ڪافي منجهيل ۽ مفاد پرست ماڻهو اها ڳالھ ڪندا آهن ته سائين جي ايم سيد سنڌوديش جي ڳالھ جلد بازيءَ ۾ ڪئي ، سنڌي قوم ان لاءِ تيار ڪا نه هئي ۽ نه آهي ، ..........هيءَ مخالفت سائين جي ايم سيد جي نه پر راجا ڏاهر بعد هر غيرت مند سنڌي حڪمران ، سپھ سالار ۽ اڳواڻ جي آهي جيڪي به سنڌ جي آزاديءَ جي لاءِ پنهنجي دور جي آقا حڪمرانن سان ويڙھ ڪندا رهيا آهن. ڇا اهي سڀ به ان وقت اهو غلط ڪندا هيا ؟ اهي سڀ ٻاراڻيون حرڪتون ڪري رهيا هيا؟ ڇا ان وقت به انهن جي لاءِ سنڌي قوم تيار ڪا نه هئي ؟ ارغونن ، ترخانن ، مغلن ، انگريزن سان ويڙھ ڪندڙ سڀ اٻهرا ، اميچوئر ، ماڻهن جو ذهن خراب ڪندڙ اڳواڻ هُيا ؟ سائين جي ايم سيد ته انهن غيرتمند ماڻهن جو هڪ تسلسل آهي. ماڻهو تڏهن به وڙهيا پئي جڏهن فارسي گهوڙي چاڙهسي جا پهاڪا ٺهيا. هاڻي وري ٻي شڪل ۾ سامراج آهي. سائينءَ ڪا غلطي ڪا نه ڪئي جو ان سنڌوديش جو نعرو هنيو هو. جيڪڏهن سائينءَ جي ڪيل ڳالھ کي غلط چوڻو آهي ته پوءِ پهريون سنڌ جي سمورن حريت پسند ۽ غيرتمند ماڻهن کي لعنت ۽ بُجو ڏيڻو پوندو ، ان بعد سائينءَ کي غلط چوڻو پوندو