زندگي خبر ناهي ڪهڙن امتحانن جو نالو آهي، سوچويندو آهيان ته سوين سوال دماغ جا درواز کڙڪائيندا آهن ، جيون جي چئوواٽيي تي ڄڻ هڪ نه کُٽندڙ بيابان رهيو آهي جنهن جي ڌُنڌ ۾ سڀ رستا لٽجي ويا آهن، مان نه چاهيندي به پنهنجي وجود کي لاپتا ٿو محسوس ڪيان ، جڏهن پيار جا بادل دل جي آڪاش تان اُڏامي ويندا آهن ته ڪنهن به سانوڻ جو اوسيئڙو ناهي رهندو نه ئي اندر ۾ ڪا اُڪير ٿي رهي ، مان شايد لفظ پيار کي بيان ڪرڻ جي قابل نه آھيان يا پنهنجي وڃائجي ويل چاهتن کي ڳوليندي ڳوليندي ٿڪجي پيو آهيان ، اُهي چاهتون يا ته ڪڏهن ڪنهن محسوس ناهن ڪيون يا وري نفرتن جي زلزلي ۾ دفن ٿي چُڪيون آهن، منهنجي چاهتن ۾ شايد ڪجهه به نه هو نه سهڻي جي سڪ هئي نه ئي سسئي جا سور هئا ڪجهه آهون ۽ اُلڪا هيا يا اڻکُٽ سُڏڪا هيا جيڪي نيڻن ۾ ريگستان بڻجي رهجي ويا ، ۽ اُهي خواهشون به جن کي جيئڻ جو ڪو موقعو نه مليو .. خيال جڏهن خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ته صرف هڪ ئي رستو بچندو آهي يا ته انهن سوچن کي سيني ۾ اوتي ڇڏجي يا وري ڪڍي ڪاغذ تي لکجي.. گھڻو ڪجهه لکڻ کان پوء به لفظ شڪايتون ڪندا آهن ذهن ۾ اٽڪندا آهن ۽ فريادون ڪندا آهن بلڪل ائين جئين ڪو انسان اونهي کوه مان خود کي بچائڻ لاء ڪنهن کي پُڪاري ان ڪيفيت ۾ اندر جو انسان نه چاهيندي به ڪاغذ ۽ قلم کڻي لکڻ شروع ڪندو آهي پر پوء به ناڪام رهندو آهي هر ان حادثي جو چهرو ڏيکارڻ ۾ جن ۾ جذبا بي ڏوهه مريو وڃن ... اسان شايد خوشين جي ٽرين ۾ ان ڪري سفر ڪريون ٿا ته ڪو مسافر اسانجو سهارو بڻجي اسانکي خوشيون ڏيندو پر اهي مسافر کن پل لئي هانوء کي ڇنڊو به نه هڻي سگھندا آهن ۽ ايندڙ ڪنهن اسٽاپ تي الوداعي چهرو ڏيکاري هليا ويندا آهن رهجي وينديون آهن يادون ۽ ڌُنڌلا عڪس ... زندگي جي سفر ۾ جڏهن اڪيلايون ۽ اُداسيون آکيرا ٺاهيو ڇڏن ته وڃايل چاهتون به اذيتن جو عذاب بڻجو وڃن ، مونکي خبر آهي ته هر سال بهارون اينديون آهن ۽ وڃايل چاهتن جا هار پارائي هليون وينديون آهن .. تون شايد اڃان اڻڄاڻ آهين انهن سڀني ڪيفيتن کان جيڪي مونکي تنهنجي نه هجڻ جو احساس شدت سان ڏيارينديون آهن ، تون بلڪل بي خبر آهين انهن سڀني چاهتن کان جيڪي تنهنجي ڳولا ۾ خود پاڻ کي وڃائي چُڪيون آهن ۽ بڻجي چُڪيون آهن هڪ بي جان رڻ جو وڻ جيڪو صحرا جي تپش کي اوتيندو ٿو رهي ، مونکي انهن چاهتن تي رحم ٿو اچي جيڪي تنهنجي بي رُخي جي باهه ۾ سڙڻ کانپوء به مري ناهن سگھيون ۽ شايد ڪڏهن به نه مرنديون... تنهنجي نيڻن ۾ جيڪڏهن خود کي نه ڏسان ها ته شايد پيار جا سپنا نه پوکان ها ، تون مونکي منهنجي مڙني چاهتن جو گڏيل منظر لڳي هُئين ائين پئي محسوس ٿيو ته زندگي هڪ نئين دنيا طرف رُخ ڪيو آهي .. هڪ اهڙي دنيا جتي صرف پيار آهي پنهنجائپ آهي نه ريتن رسمن جي زنجير نه اميري غريبي جو فرق نه مذهب جي ديوار نه فرقن طبقن خاندانن جو تقرار .. ڪيڏي نه پر سڪون دنيا آهي اُها جتي خوابن جا تاج محل ٺهندا آهن شايد اها جنت آهي ، هي دنيا نه .. هي دنيا عجيب آهي هتي نه سهڻي جي سڪ جو احساس نه ئي ميهار جي محبت جو قدر ڪيڏي نه دلچسپ دنيا آهي شيشي جي گھرن ۾ پٿر جا دل ٿا رهن جن لئي چاهتون ردي ۾ وڪامندڙ قيمتي ڪتابن جيان به ناهن ! انا جي جنگ ۾ شايد اسان گھڻو ڪجهه پوئتي ڇڏي ڏيندا آهيون اسان جا عقيدا شايد دنيا جي وڏين عمارتن جا محتاج بڻجي چُڪا آهن جتان بي وس چاهتون آپگھات ڪنديون آهن ، پر جي محبت نه هجي ها ته شايد دنيا ۾ خوشيون نه هجن ها ، چاهتون ڀلي نفرتن جي جهنگ ۾ وڃائجي وڃن پر جيون ۾ گھڻو ڪجهه سيکارين ٿيون ... مونکي پنهنجي وڃايل چاهتن جو ڪو به افسوس ناهي ، بس فڪر آهي ته تنهنجا خواب ڪنهن به خزان جي ور نه چڙهن اهي خواب جيڪي محبت جي ننڊ جا محتاج هوندا آهن اهو سڪون تنهنجي جيون ۾ سرسبز ۽ شاداب رهي ، باقي اسان جا خواب ، خيال ، چاهتون اڃا تائين اسان لئي سواليه نشان آهن جن کي اندر جو شاعر انسان پيو لکندو ڪڏهن وڃائجي ويل چاهتن جي روپ ۾ ته ڪڏهن رهجي ويل چاهتن جي روپ ۾ اهو سلسلو چاهتن جو محور ۽ مرڪز رهندو ڇو ته محبت ڪڏهن مرندي ناهي انسان هليا ٿا وڃن ..... سڪ سلامت وفا شيراز نظاماڻي
زبردست ادا هڪ اهڙي دنيا جتي صرف پيار آهي پنهنجائپ آهي نه ريتن رسمن جي زنجير نه اميري غريبي جو فرق نه مذهب جي ديوار نه فرقن طبقن خاندانن جو تقرار .. ڪيڏي نه پر سڪون دنيا آهي اُها جتي خوابن جا تاج محل ٺهندا آهن شايد اها جنت آهي ، هي دنيا نه .. هي دنيا عجيب آهي هتي نه سهڻي جي سڪ جو احساس نه ئي ميهار جي محبت جو قدر ڪيڏي نه دلچسپ دنيا آهي شيشي جي گھرن ۾ پٿر جا دل ٿا رهن جن لئي چاهتون ردي ۾ وڪامندڙ قيمتي ڪتابن جيان به ناهن ! انا جي جنگ ۾ شايد اسان گھڻو ڪجهه پوئتي ڇڏي ڏيندا آهيون اسان جا عقيدا شايد دنيا جي وڏين عمارتن جا محتاج بڻجي چُڪا آهن جتان بي وس چاهتون آپگھات ڪنديون آهن ، پر جي محبت نه هجي ها ته شايد دنيا ۾ خوشيون نه هجن ها ، چاهتون ڀلي نفرتن جي جهنگ ۾ وڃائجي وڃن پر جيون ۾ گھڻو ڪجهه سيکارين ٿيون ...