل جي ڇت تي شهر جي روشن دنيا جو نظارو ڪري رهي هئي کيس اها خبر نه هئي ته اهو سندس آخري نظارو هو سڀاڻي هن جو جيون اونداهين ۾ تبديل ٿيڻ وارو هو

    وڪٽر ميوزڪ پلي ڪري ڇڏيو هو سيلائن ڊيون جو مشهور گيت سندس ذهن کي شايد سڪون پهچائي رهيو هو اچانڪ آفيس جي ڪال کيس ڇرڪائي وڌو فون کڻي ڪن تي رکيس چيائين اڄ مان موڪل تي آهيان توهان جي ڪال ڪرڻ جو مقصد ، وڪٽر ڪاوڙ ۾ بنا ڪجهه ٻڌي اهو چيو..

    جواب ۾ ڪال ڪندڙ مائڪل چيو ته سڀاڻي توهان کي 9 بجي ايئر پورٽ تي پهچڻو آهي سينئر پائليٽ اڳي ئي پنهنجي ڊيوٽي شيڊيول ۾ قابو آهن اسان توهانکي ايمرجنسي ۾ ڪال ڪئي آهي جانسن جي زال جو انتقال ٿي چڪو آهي ۽ اسين نئين پائليٽ جي حوالي جهاز ڪري ڪنهن قسم جو رسڪ نٿا کڻي سگھون ۽ موسم خراب هجڻ جا به خدشا آهن سو وڪٽر توهان کي صبح 9 بجي اينٽلانٽا لاء ٽيڪ آف ڪرڻو آهي

    وڪٽر وراڻيو ته ٺيڪ آهي سر پهچي ويندس ..

    مائڪل چيو اسان کي فخر آهي اوهان جهڙي پائليٽ تي خوش رهو ..

    وڪٽر شراب گھڻو پي چُڪو هو تيستائين اينجلينا پهتي وڪٽر کي ڏسي پڇائين ڇا ٿيو ؟ وڪٽر چيو سڀاڻي منهنجي فلائٽ آهي مونسان گڏ هلجو اينجلينا چيو ٺيڪ آهي پر توهان آرام ڪيو وڌيڪ اوجاڳو ۽ نشو جي ڪندا ته فلائٽ جي بدران توهان ٽيڪ آف ٿي ويندا بتيون بند ٿي چڪيون هيون صبح جي سج اُڀرڻ تائين،

    وڪٽر پنهنجي اُلجهيل زندگي جي پرشانين کي پنهنجي پائليٽ واري نوڪري کان بُلڪل پري رکيو هو وڪٽر پنهنجو فرض ايمانداري ۽ محنت سان ادا ڪندو هو ان لاء کيس

    وڌيڪ مهارت رکندڙ پائليٽ جي ايوارڊ پڻ حاصل ٿيو پر سڀاڻ واري فلائٽ جي ٽيڪ آف هن لاء هڪ ڏکيو امتحان هو.

    صبح سورج جا ڪرڻا گھٽ پئي نظر آيا اينجلينا آسمان ڏي نهاريو جتي بادل رڪس ڪري رهيا هئا رم جهم جا خدشات صاف پئي نظر آيا وڪٽر اڃا تائين خوابن جي دنيا ۾ گُم هو اينجلينا وڪٽر کي اُٿاري ايئر پورٽ تي هلڻ جي يادگيري ڏياري ۽ ڊريس تبديل ڪرڻ لاء وئي ، وڪٽر ميز باڪس ۾ پيل ڪوڪين جي ٻوري کي ڊگھي ساهه سان سونگھيو ۽ هوش ۾ آيو،

    وڪٽر اينجلينا کي ايئر پورٽ وڃڻ لاء چيو ۽ چيائين ته توهان مسافرن جي سيٽ بيلٽ وغيره وغيره جون سرگرميون سنڀالون مان 9 بجي پائليٽ سيٽ تي پهچي ويندس اينجلينا رواني ٿي چُڪي هئي ،

    وڪٽر رابرٽ جو نمبر ڊائل ڪيو چيائين ته ڪوڪين ختم ٿي چُڪي آهي شام تائين پهچائي وڃجان رابرٽ مزاحيه انداز ۾ چيو ها ها ها !

    پائليٽ ڊريس پائي وڪٽر ايئرپورٽ پهتو هٿ ۾ ڇتري به ساڻ ڪيائين هلڪي رم جهم وقفي وقفي سان هلي پئي سڀ مسافر ٽيڪ آف لاء تيار هئا وڪٽر پنهنجي پائليٽ سيٽ تي ويٺو ۽ هڪ جونيئر به گڏ هئس جيڪو اڃان سکڻ جي مرحلن ۾ هو ،

    جهاز جا انجڻ هلي چڪا هئا سامهون اسڪرين تي نقشي ۾ رستو به نظر پئي آيو موسم خراب هو ٽيڪ آف کانپوء برسات باقاعدگي سان وسڻ شروع ڪيو

    نالو ڇا اٿئي ينگ مين ؟ وڪٽر جونيئر پائليٽ کان پڇو

    سر منهنجو نالو ڊيوڊ آهي

    اڇا ڪئين پيو لڳي جهاز هلائيندي ، ڇا توهان سنڀاليندا منهنجي سيٽ ؟ وڪٽر پڇو ڊيوڊ کان ، ڊيوڊ چيو نو سر مان جونيئر آهيان ايتري ۾ اچانڪ وڪٽر هيڊ فون واري مائڪ تي چيو ته سڀ مسافر پنهنجا سيٽ بليٽ مضبوطي سان ٻڌي خود کي سنڀالن موسم خراب هجڻ ڪري ڪٿي به ايمر جنسي لينڊنگ ٿي سگھي ٿو سو ان لاء پنهنجو ذهن ٺاهي ڇڏو ، ايتري ۾ احتياطي اداري وارن ڳالهايو ۽ وڪٽر کان حالت بابت پڇو جواب ۾ وڪٽر چيو ٽيڪ آف مشڪل سان ٿي آهي موسم وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي

    وڪٽر اسپيڊ وڌائي ڇڏي ۽ جهاز آڪاش ۾ وچڙندڙ بادلن جي ڀنور ۾ پهچي ويو مسافرن ۾ اُٿل ڦٿل مچي وئي ۽ عورتون ڊپ مان روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳيون .

    ڊيوڊ وڪٽر کي سر توهان اسپيڊ اوور ڪري رهيا آهيو ؟

    وڪٽر وراڻيو ته سينئر پائلٽ مان آهيان ۽ جهاز کي اهڙن حالتن مان ڪئين ڪڍجي ۽ سوا سئو جي لڳ ڀڳ مسافرن جون زندگيون به پائليٽ سان اٽڪيون پيون هونديون آهن سو خاموشي سان ويهي ڏسو ۽ سکو مستقبل ۾ ٿي سگھي ٿو وڪٽر نه هجي،

    تيز بارش ۽ خراب موسم هوائي جهاز کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو ۽ احتياتي ادارن پاران ايمرجنسي لينڊنگ جو آرڊر به آيو پر وڪٽر جي دماغ ۾ ڪجهه مختلف هلي رهيو هو سو هن پنهنجي طريقي سان جهاز کي ڪريش ٿيڻ کان بچائڻ لاء مختلف طريقا پئي استعمال ڪيا جيڪي ڊيوڊ جي علم ۾ نئون اضافو هئا

    اچانڪ تيز آواز ٻڌڻ ۾ آيو هوا طوفان جي شڪل اختيار ڪئي انجڻ فيل ٿي ويو ڪا ٽڪنيڪي خرابي پيدا ٿي پئي جنهن کي ان وقت سولو ڪرڻ ناممڪن هو، مسافرن کي پئي لڳو ته شايد هو نه بچندا ۽ اينجلينا به پريشان مسافرن کي تسلي ڏيڻ ۾ ناڪام رهي جهاز هوا ۾ ڪلٽيون کائڻ لڳو ۽ وڪٽر پريشان حالتن ۾ لينڊنگ جو رستو پئي ڳوليو بادلن جي ڀنور مان نڪري هيٺ ڏسڻ لڳو ته ڪو رستو هجي جتي لينڊنگ ڪرائجي وڪٽر کي سائو ميدان نظر آيو ۽ ٻيهر مسافرن کي اطلاع ڪيو ته توهان پاڻ کي سنڀالجو سڀ تيار ٿي وڃو لينڊنگ لاء وڪٽر جهاز کي سائي پارڪ واري ميدان ڏي روانو ڪيو پر ان وچ ۾ ڪافي آواز اُٿلون ٿيون جهاز جا ويل جام ٿي ويا جيڪي لينڊنگ وقت ٻاهر نڪرڻ ۾ ٽائم پئي ورتائون ۽ وقت کان اڳ لينڊنگ ٿي وئي جهاز جا وڏا پر ٽٽي ويا ۽ انجڻ ۾ باهه جا اولا اُڀرڻ لڳا جهاز زمين کي رهڙيندي هڪ هنڌ وڃي بيٺو ايمرجنسي ايمبولنس اچي ويا ۽ زخمي مسافرن کي اسپتالن ۾ پهچايو ويو ۽ جلدي سان سڀني مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو ويو تقريبن 102 جي لڳ ڀڳ مسافر صحيح سلامت هئا جن کي سيٽ بيلٽ لڳل هئا اينجلينا سميت جهاز جي ٽيم جا 2 ميمبر ۽ مسافرن مان 4 مسافر زندگي جي بازي هارائي ويا ڊيوڊ ۽ وڪٽر زخمي ٿيا جن کي اسپتال ۾ طبي سهولتن لاء پهچايو ويو گڏو گڏ ٻين مختلف مسافرن کي هلڪا زخم آيا جهاز ڪريش دوران ميڊيا جا ڪيمرا وڪٽر جا منتظر هئا سڀ اهوئي سوچي رهيا هيا ته وڪٽر آخر جهاز کي تباهه ٿيڻ کان ڪئين بچايو بچائڻ واري ذات ته خدا جي آهي پر ميڊيا ۽ اسٽاف جا ماڻهو وڪٽر جهڙي پائليٽ جون تعاريفون ڪري رهيا هئا ۽ مسافرن جو گھڻو تعداد وڪٽر سان ملڻ جو منتطر هو

    وڪٽر هوش سنڀاليندي ئي ڊاڪٽر کان پڇو ته سڀ خير آهي ؟

    ڊاڪٽر وراڻيو ته ان بابت پوليس توهانکي ٻڌائيندي ، مان پوليس آفيسر کي سڏيان ٿو جيڪو هن ڪريش ٿيل جهاز جو جائزو وٺي رهيو آهيو آفيسر اندر پهتو وڪٽر ساڳيو سوال پڇيو آفيسر جواب ۾ چيو ته 7 ماڻهو مري چڪا آهن پر اوهان ته وڏا بهادر ۽ هوشيار پائليٽ آهيو نه ته اهڙي قسم جي ڪريش ۾ تقريبن جهاز تباهه ٿي ويندا آهن ۽ مشڪل سان ئي ڪو خوشنصيب بچندو آهي ،

    وڪٽر چيو ته ٺيڪ آهي پر اينجلينا ڪٿي آهي ؟

    آفيسر وراڻيو ته اينجلينا هاڻي ناهي رهي ، اسان وڃون ٿا وڌيڪ انڪوائري لاء سوال پُڇبا پر پهرين توهان گھر پهچي صحت مند ٿيو،

    وڪٽر مايوسي مان چيو اوڪي ، وڪٽر جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي هئي اينجلينا سندس واحد سهارو هو هاسپيٽل مان ڊرپس بوتلون ڪڍي ڪاوڙ مان نڪري ٻاهر گاڏي اسٽارٽ ڪئي ميڊيا وارن سوال پڇڻ ٿي چاهيا پر وڪٽر لنوائي نڪري ويو وڪٽر کي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ هن اينجلينا کي خود کان پاڻ جدا ڪيو آهي

    وڌيڪ شراب ۾ ٻُڏي ويو رابرٽ اڳي ئي سندس منتظر هو ڪوڪين جو ٻورو وڪٽر کي سُنگهڻ لاء ڏنائين رابرٽ پئسا وٺي روانو ٿيو هاڻ وڪٽر بلڪل اڪيلو هو ٻاهر ميڊيا جو شور ٽي وي چينلن ٿي وڪٽر پائليٽ جون تعاريفي خبرون هيڊلائز بڻيل هيون پر وڪٽر کي اينجلينا جي وڇوڙي جهوري وڌو لُڏندو لُڏندو پنهنجي ان گھر پهتو جتي سندس زال ٽريسي ۽ پٽ پيٽر رهندا هئا پر گهر کي تالو لڳل ڏسي ويترپريشان ٿيو

    شايد سندس زال ۽ پٽ ڪنهن ٻئي گھر ۾ شفٽ ٿي چُڪا هئا وڪٽر واپس پنهنجي هوٽل روم تي پهتو پوليس ۽ ڪرمينل برانچ وارا حادثي جي تصديق ۾ مصروف هئا پر ايئرپورٽ جي اسٽاف ان حادثي کي ٽيڪنيڪل خرابي ۽ موسم خراب هجڻ جو سبب ڄاڻايو پر وڪٽر جي رت چڪاس کانپوء خبر پئي ته وڪٽر ڊيوٽي دوران شراب جي نشي ۾ هو سندس رت ۾ الڪوحل گهڻي مقدار ۾ نظر آيو ان لاء پوليس کيس پڪڙي جيل ۾ رکيو عدالت ۾ جج سامهون وڪٽر صاف ڳالهه ٻڌائي ته هو شراب ، سگريٽ ، ڪوڪين جو عادي آهي ۽ ڊيوٽي دوران به شراب جي نشي ۾ هو پر سندس نشي ۾ هجڻ وجه نه هئي جهاز ڪريش پر پوء به کيس سزا ملي 8 سال قيد

    وڪٽر هاڻي جيل ۾ هيو ڪافي سال گذري ويا هئا نشي جون عادتون به ختم ڪري ڇڏيون هئس پيٽر وڏو ٿي ويو هو ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو ٽريسي کيس ملاقات دوران ٻڌايو هو ، ٽريسي کي خوشي ٿي جو وڪٽر نشي واريون عادتون ڇڏيون ۽ سچ ڳالهايو وڪٽر سان واعدو ڪيائين ته سزا ختم ٿيڻ کانپوء توهان اسان سان گڏ رهندا ،

    وڪٽر جي دل تان ڏُکن جو بار لٿو پر اينجلينا جي يادن کي وسارڻ ناممڪن هو وڪٽر لاء سزا پوري ٿيڻ کانپوء وڪٽر پائليٽ جو شوق رکندڙن کي ٽريننگ ڏيڻ جو سوچو هو ۽ سندس اسٽاف جي دوستن به سندس خواهش پوري ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو وقت تيزي سان گذري رهيو هو ۽ وڪٽر ميڊيا جي دنيا ۾ هڪ مشهور پائليٽ ٿي ويو ......



    وفا شيراز نظاماڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو