وقت سان سنڌين جو هن ملڪ تان ايمان ختم ٿيندو پيو وڃي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    وقت سان سنڌين جو هن ملڪ تان ايمان ختم ٿيندو پيو وڃي
    ______________________________________________________

    وقت سان گڏ سنڌين جو هن ملڪ تان ايمان ختم ٿيندو وڃي ٿو
    ڇو ته هن ملڪ ۾ سنڌين جي ڪو به ٻڏي نه ٿو ايتري تائين جو وڏا وڏا احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا پر هنن سسٽم ۾ ڪو به فرق نه پيو ۽ هو بهو اهي سنڌ دشمن منصوبا ۽ چالاڪيون ڪندي ڪندي هي وقت اچي ويو جو هاڻي سنڌي پنهنجي ڌرتي جا مالڪ به نه رهڻ طرف وڃن پيا ...توهان پڇندا ته ڪيئن ؟؟؟؟
    1 ٿل ڪينال تي پوري سنڌي قوم سراپا احتجاج ڪيو پر هو هنن ڪافرن ٺاهي ڏيکاريو ۽ هيئن هو پورا 12 مهينا هلندڙ آهي
    2 ڪالا باغ لا جدوجهد ڪندي ڪندي نسل تباه ٿي ويا پر هنن ڪافرن تربيلا سان ٻيو تربيلا گڏو گڏ ٺاهي پاڻي روڪي ڏيکاريو ۽ تونسان وٽان ڇاٻ به ڏيني مٿي غير فطري ڪينال ڪڇي ڪينال جي وهڻ جو بندو بست ڪري ڇڏيو
    3 پنو عاقل فوجي ڇاوڻي لاءِ سنڌ سراپا احتجاج ڪيو ته با با هي هتي فيزيبل نه آهي پر سائين هنن بي واڳ سانهن کي ڪير ٿو روڪي سگهي ...نتيجتن ريل جا واقعا ڪرايا ويا ۽ پنجاب گهوٽڪي تي قبضو ڪري ويٺو آهي ....انتظامي طور گيس ڦريون پيو وڃي ڪو چوڻ وارو نه آهي
    4 اڄ ڊفينس فيض 9 جي نالي تي فوجي ماڊرن شهر ڪراچي جي ڪلهي تي پيا ٺاهين ڪو سنڌي احتجاج جي سگه به نه ٿو رکي
    5 ڌاري آبادي انگريزن ڪتن جي وقت کان سنڌ ڏانهن هلندي رهي ٿي ڪڏهن جاگيرون ڏيئي پنجابي نسل کي گهرايو وڃي ٿو ته ڪڏهنن پٺاڻن کي گهرائي انعامن ۾ سنڌ جي زمين هوڪا ڏيئي پئي هلائي وڃي کپائي پئي وڃي ڪڏهن 1947 جي مائگريشن جو ڏچو سنڌ ۾ ...ان جو تسلسل هي ڪتو رياض ملڪ ۽ ان جا ساٿاري بحريه ٽائون ۽ ذولفقار آباد جي نالي پيا ڀينگ ڪن ...
    6 1947 کان بنا سبب جي سنڌ جو ناڻو ايف بي آر جي ڍونگ ۾ ڦريندي ڦريندي هي وقت آيو پيسو سنڌ جو گهڻو 80 سيڪڙو ۽ پاور پاليٽڪس وري پنجاب جي پو اهو پي پي جي ڍڪ ۾ هجي يا ڪنهن ٻي رنگ ۾ هجي پر بندوق کان وٺي سروسز تائين هنن جي اجاراداري آهي سنڌي ويچارو بڻيو ويٺو آهي
    7 وري اسان جا سنڌ جا حڪمران جن ۾ هي هندستاني نوڪرين ۾ هي هندستاني جن وٽ اڄ به هندستان سان وفا جا ترانه دلين ۾ پيا هلن سر عام هندي فملن جي نمائش شهر ڪراچي ۾ جتي سنڌ جو ته شهر هي هاڻي لڳي ئي نه ٿو .........۽ هو ڪافر ويڙه جي لاءِ مهلڪ هٿيار جمع ڪندي رينجرس جي هٿان پڪڙيا ويا آهن پر پو به اسٽيٽ هنن تي ڪا به پابندي نه پئي هڻي اهو چئي ته هي پنهنجي ويڙهاڪ ونگ ختم ڪن ...هڪ شرم کي پرچائڻ آ ......افسوس آ

    نتيجتن سنڌي ڪنهن به پنهنجي فيصلي جو مالڪ نه آ اگر ڪو به يا ڪا تنظيم اڳڀرائي ڪري به ٿي ته انهن جو وات پيسن سان ڀري بند ڪيو ٿو وڃي پو هو ڪلابازيون پيا کائيندا وتندا ......اٿو سنڌيو مڙي مٺ ٿيو هڪ ٿيو ڇڏيو نفرتون ۽ ننڍڙا اختلاف توهان جا پير ڪڍيا پيا وڃن توهان جي سنڌ توهان کان کدسي پئي وڃي ...ڪجه هوش ڪريو ڪجه بيدار ٿيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    سنڌين سدائين خود کي ڊيپيند ڪيو آهي ڪڏهن ميرن تي ڪڏهن پيرن تي ڪڏهن وڏيرن تي تنهنڪري ظاهري ڳالهه آهي ته هو پنهنجي پاڻ لاءِ مثبت فيصلا ڪئين ڪندا؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو