• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيڏو آ پنڌ هي ڪاهبو

دوست مايوس نه ٿيو ...هي منهنجا احساس جڏهن محترم شهيد بشير خان پيادل لانگ مارچ ڪئي هئي تڏهن جا آهن

______________________________
آسرو نه لاهبو
جيڏو آ پنڌ هي ڪاهبو
اڃا نه آس آ کٽي
جي اڃا نه باک آ ڦتي
اميد کي نه ڪس ڏبي
ويچار کي ورائبو
آسرو نه لاهبو
اڃا ته ڌڱ ڊوڙ ۾
وڄو وسن جيئن گوڙ ۾
وڏا وڏا قدم ڀري
منزلن کي موڙبو
قدم اڳي ئي کوڙبو
ٿڪ پڄي پو لاهبو
ٻڌو ڪي سندرا سورهيو
هڻي ڪو جانٺو ڪيريو
دفن ڪيو هي دوزخي
ڏئي پيو لوڪ کي يکي
موذي سنڌ جو ماربو
ديس کي نه خاربو
آسرو نه لاهبو
جٿي ڪٿي هي ڳائبو
آسرو نه لاهبو
اڃا ته سورميون سوين
اڃا ته ديس پيو ڌوين
سنگت ساٿ کي سڏي
ڀاءُ ڀيڻ کي گڏي
لوڪ کي اٿاربو
آسرو نه لاهبو
امڙ جي انگ انگ تي
پنهنجي ديس دنگ تي
ساه سڀ هي گهوربا
دشمن جا ڪنڌ ڪوربا
ڪهاڙيون کڻو کڻو
ماريون ڄڻو ڄڻو
چمن وطن کي چاهبو
آسرو نه لاهبو
جيڏو آ پنڌ هي ڪاهبو
 
Back
Top