ساگر ...

'ڪهاڻيون' فورم ۾ شيراز احمد نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2015۔

  1. شيراز احمد نظاماڻي

    شيراز احمد نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    70
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    بينڪر
    ماڳ:
    ٽنڊو سومرو
    فيڪلٽي جي ٻاهران پارڪ تي اڪيلو ويٺو هئس سج جا تيز ڪرڻا ماڪ ۾ پُسيل سائي ڇٻر کي سڪائي رهيا هئا مختلف چهرا پنهنجي مصروف جيون جي مختلف ڪمن ڪارن جي ڀڄ ڊُڪ ۾ رستا لتاڙيندا ايندا ۽ ويندا رهيا ... آئون ڄڻ ته صحرا ۾ ٿوهڙ جي وڻ جيان اڪيلو پيو هئس نه سج جي تيز ڪرڻن جي پرواهه هئي نه ئي ڪنهن رم جهم جو اوسيئڙو، بس هيا ڪي خُشڪ لڙڪ جن کي نيڻن پئي اوتيو..

    اوچتو علي جي قدمن جي آهٽ جو احساس ٿيو علي کي مونسان ڪمپني ۾ وڌيڪ لطف محسوس ٿيندو هو ۽ اسانجي سٺي دوستي هئي ائين هر روز بريڪ ٽائيم دوران ڪينٽين تي سلائس ، سنبوسا گڏجي کائيندا هئاسين..

    مونکي علي ۾ اُهي سڀ خوبيون نظر آيون جيڪي هڪ سُٺي ۽ سچي دوست ۾ هجڻ کپن...

    ڪافي ڏينهن کان علي شڪايتون پئي ڪيون ته تون الجهيل وکريل ٿو لڳين نه ڪينٽين ٿو هلين نه ئي وري لائبريري ۽ اڄ هيئنر هتي اس ۾ ! ڏس وڻن جي ڇانو به پوئتي هٽي وئي آهي اڪيلو ڇا پيو ٿو ڪرين ؟ علي جذباتي انداز سان پچو ...

    علي شايد منهنجي چهري تي گردش ڪندڙ بي قرار بادلن کي پرکي ورتو هو جيڪي گذريل ڪجهه ڏينهن کان صاف نظر اچي رهيا هئا ..

    مان نه چاهيندي به علي کان لڪائي ويندو هئس هر اها ڪيفيت جيڪا تنهنجي خواب خيال ۾ به نه هئي ، احساس هو ته هڪ ڏينهن علي وضاحت پُڇندو جنهن جي نچوڙ هو شايد محسوس نه ڪري سگهيو آ..

    علي چوندو هو ته پنهنجي سپنن جا تاج محل صرف ننڊ ۾ خوابن تائين محدود آهن انهن جي ساڀيان اسان جي سوچ جي ابتڙ هوندي آهي ، آئون دنياوي حقيقتون ڄاڻندي به اڻڄاڻ هئس ۽ پنهنجي وجود کي عشق جي وادي ۾ لاپتا پئي محسوس ڪيم .. منهنجون سموريون دلچسپيون ۽ توجهه هڪ طرف مائل ٿي وئي هڪ اهڙي حسين پري جنهن جي خوبصورت نظر ۽ نهار هڪ پل ۾ ديوانو بڻايو جنهن جي مون ڏانهن نهار مونکي سندس عشق جي اونهي ساگر ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن جي گلاب جهڙي چهري منهنجي نيڻن جي ريگستان کي سرسبز ۽ شاداب ڪري ڇڏيو !

    مونکي خبر نه هئي ته منهنجي سپنن جا تاج محل ايترا ڪمزور آهن جيڪي پل ۾ پٽ ٿي رڻ پٽ جو ڪو خالي رستو بڻجي ويندا ۽ تون منهنجي هٿن جي لڪيرن مان هميشه جي لاء مٽجي ويندين...

    علي ۽ مان جڏهن لائبريري ويندا هئاسين ته ان رستي ڪافي ڇوڪريون ڪتابن جا بار کڻي اينديون وينديون هيون ، علي پُڇندو هو ساگر توکي ڪا نه ڪا ڇوڪري ته ڏسي ٿي ۽ مان جڏهن ڪنهن ڏي ڏسندو آهيان ته ماڳهين چهرو ئي پريان وڻن ڏي ٿيون ڪن ڇو ؟

    جواب ۾ علي کي چوندو هئس ته ان جي باري ۾ ڪا اڳڪٿي ڪرڻ منهنجي وس ناهي پر جيستائين منهنجو خيال آهي ته مان هرڀرو جو ڇوڪرين ڏانهن نه نهاريندو آهيان ان سبب شايد هو توجهه ڪن ٿيون ته ڪو ساگر وڃي پيو رستي تان باقي تون سڌو سنئون کين گُھورين ٿو ان لئي هو وڻن ڏانهن فطرت جي رنگن کي ڏسن ٿيون ، مونکي عجيب لڳندو هو اهو عمل جنهن سبب هو ڪنهن به ڇوڪري جي دلچسپي جو مرڪز نه بڻجي سگھيو ۽ علي اهڙي ئي احساسي محرومي جون شڪايتون ڪندو هو پر مان کيس کل ڀوڳ ۾ اداس نه ٿيڻ نه ڏيندو هئس ۽ کيس مشورا ڏيندو هئس ته يار يونيورسٽي جي لائف تمام مختصر آهي جيڪا پڙهائي کان ڊگري حاصل ڪرڻ تائين اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي رهجي وينديون آهن يادون ۽ ڌنڌلا عڪس ۽ اسان مڊل ڪلاس جا ماڻهو شايد هتي جي دنيا کان هيٺ آهيون سو جنهن مقصد لاء آيا آهيون ان تي فوڪس رک بجائي جو هيڏانهن هوڏهان ڏسڻ جي ..

    علي کي سُڌ هئي ته ساگر جي خاموشي ، اداسي ڪنهن اڻڄاتل طوفان جي نشاني آهي لڳي ٿو ساگر جون لهرون بيابان جا واچوڙا بڻجي چُڪيون آهن جيڪو ساگر مونکي مشورا ڏيندو هو سو هاڻي پاڻ ڪنهن پري جي نظرن جو نشانو ته ناهي بڻجي چڪو ؟

    منهنجي مسلسل خاموشي ۽ اداسي ۽ روٽين کان مختلف رويو علي لئي سواليه نشان بڻيل هو !

    اڄ يونيورسٽي ۾ ڪلچر ڊي ملهايو پئي ويو ، ايڪو سائونڊ تي ثقافتي گيت چوڏس بلند هئا ۽ شاگرد جهمريون هڻي ڪلچر ڊي ملهائي رهيا هئا ۽ آئون فيڪلٽي کان ٻاهر ويندڙ سيڙهي تي هيٺ ويٺو هئس فيڪلٽي جي اندريون ماحول خاموش هو ايتري ۾ علي جو ميسيج موبائل اسڪرين تي ظاهر ٿيو ، موبائل جي بيل ڄڻ مونکي صُبح جو الارام لڳو ، جلدي اچ ٻاهر وڏو هجوم آهي ڪلچر ڊي جو...

    علي جو ميسيج پڙهيم جواب ۾ لکيومانس ته تون ڀلي انجوائي ڪر منهنجو موڊ ناهي مان فيڪلٽي کان ٻاهر وڃڻ واري سيڙهي تي ويٺو آهيان ۽ منهنجو ڪو به موڊ ناهي اچڻ جو....

    کن پل ۾ ميسيج جي بيل وڳي علي لکيو ته اچان پيو تو ڏانهن ، سوچيم پئي ته مونکي کيس ائين نه چوڻ کپندو هو پر جيڪا قيامت مونتان گذري ان جي ته الف ،ب کان اڻڄاڻ هو ، علي سدائين ائين سمجهندو هو ته ساگر جيڪوکيس مفت جا مشورا ۽ فلسفا ٿو سمجھائي اهو ڪئين ڪنهنجي محبت ۾ گرفتار ٿو ٿي سگھي ؟

    آئون اڃان سيڙهين تي ئي پنهنجي خيالن ۾ ويٺو هئس ته سامهون علي کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم سندس چهري تي ڪاوڙ جا ڪارا ڪانڊيرا چٽا پئي نظر آيا... سندس ڪاوڙ وارو انداز به مونکي بي حد پسند هو ان ۾ دلڪش پنهنجائپ هئي جيڪو صرف سچو دوست محسوس ڪري سگھي ٿو،

    اڄ ڪلچر ڊي تي منهنجي اهڙي سڌي سئين انڪار کيس ويتر سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو .. سامهون بيهه چيائين ته هٿ ڏئي ۽ جھٽڪي سان پوئتي ڇڪيائين مان پاڻ کي ڪرڻ کان بچائيندي ڄڻ ٻه ، چار قدم اڳتي ڊوڙي ويس ..

    چيائين هل ته لائبريري جي مٿئين هال ۾ ٿا هلي ويهون هي ڪا ويهڻ جي جاء آ ؟؟

    مان سمجھي ويو هئس ته اڄ علي مونکان ڇا پڇڻ وارو آهي .. اسان لائبريري ڏانهن رُخ ڪيوسين مختلف رستن چوراهن تي ثقافتي گيتين جا آواز بُلند هئا ۽ شاگردن جو گھڻو تعداد ڪلچر ڊي جي سيلبرشن ۾ مصروف هو ۽ چو ڏس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪون پئي نظر آيون ... مون علي کي چيو ڪاش اهڙيون خوشيون هر روز انسانن جي اندر ۾ به جهمريون هڻن جن سان ماڻهن جا روح خوش ٿي وڃن..

    علي ڪاوڙ ۾ چيو پهرين تون پاڻ خوش رهه پو ٻين جي فڪر ڪر علي جي انهي جملي مونکي ويتر سندس فڪر تي توجهه ڏياري جيڪا فقط ساگر لئي هئي ، هلندي هلندي اچي لائبريري پهتاسون مٿيون هال ايترو فل نه هو جيترو هيٺيون هو ، اسان ان تاريخ واري اخبار ٽيبل تان کڻي چاڙهي وسيلي مٿي پهتاسين ، هڪ ميز جيڪا مونکي ان وقت اداس ۽ اڪيلي پئي لڳي ڄڻ ويران گارڊن ۾ ڪا پراڻي خالي بينچ پيل هجي ، اسان ان ميز وٽ ڪرسيون ويجھون ڪري ويٺاسين

    ان ميز تي غور ڪيم ته ڪجهه نالا ۽ فون نمبر ننڍن اکرن ۾ لکيل هئا ڄڻ ڪنهن جي اطلاع گمشدگي جو اعلان هو ... علي چيو منهن مٿي ڪر ڇا پيو پڙهين ۽ مونکي ٻڌا ته آخر ڇا مسئلو آهي جنهن کان مان اڻ واقف آهيان ، ساگر تون گذريل ڏهن ڏينهن کان مختلف اداسين ۽ اڪيلائن جي ور چڙهي ويو آهين ؟

    ڪاوڙيل اکين سان علي جو ائين سوال ڪرڻ مون لئي ڪنهن به ڪوڙي تسلي يا دلاسي جي برابر نه هو .. ساگر خاموش ڇو آهين ؟

    علي جي ڪاوڙيل چهري منهنجي سڀني خاموشين کي ٽوڙي ڇڏيو هو مسلسل مونکي گھوري رهيو هو ۽ مان نه چاهيندي به ٻڌائڻ شروع ڪيو..

    مون لئي اهي سڀ جواب ڄڻ ڪو ذهن تي پهاڙ بڻيل هئا ..

    علي توکي ياد آهي ته هڪ ڏينهن مون توکي چيو هو ته منهنجون اسائنمينٽس جمع ڪرائي ڇڏجان منهنجي طبيعت صحيح ناهي ۽ مان هلان ٿو ؟

    ها بُلڪل ياد آهي .. علي وراڻيو

    اصل ۾ طبيعت ان لاء اداس هئي جو ان ڏينهن منهنجي مڙني خوابن جا تاج محل ڊهي پيا ڄڻ ائين لڳو ته ڪو سيلاب جي زد ۾ اچي ويل مٽي جو گھر ڀُري ڀڄي پاڻي جي پيٽ ۾ هليو ويو هجي مان جنهن پري جي پيار ۾ خود کي مبتلا ڪيو سا منهنجي قسمت جي ڪنهن به لڪير ۾ نه هئي ، منهنجو هن سان نيڻن جو ناتو هو جيڪو هاڻ نه رهيو آهي ، مونکي خبر نه هئي ته محبت جون ميخون من ۾ ڪئين مضبوط ٿي ويون جو مان پاڻ ئي پنهنجي وجود کان اڻ ڄاڻ ٿي ويو هئس ..

    تون هميشه چوندو هئين ته ڇوڪريون توکي ڏسن ٿيون ۽ تون نٿو ڏسين ۽ آئون توکي ائين چوندو هئس ته منهنجي ڏسڻ سان خبر ناهي سندن دل ۾ مون لا ڪهڙو ڪانسيپٽ پيدا ٿئي ان ڪري توکي مشورا ڏيندو هئس ، پر يار گذريل ڪجهه مهينن کان مان جنهن پري جي جادوئي نظرن جو نشانو بڻيو آهيان جنهن جي نيڻن ۾ مون پنهنجي پريت جا سپنا پوکيا جيڪا منهنجي نظر ۾ ڪائنات جي حسين تخليق آهي ۽ جنهن جي نيڻن ۾ صرف خوشيون ٿيون جهمريون هڻن پر سي خوشيون منهنجي ڪنهن به اداسي جي دوا نه بڻجي سگھبيون ...

    علي خاموش نظرن سان مونکي ڏسي رهيو هو سندس چهري تي اداسين آکيرا پئي ٺاهيا ۽ هو مسلسل مونکي سواليه چهري سان ڏسي رهيو هو ۽ اچانڪ پڇيائين ته ساگر تو اظهار ڪيو ؟؟

    علي جي انهي سوال دماغ ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو ذهن ۾ پراڻن حادثن جا عڪس نمايان ٿي رهيا هئا ... ساگر مون جيڪو پڇو ان جي جواب ڏي ..

    ها علي تون ٻڌڻ چاهين ٿو ته ٻُڌ جنهن ڏينهن مون اظهار جو ارادو ڪيو ته ان ڏينهن ئي هو پري ڪنهن شهزادي جي نانوء ٿي چڪي هئي منهنجو اظهار مونتي ئي پهاڙ بڻجي ڪري پيو

    ان پري سان وابسته سڀ خواهشون ان ڏينهن ئي دامن ئي ڪوهه تان آپگھات ڪري چڪيون هيون

    علي روئڻهارڪي نموني ۾ چيو بس ساگر هاڻي ڪو به سوال نه آهي ..

    مون اخبار جا صفحا کوليندي چيو دوست منهنجي خواهش اها ناهي ته هو جنهن جي امانت آهي تنهن کي نه ملڻ گهرجي ها هو مون لا هڪ خوبصورت خواب آهي مونکي خوشي آهي ته هن مون ڏي نهاري منهنجي من جي اکين کي کوليو ، ۽ تنهنجو ساگر جيڪو پيار ۽ پريت جي نالي کان به اڻ واقف هيو سو هاڻ پاڻ هڪ پريم ڪهاڻي بڻجي چڪو آهي مون کي خبر ناهي ته هن جيون جي چئو واٽيي تي اڃان ڇا ڇا ڏسڻو باقي آهي پر يار اهو سوچيو اٿم ته هاڻ ڪو به اهڙو سپنو نيڻن ۾ نه پوکبو جيڪو بهار بجائي خزان بڻجي کائي وڃين ...

    علي ڄڻ خاموشي جي کوهه ۾ ڪري پيو هو، ۽ مان اخبارن ۾ ڇپيل ڪلچر ڊي جا فوٽو ڏسي رهيو هئس دل تان ڄڻ ڪو وڏو بار لهي پيو هو خشڪ لڙڪ نيڻن مان ته نه لڙيا پر علي جي اکين جي آلاڻ ضرور محسوس ٿي

    علي کي چيم هاڻي لائبريري جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي هل هلون نه ته پوائنتون به نڪري وينديون

    علي وراڻيو ته ساگر تنهنجي پيار جي پوائنٽ ته گھڻو وقت اڳ نڪري چڪي آهي باقي هنن بسن جي وڃڻ جو ڪهڙو افسوس ٿيندو ڀلي هليون وڃن پاڻ لوڪل ڪنهن بس ۾ هليا هلنداسين.

    علي ۽ مان ٻاهر نڪري آياسين ۽ چيو هو مانس ته گھڻو نه سوچجان بس ان ڪهاڻي کي خواب سمجھي وساري ڇڏجان ۽ هڪ ٻئي کي هٿ ڏئي پنهنجن منزلن ڏانهن روانا ٿياسين .....



    وفا شيراز نظاماڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو