مهتاب اڪبر راشدي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    3 مارچ 1947ع

    مهتاب 3 مارچ 1947ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر نئون ديرو ۾ محمد عيسيٰ چنا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو بدر النساءِ آهي. .... 1963ع ۾ هن حيدرآباد ۾ مئٽرڪ، 1967 ۾ بي اي سيڪنڊ پوزيشن، 1969ع ۾ ايم اي (سياست) ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪرڻ بعد 1978ع ۾ پرڏيهي يونيورسٽي آف مساچسٽس آمريڪا مان به ايم اي (سياست) ۾ پاس ڪئي. هن ان کان پهرين 1971ع ۾ بي ايڊ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.

    73-1971ع تائين هن سينٽ ميريز ڪنوينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 79-1973ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي انٽر نيشنل رليشن ۾ ليڪچرار ، 88-1979ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر وري ايسوسيئيشن پروفيسر، چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشن جي عهدي تي ڪم ڪيو.

    85-1983ع تائين ڊائريڪٽر يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن حيدرآباد ريجن، 88-1983ع تائين ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي پوءِ ڊائريڪٽر لياقت لائبريري ڪراچي 89-1988ع تائين سيڪريٽري ڪلچر ٽورازم سنڌ حڪومت، ڊسمبر 1997ع تائين نئين محڪمي انوائرمينٽ پروٽيڪيشن ايجنسي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات، 99-1997ع تائين سيڪريٽري سوشل ويلفيئر حڪومت سنڌ، سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽر جنرل محتسب اعليٰ سنڌ جي اعليٰ عهدن تي رهي ڪم ڪيو آهي. هن وقت پاڻ .... آهي.

    هي ڪيترن ئي ادارن جي بورڊ ياگورننگ باڊي جي ميمبر پڻ رهي آهي. جن ۾ انٽرنيشنل رليشن بورڊ، آفريڪا، نارٿ آمريڪن اسٽڊي سينٽر قائداعظم يونيورسٽي، ايڊيٽوريل بورڊ سنڌي ادب، تعليم وزارت، وومن اينڊ ايجوڪيشن ڪميٽي، ايڊوائيزري ڪميٽي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، نيشنل بوڪ ڪائونسل، بورڊ آف گورنرس نيشنل ڪاليج لاهور، فيملي پلاننگ ايسوسيئيشن آف پاڪستان، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي، سنڊيڪٽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، منصوبابندي ۽ مالي ڪميٽي مهراڻ يونيورسٽي، سنڊيڪٽ n.e.d انجنيئرنگ يونيورسٽي، چيئرمين سنڌ آرٽ ويلفيئر ڪائونسل، سگا سميت ٻيا ڪيترائي ادارا شامل آهن.

    هي فن جي شعبي سان پڻ گهڻو عرصو لاڳاپيل رهي. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڊراما آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هن ڪيترن ئي ٽي وي چئنلن تان سنڌي ۽ اردو ۾ پڻ ڪمپئرنگ ڪئي ۽ ڪندي رهي ٿي. ٽي وي تي مٿس ضياءُ الحق سرڪار پاران رئو پائڻ لاءِ حڪم نه مڃڻ وارو واقعو پڻ سندس شهرت ۾ اضافو آهي. هن جديد موضوعن تي انگريزي ۾ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا آهن. جن ۾ مائوزي تنگ ٿاٽس آن امپريل ازم، بگ پاورس ايٽيٽيوڊ ٽو ورڊس انڊيا پاڪستان، بڪ رپورٽ آن فور جاپانيز آئلينڊ، ميڪا وليز ڪنسيپٽ آف نيو ٽرلٽي، تاشقند اينڊ شملا ايگريمينٽ اي ڪمپريٽو اسٽڊي ۽ انڊيا پاڪستان رليشن شامل آهن.

    26 فيبروري 1981ع تي هن راشدي خاندان جي سيد اڪبر حسين راشدي سان شادي ڪئي. ان بعد هن پنهنجو نالو مهتاب اڪبر راشدي رکيو. کيس اوالاد ۾ ٻه پٽ آهن.

    سليم گل چنا، ڪراچي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو