سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي جي ٿورن سان ٻاراڻي ادب ۽ سائنسي معلومات جي حوالي سان شايع ٿيل ڪتابي سلسلي جو ڪتاب ”سائنسي ڄاڻ “ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ترجمو۽ اسڪيچ قاضي منظر حيات صاحب جي ڪاوشن جو ثمر آهي. ٻارن لاءِ سولي انداز سان سمجهايل سائنسي الجهنن ۽ ذهن ۾ اٿندڙ سوالن جا جواب موجود آهن، جيئن سج، ستارا ڪيڏو ڏور آهن، زمين تي طوفان، ڪڪر ۽ انهن جا تَهه، کنوڻ، انڊلٺ، ڪيتريون ئي ايجادون ۽ انهن بابت معلومات. اميد ته هي ڪتاب ٻارڙن سان گڏ اسان وڏن جي ڄاڻ ۾ به اضافو ڪندو. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
زبردست، تمام بهترين انداز سان بنيادي سائنسي ڳالهيون سمجهايل آهن، هر باشعور انسان کي انهن ڳالهين جي معلومات هجڻ بنهه ضروري آهي، آئون اڄ ڪلهه بنيادي سائنس پڙهي رهيو آهيان ان موقعي تي هي ڪتاب منهنجي لا ته مشعل راهه بڻيو آهي. سليمان صاحب جي مهرباني جو هميشه جيان ڪارائتي ونڊ ڪئي اٿن.