28 نومبر 1933 ممتاز علي ڀٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ مير پور ڀٽو ۾ 28 نومبر 1933ع تي رئيس نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هن وڌيڪ تعليم اتر پرديش جي ميسوري شهر جي جيوز جيس ڪاليج ۽ گوڙا گلي جي لارنس ڪاليج مان ورتي. هن انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪارسٽڪ ڪاليج ۾ جيوريس پروڊنس ۾ ايم اي ڪئي. هن لنڪنسن مان بئرسٽري جو امتحان پاس ڪيو. هن وطن موٽي ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪئي پر ذوالفقار علي ڀٽي کيس وڪالت ڪرڻ نه ڏني ۽ کيس سياست ۾ آندو. هيءَ 1965ع ۾ لاڙڪاڻي مان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. هن 1971ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ کيس 1971ع ۾ سنڌ جو گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ جڏهن عبوري آئين لاڳو ڪيو ويو. کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ کيس مواصلات جو وفاقي وزير ڪيو ويو. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ گرفتار ڪري کيس ساڍا چار سال جيل ۾ رکيو ويو ۽ جيل ۾ بيمار ٿيڻ ڪري کيس 1984ع ۾ ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ موڪليو ويو. 1985ع ۾ هن لنڊن جي ڪائونٽي هال ڪنوينشن ۾ سنڌي- بلوچ ۽ پختون فرنٽ جو بنياد وڌو ۽ 1986ع جي شروع ۾ کيس پاڪستان ۾ فرنٽ جو باقاعده ڪنوينر چونڊيو ويو. 1989ع ۾ هن سنڌي - بلوچ ۽ پختون فرنٽ کي سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ تبديل ڪيو. هن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين کي گڏي سنڌ قومي اتحاد جو بنياد وڌو ۽ کيس اتحاد جو چيئرمين ڪيو ويو. پر بعد ۾ ساڻس اتحاد ۾ ويٺل ڌرين پاران سهڪار نه ڪرڻ سبب هن چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني. ان کان اڳ هو 1997ع ۾ هو سنڌ جو نگران وڏو وزير پڻ رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي پهرئين دور حڪومت ۾ هي جڏهن سنڌ جو وڏو وزير هو ته هن مشهور ٻوليءَ وارو بل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو هو، جنهن سب مهاجر پنجابي پختون اتحاد پاران پهريون سنڌ ۾ نسلي فساد ڪرايا ويا هئا. ۽ ”رئيس امروهوي جنگ اخبار ۾ اردو ڪا جنازه هي ذرا دهوم سي نکلي“ لکيو هو. ان بعد ممتاز صاحب کي ڏهيسر سنڌ جو لقب مليو هو. سليم گل چنا، ڪراچي