اوهان اهو ڄڳ مشهور لطيفو يقينن ٻُڌو هوندو ته سڀ کان وڏي ڪوڙ جو مقابلو ان شخص کٽيو جنهن چيو ته ”مون ڪلهه ڏٺو، ٻه عورتون انتظار گاهه (Waiting lounge) ۾ هڪ ڪلاڪ خاموش ويـٺيون رهيون “. مطلب ته عورتون گڏجن ته ڳالهه ٻولهه شروع، پر مسئلو رُڳو اهو ناهي ته عورتون هر وقت ڳالهائين ٿيون. مسئلو اهو آهي ته هو ڳالهائڻ دؤران گِلا کان باز نه ٿيو اچن. مثال طور ٻه عورتون جيڪي هاڻ مائرون آهن (يقينن اهي ننهرون به رهيون هونديون پر اڪثر وسري ويندو اٿن) ۽ هاڻ سس ٿيڻ جو شرف به حاصل اٿن سي پاڻ ۾ ڪچهري ڪن ٿيون ته ڪُجهه هن طرح جي ڳالهه ٻولهه هلي ٿي. ”ادي منهنجي ننهن ته بس پاڻ سينگارڻ ۾ پوري آهي. شل نه ڪو بهانو سُجهيس ته ڪم ڪار ڇُٽا سِڌو وڃي ويهندي سينگار ٽئبل تي يا وري پاڙي جي بيوٽي پارلر تان ڦيرو ڏيئي ايندي“. ٻي جلدي ۾ تائيد ڪندي ”ها ادي چئين سچ ٿي. وقت اسان جو به هو پر اڄ جي ڇوڪرين جي ڳالهه ئي ٻي آهي“. ڪُجهه ئي دير ۾ وري موضوع بدلبو ۽ اهو وسري ويندن ته کين به ڏير ۽ نڻاڻ سان خدا ڪارڻ جو وير هوندو هو ۽ ڏٺي نه وڻندا هُئا. مُڙس پاران ڪڏهن ڀُلجي به انهن جو پاسو کڻڻ تي ويچارن کي ست سُريون ٻُڌڻيون پونديون هُيون پر اڄ کين پنهنجي ڀائرن کان شڪايت آهي ته هي زال جا مڄو ٿي ويهي رهيا آهن ۽ ڀائر ۽ ڀينرون ته جهڙوڪر وسري ويون اٿن. اُن لحاظ کان ٿيندڙ گُفتگو وري ڪُجهه هن طرح هوندي آهي. ”ادي منهنجو ادا وڏو ته شادي ڪري جهڙو اسان کي وساري ويٺو پر ننڍي ڀاءُ جي شادي ڪرائي ته به جهڙو پاڻ ئي هٿان وڃايوسين. اڃان ڪلهه ڇهه مهينا ٿيندا شادي کي جو چئي ٿو هاڻي پنهنجو روزگار اٿم، سوچيان ٿو الڳ ٿيان. هاڻ سوچيو منهنجي ٻن ننڍين ڀينرن ۽ امان ابي جو هن وهيءَ ۾ ڪير پُڇڻ وارو آهي“. ظاهر آهي ٻي نه رُڳو تائيد ڪندي پر پنهنجو مثال به ضرور ڏيندي. پوءِ ڀلي کڻي سندس ڀاءُ هُجي ئي نه يا وري ماءُ پيءُ خدا کي پيارا ٿي ويا هُجن، پر ٻيو نه ته به ايترو ضرور چوندي ”ادي اڄ ڪونهي امان ابو حال حيات نه ته منهجا ڀائر به ڪٿي سندن سار لهن ها جيڪي هاڻ پرڻيا اولادي اوڪادي ٿيا ويٺا آهن“. مطلب ته سلسلو اڳتي ڪرڻو آهي. رينگٽ جاري رهي پوءِ ڳالهه هُجي نه هُجي ان سان سروڪار ناهي. ايئن ناهي ته مرد حضرات ڪو صفا ان عادت کان پري آهن پر هتي ڳالهه ڀيٽ جي ڪجي ٿي ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ اها عادت گهڻي آهي. ٿورو غور ڪجي ته اهو آخر ڇو آهي؟ عورتن ۾ گِلا جا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا عورتون وانديون هونديون آهن. وٽن وقت جي گهڻائي سبب ڳالهائڻ جو وڏو وقت هوندو آهي تنهنڪري هو اهو ڪن ٿيون. ٿي سگهي ٿو هڪ سبب اهو به هُجي پر اصل مُحرڪات ڪُجهه ٻيا ٿا ڏِسجن. ڇو ته اڄ جي شهري عورت جيڪا گهرداريءَ سان گڏ نوڪري به ڪري ٿي تنهن وٽ وقت جي ڪمي هوندي آهي. پر اُها به ان مسئلي کان آجي ناهي. ان جو مطلب ته اهو مرض رُڳو واندين نه پر ڪم وارين عورتن ۾ پڻ آهي. سماجيات جا ماهر ٻُڌائن ٿا ته ظاهري ڏيک ويک ۽ هار سينگار (پنهنجو توڙي پنهنجي شين جهڙوڪر گهر، ڪار وغيره) جو شوق مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ وڌيڪ آهي. هو چاهين ٿيون ته وٽن جيڪو ڪُجهه هُجي ان جو ظاهري ڏيک مُنفرد ۽ ٻين کي متاثر ڪندڙ هُجي. سندن پسند پڻ مردن کان مُختلف آهي. موبائل فون جي پائوچ کان وٺي ڪار جي رنگ تائين ليڊيز جي پسند جا ڪلر سڀني کي سُجهن ٿا. اهو ڪريز اُن حد تائين هوندو آهي جو ان تي سمجهوتي کان عاري هونديون آهن. انهيءَ خواهش جي ڪا حد به مقرر ناهي، جيترو هُجي اوترو ٿورو آهي. هڪ مرد وٽ گهر، ڪار يا موبائل فون هُجڻ ئي ڪافي آهي پر عورتن ۾ ڏِسبو ته اهو هُجڻ ته ڪا معنى ئي ناهي. اصل ڳالهه آهي ته اُنهن جو ظاهري ڏيک ڪهڙو آهي؟ هڪ عورت اهي شيون ملڻ کان پوءِ فورن سوچيندي ته منهنجي آسپاس يا فئملي ۾ رهندڙ ٻين وٽ ان کان مٿي ته ناهي. مٿي ته ڇا برابري جو آهي به هو فرسٽريشن جو شِڪار ٿيو وڃن. جنهنجو حل پوءِ گهڻو ڳالهائي باهه ڪڍڻ ۾ سمجهن ٿيون ۽ کين لڳي ٿو سندن دل جو بار هلڪو ٿيو. گِلا جو وڏو فائدو کين اهو به ٿئي ٿو ته سندن تائيد (جيڪا پڻ هڪ عورت ئي ڪري ٿي) سان پاڻ سان ظُلم هُجڻ جوڄڻ ته سرٽيفڪيٽ ملي ٿو جنهن سان هو رليڪس ٿيو پون. هي وجهه مختلف طبقن جي عورتن ۾ خواهشن جي مختلف ليول موجب هُجي ٿي. هڪ ڳوٺاڻي عورت وٽ گهر کي چوديواري بجاءِ لوڙهو آيل هُجڻ جي محرومي کان وٺي شهري عورت جي گهر ۾ لڳل لکن جي جهومر جي رنگ جو گهر جي رنگ سان مئچ يا صحيح ڪنٽراسٽ نه هُجڻ تائين ٿي سگهي ٿو. پر ٻنهي جي دل ۾ محرومي جو ماپو ڪرڻ جو ڪو اوزار هُجي ها ته هڪ ئي جاءِ تي ڪانٽو بيهاريل ڏيکاري ها. انهيءَ سان ئي لاڳاپيل هڪ مسئلو جنهنجو مٿي به مثال آيو ته اها انسان جي فطرت آهي ته ڪو به پنهنجو مسئلو يا پاڻ سان ٿيل ظلم جي ڳالهه ڪندو ته اسان جلدي ۾ ذهن ڊوڙائيندا آهيون ته ڪٿي ساڳي ڳالهه اسان سان به ته ناهي ٿي. جي ٿي آهي ته فوري ٻُڌائبي پر جي نه ٿي هوندي ته ڪنهن ننڍي ڳالهه کي گهُمائي ڦيرائي ان ۾ وڌاءُ ڪري اهڙي نموني پيش ڪبو جو اڳئين کي باور ڪرائجي ته اهو ظلم رُڳو توسان ناهي پر مون سان به آهي. پر ڪوڙ ته ڪوڙ آهي. ان کي ٺاهڻ لاءِ ڪنهن لاءِ ڪو مغالطو يا نسورو ڪوڙ هڻڻ جو سهارو به وٺڻو پوي ٿو. جيڪو ٻُڌندڙ ان وقت ته ٻُڌي ٿو پر جڏهن ان جو اقتباس وٺي اصل ڌڻي تائين پُهچائي ٿو ته هو حيران ٿيو وڃي ته مون بابت ايڏو وڏو ڪوڙ ڇو ڳالهايو ويو؟ ايئن بدگُمانيون جنم وٺن ٿيون ۽ ڳالهيون جهيڙن تائين پُهچيو وڃن. هاڻ ان مسئلي جي حل لاءِ مختلف آپشنز تي سوچيندي سماجياتي ماهرن جي راءِ اها بيٺي آهي اوهان ٻن قسمن جي ماڻهن ۾ شُمار ٿي سگهو ٿا. يا ته اوهان گلا ڪريو نه ٿا ۽ پسند به نه ٿا ڪريو يا اوهان ۾ اها عادت آهي پر وڃي نه ٿي. پهرين صورت ۾ اوهان کي گهُرجي ته گِلا خور کي وائکو ڪريو. بار بار کيس اهو احساس ڏياريو ته تون گِلا پيو ٿو ڪرين انهيءَ کان باز اچ. سندس ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪجي ته بهتر. پر اهو سڀ تڏهن ڪبو جڏهن هڪ ڌُر سمجهو هُجي ۽ ٻي کي سمجهائڻ جي موڊ ۾ هُجي. پر اوهان جو شُمار ٻي قسم ۾ آهي ته اهڙي صورت ۾ اوهان جي اڳيان جڏهن به ڪو گِلا ڪري ته اهو نه وساريو ته اڄ هو ٻي جي گِلا اوهان جي سامهون ڪري ٿو يا ڪري ٿي ته اُن جي اڳيان اوهان جي به گلا ڪندو يا ڪندي. ساڳي وقت اهو به ڌيان ۾ رهي ته عادت کان مجبور اسان سندس ڳالهه ۾ وزن پئدا ڪرڻ لاءِ جيڪو پنهنجي مثال ڏيئي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته، ها برابر اهو اسان سان به ٿيو ته ان مهل هڪ دفعو ضرور سوچجي ته ڪٿي اسان ڪوڙ ته نه پيا ڳالهايون؟ ڇا اسان گِلا ڪندڙ سان تائيد جي چڪر ۾ ڪنهن اهڙي ماڻهو بابت مغالطه آرائي ته نه پيا ڪريون جو ان سان ان ماڻهوءَ کي سڀاڻي تڪليف پُهچي. بس هڪ دفعو اهو سوچڻ جي عادت پئجي وڃي ته گلا جي عادت مان ڪافي حد تائين جان ڇُٽي پوندي. 3295 اٽيچمينٽ ڏسو
هههه حقيقتون بيان ڪيون آهن ادا جن کان انڪار ناهي عورت گهڻي جذباتي هوندي آهي هو اڪثر پنهنجي خيالن کي ٻين جي گلا جي سهاري سامهون آڻيندي آهي ڇو ته وٽس ايتري همٿ نه هوندي آهي هو سڌو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري
تمام زبردست موضوع ۽ حقيقت بيان ڪئي اٿو. عورتون لازمي ناهي بيوٽي پارلر ۽ سس ننهن جي پُراڻي گلا ڪَن، هاڻ دور مٽجي ويو آهي عورتون ٻين عورتن جا پِرڪار (لڇڻ) کولي ٻڌائڻ کان به نٿيون رهن، پو ڀلي مينهن سڄي ڪاري هُجي پر ڍڳي جي نالي چوندي ته اها پُڇ ڪاري اٿوَ..