ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
محترم دوستو.. اڄ هڪ يادگار ملاقات جومختصر احوال توهان سان ونڊ ڪريان ٿو. هي ملاقات سائين عبدالله السندي صاحب سان ڪلهه 6 اپريل 2015 جي ڏينهن تي ٿي ۽ سائين جن سان ملاقات کانپو اهو ڏينهن منهنجي زندگي جو هڪ يادگار ڏينهن بڻجي ويو.
سنڌ سلامت جي منفرد رڪن سائين عبدالله السندي صاحب جن جا لک احسان جو پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي ڪلهه شام جو منهنجي غريب خاني تي پهتا. بيشڪ سائين عبدالله سان ملاقات جو شرف ملڻ هڪ وڏي خوشنصيبي جي ڳالهه آهي.
اصل ۾ سائين عبدالله جي حيدرآباد اچڻ جو گذريل هڪ هفتي کان انتظار هو، ڪڏهن پاڻ مصروف ته ڪڏهن مان مصروف. روزانو موبائيل تي ڪچهري ڪري ملڻ جا وچن ڪندي ڪندي نيٺ ملاقات وارو ڏينهن به اچي پهتو ۽ ڪلهه سائين سان ملڻ جون سڪون به لٿيون.
هي به هڪ عجيب اتفاق آهي جو جڏهن سائين عبدالله سان بنفس نفيس گلي مليس پئي ته ان وقت الله پاڪ جي ڪرم سان حيدرآباد جي گرم موسم به تبديل ٿي رهي هئي ، شام کان آسمان تي ڇانيل ڪڪرن ڦُڙ ڦُڙ وسائڻ شروع ڪئي ۽ ٿڌڙين هوائن ۽ کنوڻ جي چمڪاٽن هن ملاقات کي اڃا به وڌيڪ يادگار بڻائي ڇڏيو.
سائين عبدالله السندي سان گذاريل اهي گهڙيون ۽ ساڻس اسلامي توڙي مختلف موضوعن تي ڪچهري تمام گهڻي مفيد رهي ، سنڌ سلامت جي حوالي سان مذهبي سيڪشن ۾ ٿيندڙ متنازعه موضوعن تي به سائين جن کان ڪافي رهنمائي وٺڻ جو موقعو مليو ۽ سائين عبدالله جي ڪارآمد گفتگو سان منهنجي ڄاڻ ۾ تمام گهڻو اضافو به ٿيو.
سائين عبدالله السندي منهنجي لا هڪ اسپيشل تحفو به کڻي آيا هئا، جنهن کي ڏسي مان دنگ رهجي ويس. سچ پچ ان تحفي جو ڪو نعم البدل ٿي نٿو سگهي، اسلامي تحقيقي ڪم دوارن هن انمول تحفي جو استعمال نه صرف وقت بچائي ٿو پر هڪ ئي وقت تمام گهڻي معلومات ڏيندڙ به آهي.
مان سائين جن جو تهه دل سان ٿورائتو آهيان جو مون کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
شل الله پاڪ سندن علم ۾ اڃا به وڌيڪ واڌارو ڪري ۽ کين وڏي ڄمار عطا ڪري. مان سندن صحت ، سلامتي ۽ خوشين لا هميشه دعاگو رهندس.

سائين عبدالله سان ملاقات جي هڪ يادگار تصوير
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: