سنڌي ٻولي ۽ سنڌين جو ٻين ناڪس زبانن جي وڪالت ____________________________________ ها پر هن ۾ به سنڌي ٻين ٻولين جي ڳاله ضرور ڪندا جن ٻولين ۾ ڪو ٻولي هجڻ جو اهڃاڻ ئي نه آهي ....خبر نه آهي ته سنڌين کي ٻين ٻولين جو فڪر ايترو ڇو آ جڏهن ته هنن جي پنهنجي ٻولي سنڌي سان ڪلور ڪيا ويا آهن جنهن کي هن جي صوبي مان نيڪالي پئي ڏني وڃي اسڪولن مان ادارن مان دفترن مان لکڻي مان سنڌين مان هن ٻولي جي اهڙِ تلسم سان انگريزي جي جادو سان انگريزي جي اندر لڪل اڙدو جي بي رواجي طريقي سان جنهن ۾ صرف سنڌي سان چالاڪي دوکو دغابازي ڌونس ڪئي پئي وڃي .....وري هو سٻاجها سنڌي جڏهن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي لاءِ جدوجهد ڪندا پنهنجون توانايون استعمال ڪندا ته ٻين ناڪارا زبانن جي به وڪالت ڪندي نه ٿڪندا هي هڪ چرائپ جي انتها آهي جو پنهنجي ٻولي سنڌي جيڪا هر نقطي کان هر لحاظ کان هڪ مڪمل ٻولي آ جنهن کي تاريخ به آ ته تمدن به آ ته لکڻي به آ ته ادب به آ ته آواز به آ ته ڌرتي به آ ته ڳالهائڻ وارا به آهن پر هن کي زوري هن ڌرتي تان بي دخل ڪيو پيو وڃي هنن جي ماڻهن کان کسي پئي وڃي سرڪاري طور تي ته هن ٻولي کي صوبي جي اسيمبلي ۾ به ڳالهائيڻ ۾ شرم ٿو اچي سنڌي نمائندن کي ...وري اهو عضر ته هو سنڌي نه ٿا سمجهن تنهن ڪري اڙدو ۾ بڪواس ڪريون ٿا ..اڙي شرم انهن کي به ۽ توهان کي به نه ٿو اچي جو سنڌ جي صدين جي ٻولي توهان ڏانهن واجهائي ٿي ته اڙي سلوڻي ٻولي ۾ ڳالهايو پر مجال آ جو توهان جي غيرت تي ڪو گرهڻ پوي ڪو اثر پوي .....هو ٻاڪاريندي رهجي وڃي ٿي سيشن پورو ٿي ٿو وڃي پر هن کي ڳالهائڻ جي جرعت ڪير به نه ٿو ڪري .....بي شرمائي مان ڪنڌ هيٺ به هاڻي نه ٿو ڪيو وڃي .....ٻيو ڪهڙي تبهاهي جي ڳاله ڪجي ...ٻولي سان اهڙي ويڌن پوءِ به خاموشي ....افسوس صد افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو
بلڪل درست ادا ڇا آهي جو اسان جي ماڻهن کي شروع کان وٺي ٻين جي مسئلن ۾ انٽرفئير پسند آهي تنهنڪري پنهنجي ٻولي پنهنجي ثقافت پنهنجي تاريخ جي نقصان جي ڪا فڪر نه اٿن ۽ نتيجن انهن جو ميسارجڻ لازم ٿيندو