• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثار کهڙو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
22 سيپٽمبر 1950ع

نثار احمد کهڙي 22 سيپٽمبر 1950 تي لاڙڪاڻي شهر ڀرسان عاقل ڳوٺ ۾ وڏيري محمد نواز کهڙو جي گهر جنم ورتو. هي 21 ڏينهن جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پالنا چاچي خان بهادر محمد ايوب کهڙو ڪئي. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. 1966ع ۾ هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان ڪئي. 1968ع ۾ انٽر ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي مان ڪئي ۽ 1972ع ۾ بي اي آنرس ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪئي. هن سياست جي شروعات 1978ع ۾ تحريڪ استقلال کان ڪئي ۽ بعد ۾ کيس جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مرڪزي نائب صدر مقرر ڪيو ويو. هن 4 فيبروري 1987ع ۾ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي.

هن 16 نومبر 1988ع وارين چونڊن ۾ وارهه تعلقي مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي بيهي تڏهن جي وڏي وزير اختر قاضي کي چونڊن ۾ هارايو. وري 24 آڪٽوبر 1990ع وارين چونڊن ۾ ساڳي تڪ تان اختر قاضي سان مقابلي ۾ بيهي سوڀ ماڻي هئي. 1990 کان 1993 تائين سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو. 6 آڪٽوبر 1993ع وارين چونڊن ۾ وري ساڳي تڪ تان ٽيون ڀيرو صوبائي اسيمبلي جي چونڊ کٽيائين. 25 آڪٽوبر 1993ع تي ٽي رڪني صوبائي ڪابينا ۾ خزاني، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير جي حيثيت ۾ حلف کنيو.

هن 4 فيبروري 1981ع ۾ ايم آر ڊي واري اتحاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ کيس ايم آر ڊي تحريڪ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. کيس ايم آر ڊي تحريڪ جو اڳواڻ هئڻ ڪري جمهوريت جي بحالي لاءِ جاکوڙڻ واري ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو. وري بعد ۾ 1993ع ۾ اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ۾ پڻ گرفتار ڪيو ويو.

1991ع ۾ کيس پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر مقرر ڪيو ويو. 1992ع ۾ پ پ سنڌ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو.، 1997ع ۾ پارٽي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر ۽ ساڳي سال پ پ سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو. 21 جون 1998ع تي کيس اينٽي ڪالاباغ ڊيم فرنٽ جو ڪنوينر چونڊيو ويو. هي فيبروري 1997ع کان آڪٽوبر 1999ع تائين سنڌ اسيمبلي ۾ ليڊر آف ڊي اپوزيشن جي منصب تي رهيو. هن وقت صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي.

سليم گل چنا، ڪراچي
 
Back
Top