سوچ ، رويا ۽ زندگي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ شيراز احمد نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2015۔

  1. شيراز احمد نظاماڻي

    شيراز احمد نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    70
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    بينڪر
    ماڳ:
    ٽنڊو سومرو
    ننڍپڻ وارو مڊل اسڪول جودور ياد آيو ته هڪ استاد جي ڪاوڙ ياد آئي جنهن معمولي ڳالهه تان هڪ زوردار ٿپڙ هنئي هئي ، استاد کان سبب پڇڻ تي خبر پئي ته سائين جن پهرين ئي ڪاوڙ ۾ هئا ، ان دور جي سوچ جي مطابق مون صرف اهوئي سمجهو هو ته ڪاوڙ کان ڪئين بچجي ؟ مطلب ڪاوڙ اهڙي شئي آهي جو ڪنهن تي به تلوار جيان وسيو وڃي ! انهي ڪاوڙ جا آخر سبب ڪهڙا آهن ؟

    منهنجي خيال ۾ ڪاوڙ جا مختلف سبب ۽ حالتون هونديون جيڪي ذهن ۾ اهڙيون ڪيفيتون پيدا ڪنديون آهن جو سوچ پنهنجي اصل حالت وڃائي ٿي ڇڏي ، مونکي گوتم ٻُڌ جي چوڻي ياد اچي پئي ته جڏهن اوهان پريشان هجو ته ذهن کي خالي ڇڏي ڏيو ڪجهه وقت کانپوء ذهن پنهنجي اصل حالت ۾ واپس اچي ويندو بلڪل ائين جئين ڪنهن صاف پاڻي ۾ مٽي ڪري پوي ۽ پاڻي ميرو ٿي وڃي ۽ ڪجهه دير کان پوء مٽي تري هيٺ لهي ويندي ۽ پاڻي پنهنجي اصل حالت ۾ واپس اچي ويندو،

    ٿُلهي ليکي ائين چئي سگھجي ٿو ته جڏهن وقت ۽ حالتون توهان جي خلاف ٿي وڃن يا توهانجي خواهشن جي پوري نه ٿيڻ جا انديشا وڌي وڃن ته يقينن توهانجي سوچ ۾ منفي پهلو وڏي پيماني تي وڌڻ لڳندا ۽ توهانجي روين ۾ چڙ تلخي ۽ ڪاوڙ جو عنصر گھُلي ملي ويندو پر ڇا ائين ٿيڻ سان توهان ڪنهن خوشگوار جيون جو تصور محسوس ڪيو ٿا ؟ بُلڪل نه !

    ڪاوڙ واري ڪيفيت ۾ توهان ڪنهن حد تائين شايد الله پاڪ سان ناراضگي ڪريو ٿا ان لاء جو اوهان الله پاڪ جي رضا ۾ خوش نه هوندا آهيو ؟ ان ڪري ئي توهان انهن ڳالهين تي افسوس ڪندا آهيو جيڪي آزمائشون اوهانجي تقدير ۾ هونديون آهن ان لاء ٿورڙو صبر ڪريو سڀ ڪجهه ختم ناهي ٿي ويندو ، اوهانجي تقدير ۾ جيڪو الله پاڪ طرفان لکيل آهي اهو اوهان کان ڪير ڦري ڪو نه ويندو اوهانکي ئي ملندو ٿورو رڳو پنهنجي پاڻ کي سنڀالو ، ڪاوڙ يا مايوسي ڪرڻ سان اوهان پنهنجي مضبوط ارادن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا پوء پيا ٻين تي ڪاوڙ ڪڍندا ۽ نتيجو پنهنجي لاء پاڻ مسئلا پيدا ڪندا،

    ٿورو ان ڳالهه کي به ذهن ۾ رکو ته ڇا ڪاوڙ ڪرڻ سان اوهان جا مسئلا حل ٿي ويندا توهانجي تقدير بدلجي ويندي ؟ اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيندو صرف اوهانجون منفي سوچون ذهن ۾ دوهل وڄائينديون رهنديون ،

    سوچ جو سڌو سنئون يا انڊاريڪٽلي تعلق اسان جي روزمرهه جي زندگي ، خواهشون ۽ ڪنهن طريقي سان اڳتي نڪرڻ واري عمل جو محور آهن ، هاڻي اسان ماڻهو ڪنهن جا دماغ ته نٿا پڙهي سگھون نه ئي ڪنهن جي اندر ۾ وڃي ان جي نيت کي ڏسي ٿا سگھون جو اسان ڪنهن جي باري ۾ ڪا جلدي راء ڏيون،

    اڄڪلهه جي جديد دور ۾ ماڻهو الائي ڪهڙي سائنس ٿا پڙهن يا جادو ٿا ڪرن جو بس ڏسندي ئي انهن جو خاڪوذهن ۾ ٺاهيو ڇڏين ماڻهو جي سڃاڻپ سٺي ڳالهه آهي پر پهرين پنهنجي تصديق به ڪرڻ ضروري آهي مون مٿين ڳالهه ان لاء لکي جو مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هئس ڪافي ماڻهن کي سٺا ڪپڙا

    پينٽ شرٽ پاتل هئا هڪ مزدور غريب آخري سيٽ تي اجنبين جيان ويٺو هو هُن کي ٽڪ ٽوچن ڪرڻ وارو لوهي رسو وٺڻ لاء موڪليو ويو هو سو هو وٺيو پنهنجي منزل ڏي پئي ويو پر پوليس چيڪنگ وارن سڄي بس ڏسي ان هڪڙي کي لاٿو هيٺ ، تلاشي وٺڻ کان پوء به جڏهن انهن کي صرف ٽڪ ٽوچن ڪرڻ وارو لوهي رسو مليو ته پوء به کيس نه ڇڏيوئنس بس ته هلي وئي پر مونکي ان

    پوليس واري جو رويو ٿورو عجيب لڳو ان کي سوچڻ گھرجي ها ته پهرين انسان ٿي ملجي پوء اگر ڪو ڏوهاري آهي ته ان سان پوليس واري ٻولي ڳالهائجي ،

    نيلسن منڊيلا جي چوڻي آهي ته رشتا پنهنجي موت نٿا مرن بلڪي اهي قتل ڪيل وڃن ٿا غلط فهمين ، غلط روين جي هٿان ، رشتو چاهي رت جو هجي يا انسانيت جو ، سڀ کان وڌيڪ اهميت اوهان جو رويو رکي ٿو رويي کانپوء اوهانجي اخلاقي سوچ ۽ سٺا لفظ جيڪي ماڻهن جي دلن ۾ اوهان لاء پيار پنهنجائپ ۽ عزت پيدا ڪن ٿا ، عزت ڪمائي ويندي آ پئسن سان خريد ته شيون ٿين ٿيون

    هاڻي جيڪڏهن شين ، ڪرسين ۽ پئسن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اتي اڄڪلهه جي دور جا ماڻهو وري مختلف نظريا ، گروپ رکن ٿا جيڪي انسان جي مختلف سوچن ۽ عقيدن کي سامهون آڻن ٿا ، مثال ٿو ڏيان جيڪڏهن اوهان ڪنهن سيليبرٽي يا سياستدان سان تصوير ڪڍائڻ ۾ فخر ٿا محسوس ڪيو ته توهان کي ڪنهن ڌنار سان تصوير ڪڍائڻ ۾ ڪو عيب نه سمجھڻ گھرجي. جيڪڏهن اوهان انسان کان وڌيڪ عهدي ۽ اسٽيٽس کي ترجيح ڏيڻ جا خواهشمند آهيو ته توهانجي سوچ جو لاڙو يقينن هڪ محدود دائري طرف آهي جيڪو توهانجي رويي ۾ تبديلي آڻيندو جو اوهان ماڻهن ۾ فرق ڳولڻ شروع ڪري ڏنا آهن اوهان پنهنجي آسپاس نظر گھمائيندا توهان کي کوڙ اهڙا ماڻهو ملندا جن جا مختلف گروپ هوندا جيڪي فقط پاڻ کان اعلي اسٽينڊر وارن کي پيا ڳوليندا ۽ انهن سان اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ کي فخر محسوس ڪندا انسان جي سوچ جڏهن اهڙي چئواٽيي تي اچي بيهه رهي جتي صرف انهن جي پسند جا ماڻهو هجن ته پوء هڪ طرف احساس برتري وڌڻ ۽ ٻئي طرف احساس ڪمتري وڌڻ جا خدشات پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ، اهي ٻئي ذهني بيماريون آهن احساس ڪمتري ۽ احساس برتري جن سان تقريبن اسان جو معاشرو ڀريو پيو آهي،

    اميريا غريب ٿيڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان هڪ سٺو انسان هجڻ جو فرض نڀائي اسان جي پنهنجي پيدا ڪيل طور طريقن کي هڪ طرف رکي جيو اور جيني دو واري سوچ کي عمل ۾ نٿا آڻي سگهون ؟

    اهو عمل زندگي ۾ تڏهن ئي اچي سگھي ٿو جو اگر اسان پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌون انسان جو ضمير انسان جي اصلاح ڪري سگھي ٿو اگر زنده آهي ته پر سائين اڄڪلهه جي ماڊرن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اسان جي سوچ ڪمپيوٽر سان پئي مقابلو ڪري ڊجيٽل دنيا ۾ رڳو عمارتن جا نقشا پيا ٺاهيان وڃن ڇا اسان جا عقيدا فقط وڏين عمارتن جا محتاج آهن ؟

    خواهشن جو پيٽ ته ڀرجي ئي ڪو نٿو پر جيڪر اسان پنهنجي سوچ جي دبئي گھمي ڏسون ته جيون خوشگوار بڻجي وڃي وڏا وڏا خيال تعمير ڪري سگھجن ٿا سهڻا رويا سجائي سگھجن ٿا گلابي چپن تي ، سڀ ڪجهه ممڪن آهي پر صرف جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي پنهنجي پيدا ڪيل غلط اصولن جي جن ۾ انا ، پاڻپسندي ، غلطفهمي ، انتهاپسندي قيد آهي جيڪڏهن اوهان زندگي کي فقط پنهنجي پيدا ڪيل اصولن جو پابند بڻائي ڇڏيو آهي ته تبديلي کانسواء ٻيو ڪو حل ناهي جنهن سان توهان ٻين سان ۽ پنهنجي پاڻ سان انصاف ڪري سگھو،

    ان ديوار کي ڊاهي ڇڏو جيڪا ٻين جي خوشين جي وچ ۾ آهي سڀاڻ اها اوهانجي مٿان به ڪري سگھي ٿي ، هر خاموشي جي پُٺيان طوفان هوندو آهي

    ڪنهن جي خاموشي کي ان جو ڊپ يا ڪمزوري نه سمجھو ، ڪاوڙ جي ڪڙواهٽ پيئڻ بهادر انسان جو ڪم آهي اجايون تنقيدون ۽ تلخ روين وسيلي جيڪڏهن اوهان خود کي وڏو سمجھڻ لڳا آهيوته يقينن اوهان ڪنهن وڏي غلطفهمي ۾ مُبتلا آهيو اوهان جيڪو ڪجهه ڪيو يا ڪري رهيا آهيو صحيح يا غلط جيڪو به اوهان سمجھو ٿا اهو اوهانجي سوچ ، روين جو نچوڙ هوندو

    سوچ جيڪا انسان جي ذهن ۾ مختلف روپن ۾ ڊوڙي ٿي اها لفظن ۾ ۽ روين ۾ ظاهر ٿئي ٿي جنهن سان زندگي خوشگوار به بڻجي ٿي ته مسئلن ۽ پريشانين جو گھر به بڻجي ٿي سو اوهان جيڪر ڪٿي غلط آهيو ته خود کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ الله پاڪ کان معافي وٺي دعا گھرو خوش رهو ۽ سڀني کي خوش رکو سٺي سوچ پوکيو ته جئين اوهانجي روين جي خوشبو سان اوهانجو ۽ اوهان سان وابسته ماڻهن جو جيون سر سبز ۽ شاداب ٿي وڃي .

    وفا شيراز نظاماڻي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. احمد نواز لاشاري

    احمد نواز لاشاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 اپريل 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

هن صفحي کي مشهور ڪريو